شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

ڪراچي ۾ کنڀي گم ڪيلن جي حق ۾ 13 هين ڏينهن به احتجاج جاري


شام 08 لڳي 12 منٽ -ڇنڇر 13 جون 2020 

image-1

سنڌ جي راڄ ڌاني ڪراچي ۾ نئون نياپو جي سرواڻ سنڌي انعام اڄ 13 هين ڏينهن به کنڀي گم ڪيل سياسي ڪارڪنن جي بازيابي لا ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪيو.

تفصيل موجوب نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ سنڌي انعام اڄ 13 هين به سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن بينر جهلي احتجاج ڪيو، بينر تي کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي تصويرن سان گڏ ڊاڪٽر عرفانه ملاح ۽ پروفيسر ساجد سومرو جون تصويرون پڻ لڳل هيون، جن کي ڪجهه ڏينهن اڳ مذهبي تنظيمن پاران توهين مذهب جي حوالي سان نشانو بڻايو ويو.

ان حوالي سان سنڌي انعام جو چوڻ هو ته مان مطلبو ٿو ڪريان ته سنڌ ۾ کنڀي گم ڪيل نوجوانن کي جلد کان جلد ظاهر ڪري سندن گهرن وارن سان ملايو وڃي، کنڀي گم ٿيلن جا وارث هر وقت جي عذاب ۾ زندگي گذاريندا آهن.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن کي بنا جواز جي کنڀي گم ڪرڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي ۽ اهڙي عمل جي وڌ کان وڌ مذمت ڪجي ٿي.

سندس چوڻ هو ته اهي نوجوان نه ڏوهاري آهن نڪو ئي وري ڪي دهشتگرد آهن، اهي سياسي ۽ قومي ڪارڪن آهن جن کي هڪ سازش هيٺ کنڀي گم ڪيو پيو وڃي.

ڊاڪٽر عرفانه ملاح ۽ پروفيسر ساجد سومرو جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته سنڌ کي هڪ منظم سازش هيٺ مذهبي انتها پسندي جي باهه ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي، هڪڙي پاسي سنڌ جي هندو نياڻين جا زبردستي مذهب مٽايا پيا وڃن ته ٻئي پاسي روشن خيال ماڻهن تي توهين مذهب جا الازام پيا هنيا وڃن، جيئن سنڌي ماڻهو سندن حقيقي مسئلن جي حوالي سان جدوجهد ڪرڻ بدران انهن ئي مسئلن ۾ ڦاتا پيا هجن.

هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هن وقت سنڌ ۾ حقيقي سياسي قيادت بدران سنڌ جي سياسي قيادت بلاول ڀٽو زرداري، صعنان ۽ راشد محمود سومرو جهڙن ٻارن جي هٿ ۾ آهي.

سنڌي انعام پاڻ به لڳ ڀڳ 18 مهينن تان کنڀجي ويو هو، کيس يونيورسٽي روڊ تان سادا ڪپڙا پهريل هٿياربندن ان وقت کنڀيو هو جڏهن هو سندس ڌي کي ڪراچي يونيورسٽي ڇڏڻ آيو هو.