شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

ڄامشوري ۾ ناليواري محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر اللھ رکيو ٻُٽ جو 73 ھون جنم ڏينھن ملھايو ويو


شام 12 لڳي 51 منٽ -سومر 01 جولاءِ 2019 

image-1

ناليواري محقق ۽ تعليمدان ڊاڪٽر الھرکيو ٻٽ جي 73 ھين سالگرھ ڄامشورو ۾ 30 جون تي ملھائي وئي ـ سنڌ يونيورسٽي ڪو آپريٽو ھائوسنگ سوسائٽي ۾ سندس گھر تي رٿيل تقريب جي صدارت ناليواري ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مرتضي ڌاريجو ڪئي ـ جڏهن ته ناليواري ليکڪ ناول نگار شوڪت شورو  ناليواري تحقيقڪار ۽ ناول نگار ڊاڪٽر محمود مغل مھمان خاص طور شرڪت ڪئي ـ

مرحوم جي وارثن ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ سنڌ يونيورسٽي طرفان رٿيل سالگرا تقريب ۾ ناليواري ليکڪ ۽ تعليمدان فھيم نوناري ـ ناليواري ليکڪ خدا بخش جويو ـ ناليوارن شاعرن علي آڪاش ـ عمر تيوڻو ـ ايڇ ايم چانڊيو ـ يونيورسٽي جي آفيسر ايسوسي ايشن جي اڳواڻ غلام نبي ڪاڪا ـ مشھور ماحوليات ماھر ناصر پنھور ـ عبدالله بروھي ـ ناليواري ڪمپيئر صداقت سمون ـ ليکڪ محمد يوسف جويو ـ ايڊوڪيٽ امير بخش ڇڇر سوڌو مرحوم جي خاندان جي ماڻهن ـ مرحوم جي دوستن ـ اديبن ـ سنڌ يونيورسٽي جي آفيسرن ـ استادن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ـ

ان موقعي تي صدارت ناليواري ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر غلام مرتضي ڌاريجو چيو ته ڊاڪٽر الھرکيو ٻٽ ھر دلعزيز شخصيت ۽ شفيق انسان ھو سندس سنڌي ٻولي ۾ جيڪو ڪم ڪيل آهي ان کي دنيا جي ماڻهن لاء انٽرنيٽ تي آندو وڃي .

ان کان اڳ ناليواري ليکڪ ناول نگار شوڪت شوري چيو ته ڊاڪٽر الله رکيو وڏو تاريخ نويس ـ عالم ۽ محقق ھو ھن جيڪو به ڪم ڪيو لاثاني ۽ لافاني آهي سندس 1843 کان 1947ع تائين شايع ڪيل ڪتابن جي ببلوگرافي وارو تاريخي ھو سندس ڪيل وڌيڪ ڪم کي درجابندي ڪري محفوظ ڪيو وڃي ـ

ناليواري تحقيقڪار ۽ ناول نگار ڊاڪٽر محمود مغل ڳالھائيندي چيو ته پروفيسر الله رکيو ٻٽ ھڪ فرد ۾ لائبريري سمايل ھو ھن نه رڳو پنهنجي شاگردن پر علم جي اڃايلن جي اڃ اجھائي ـ سندس ڪيل نصيحتون اڄ به اسان جي رھنمائي ڪري رھيون آهن پنهنجن کي ياد رکڻ سٺي روايت آهي ـ

ماحوليات ماھر ناصر پنھور ڳالھائيندي چيو ته ڊاڪٽر ٻٽ سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي تاريخ لکي ھڪ وڏو ڪم ڪيو ـ پاڻ سٺو ترجميڪار پڻ ھو سندس ناياب ڪتابن کي فوري طور تي ٻيھر شايع ڪرايو وڃي ـ

ڊاڪٽر الله رکيو جي پٽن لمس جي آفيسرز ايسوسي ايشن جي اڳواڻ محمد عثمان ٻٽ ـ سنڌ يونيورسٽي جي آفيسر نديم ٻٽ ۽ ناليواري ناول نگار ۽ صحافي ڪليم ٻٽ ڳالھائيندي چيو ته بابا گهڻ رخي شخصيت ھئي بحيثيت والد اسان جي استاد ۽ دوست جيان ھو ـ ھن اسان کي پنهنجي ذات کان وڌ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌ واسين جي خدمت ڪرڻ جا درس ڏنا ـ دوست ٻڻجي اسان جي خوبين ۽ خامين جي پيار واري انداز ۾ نشاندھي ڪري پنهنجائپ جو احساس ڏياريو ـ

تقريب کي فھيم نوناري ـ محمد يوسف جويو ـ زاھد ڌاريجو ـ محمد ڪمال ميمڻ ـ صداقت سمون ـ رستم علي بروھي ۽ ٻين خطاب ڪندي کيس لفظن جي زبردست ڀيٽا پيش ڪئي