شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

سنڌي ٻولي جي نرالي ليکڪ موهن ڪلپنا جي 28 هين ورسي ڄامشورو ۾ ملهائي ويندي


شام 01 لڳي 43 منٽ -خميس 18 جون 2020 

image-1

سنڌي ٻولي جي مشهور ليکڪ ۽ اديب موهن ڪلپنا جي 28 هين ورسي 19 جون تي ڄامشورو ۾ ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

موهن ڪلپنا سنڌي ٻولي جو نرالو تخليقڪار هو، سندس جنم هاڻوڪي ڄامشورو جي هيڊ ڪائوٽر ڪوٽڙي ۾ ٿيو، هن زندگي جا ڪيترا ئي حسين پل هن شهر ۾ گذاريا، جتي سندس ويجهو دوست ۽ مشهور سنڌي ڪهاڻيڪار علي بابا پڻ ڄائو.

سنڌ جو هي نرالو ليکڪ 22 نومبر 1930ع تي ڄائو، پاڻ شاعري ۽ نثر سان گڏ  ڊراما نويسي ۽ ناول نگاري ۾ پاڻ مڃرايو.

سندس ناولن ۾ آواره، لگن، عورت، ماءُ، رُڃ ۽ پاڇا، جلاوطني مشهور ناول آهن، جن مان عورت رومانوي ناول آهي، پاڻ ڪيترا ننڍا وڏا ناٽڪ به لکيا جن مان اصلوڪو ننڍو ناٽڪ جهُڪندڙ اوچيون مشھور آھي، جڏهن ته ٻين مشهور ڪتابن ۾ سمنڊ ۽ ڪانءُ، پيار جي پڇاڙيء  وشواس ۽ سندس آتم ڪٿا بک، عشق ۽ ادب  شامل آهن. موهن ڪلپنا جي لکڻين جو محور سماجي اڻ برابري، ناانصافي، بک، غربت، بيوسي ۽ غلامي هو، عاشق موهن ڪلپنا 19 جون 1992ع وفات ڪئي.