شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

ماسڪ نه پائڻ تي ڏنڊ ۽ ملڪ ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو اعلان؛ ذريعا


شام 03 لڳي 28 منٽ -خميس 18 جون 2020 

image-1

ملڪ ۾ ڪورونا وبا کان بچڻ لا ماسڪ پائڻ واري عمل کي يقيني بنائڻ لا قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو فيصلو اڄ کان لاڳو ڪيو ويندو.

ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب جون کان وٺي آگسٽ تائين پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا پکڙجڻ ۾ تيزي جو انديشو ظاهر ڪندي حڪومت سموري ملڪ ۾ 144 وارو قلم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن هيٺ سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي سخت هدايتون ڏنيون وينديون ۽ ماسڪ نه پائڻ وارن خلاف کين قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو اختيار به هوندو.

144 قلم جي خلاف ورزي تي حڪومت ڏنڊ ۽ جيل جي سزا جو پڻ اعلان ڪيو آهي. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ هو ته رش وارين جاين تي ماسڪ نه پائڻ جي صورت ۾ 500 رپيا ڏنڊ هنيو ويندو، انهن جاين تي ٿڪڻ جو ڏنڊ به 500 رپيا هوندا، اهڙي ريت ڪنهن به دڪان ۾ ماسڪ منهن تي نه پائڻ تي دڪاندار تي 2000 رپيا ڏنڊ هنيو ويندو، ڪاروبار دوران سماجي فاصلو نه رکڻ تي به 2000 ڏنڊ هنيو ويندو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته 144 قلم پبلڪ ٽرانسپورٽ   تي پڻ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ بس ۾ سفر دوران ايس او پي تي عمل نه ڪرڻ 3000 ڏنڊ لڳندو ۽ ڪار تي 2000 ڏنڊ هنيو ويندو.

اهڙي ريت رڪشا ۽ موٽر سائيڪل تي 500 ڏنڊ هنيو ويندو. ذريعن جو چوڻ هو ته اهڙي نوٽيفيڪشن جلد ئي جاري ڪيو ويندو ۽ سڀني ضلعن جي ڊي سي تي ذميواري هوندي ته ان کي لاڳو ڪيو وڃي.