شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

باليووڊ اداڪار سشانت راجپوت آپگهات ڪري ڇڏيو


شام 03 لڳي 57 منٽ -آچر 14 جون 2020 

image-1


پي ڪي، ايم ايس ڌوني ۽ ٻين ڪيترين ئي فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندڙ 34 سالن جي باليووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت آپگهات ڪري ڇڏيو آهي. سندس آپگهات کان ٻه ڏينهن اڳ هن جي اڳوڻي مينئجر 28 سالن جي ڊيشا سالن به گهر جي عمارت تان ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو هو.

سشانت سنگهه راجپوت 2013ع ۾ فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي، هن فقط هڪ درجن فلمن ۾ ڪم ڪيو هو. سشانت سنگهه راجپوت جي پهرين فلم ڪائي پوڇي هئي، جڏهن ته کيس سڀ کان وڌيڪ شهرت عامر خان واري فلم پي ڪي مان ملي هئي، جيڪا 2014ع ۾ رليز ٿي هئي. جنهن کان پوءِ سندس ٻي فلم ايم ايس ڌوني رليز ٿي هئي.

ڀارتي اخبار انڊيا ٽو ڊي موجب 34 سالن جي سشانت سنگهه راجپوت جو ڦاهو مليل لاش رياست مهاراشٽر جي راڄڌاني ممبئي ۾ سندس رهائش گاهه تان مليو. رپورٽ ۾ پوليس جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ويو آهي ته شروعاتي جاچ مان خبر پئي آهي ته سشانت سنگهه راجپوت ڊپريشن جي ڪري آپگهات ڪيو آهي، جڏهن ان حوالي سان وڌيڪ جاچ جاري آهي.