شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 23 - اپريل - 2019ع

سريلنڪا ۾ 7 بم ڌماڪا، 156 ماڻهو مارجي ويا

تازھ ترين

سيڊا چيئرمين جي عالمي بئنڪ جي نمائندي سان گڏجاڻِي، آبپاشي مسئلن جي حل لاءِ منصوبابندي تي اتفاق


شام 09 لڳي 28 منٽ -ڇنڇر 30 مارچ 2019 

image-1

حيدرآباد: سنڌ اريگيشن اينڊ ڊرينيج اٿارٽي جي چيئرمين انجنيئر عبدالباسط سومرو چيو آهي ته سيڊا آبپاشي جا اختيار هيٺين سطح تي منتقل ڪري آبادگارن کي با اختيار بڻايو آھي، هن وقت سيڊا جي حدن ۾ ساڍا 3 سو آبادگار تنظيمون پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهيون آهن، اهڙو اظهار هن هڪ ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ عالمي بئنڪ جي نمائندي ٽورو ڪنوشي سان گڏجاڻي دوران ڪيو، سيڊا چيئرمين وڌيڪ چيو ته ساڍا 3 سو آبادگار تنظيمن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ کين آبپاشي جي سڌارن واري پروگرام جو حصو بڻائڻ ڪو آسان ڪم نه هو پر سيڊا جي ٽيم اهو ڪم ڪري ڏيکاريو.

عبدالباسط سومرو وڌيڪ چيو ته سيڊا هن وقت سنڌ حڪومت ۽ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ واٽر سيڪٽر امپروومينٽ پراجيڪٽ (وسپ) ۾ گهوٽڪي فيڊر ڪينال، نارا ڪينال، مٺڙائو ڪينال ۽ ڦليلي ڪينال جي بحالي جا ڪم مقرر مدي ۽ لاڳت ۾ مڪمل ڪرايا آھن.

جنهن جو پڇڙي تائين پاڻي جي پهچ ۾ بهتري جي صورت ۾ اچي رهيو آهي. سيڊا چيئرمين وڌيڪ چيو ته وسپ جي ڪمن کانپوءِ کپرو ڪينال جي نور واهه، مٺڙائو جي دوسو شاخ، رڻ شاخ سميت 30 کان وڌيڪ شاخن 20 سالن کانپوءِ پڇڙي ڪئي آهي. سيڊا چيئرمين وڌيڪ چيو ته وسپ ۾ سمورا ڪم مقرر مدي ۽ لاڳت اندر مڪمل ڪرائڻ ۾ به سيڊا پاڻ ملهايو آهي.

ان موقعي تي عالمي بئنڪ جي ٽاسڪ ٽيم ليڊر ٽورو ڪنوشي چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، جنهن جا زراعت تي هاڃيڪار اثر پئجي رهيا آهن، جيڪڏهن ان جي لاءِ منصوبابندي نه ڪئي وئي ته مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو.

هن چيو ته عالمي بئنڪ پاڻي منصوبن لاءِ 3 سو ملين ڊالر قرض بنان وياج جي ۽ آسان شرطن تي وفاقي حڪومت معرفت سنڌ کي ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته وڌيڪ 3 سو ملين ڊالرز پڻ ڏنا ويندا ته جيئن سنڌ حڪومت، پاڻي جي زيان کي روڪي سگهي ۽ پاڻي جي صحيح استعمال، گهٽ استعمال سان وڌيڪ زرعي اپت حاصل ڪرڻ سميت پاڻي سان لاڳاپيل مسئلن کي منهن ڏئي سگهي. عالمي بئنڪ جي نمائندي چيو ته عالمي بئنڪ جو قرض 35 سالن لاءِ آهي، جنهن ۾ شروع وارن 10 سالن کانپوءِ پاڪستان جي حڪومت واپس ڪندي.

هن چيو ته پاڻي جي اسڪيمن کانسواءِ عالمي بئنڪ سنڌ حڪومت کي 50 ملين ڊالر گرين ڪلائيمينٽ لاءِ گرانٽ ڏيندي، جنهن جي ذريعي ماحولياتي تبديلن کي منهن ڏيڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ کي يقيني بڻايو ويندو. ٽورو ڪنوشي چيو ته سيڊا طرفان آبادگارن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ کين آبپاشي جا اختيار منتقل ڪرڻ وارو ڪم تعريف لائق آهي، جڏهن ته سيڊا جي سموري ٽيم وسپ ۾ بهترين ڪم ڪري ان کي وقت تي مڪمل ڪري آبپاشي نظام کي نئين زندگي ڏني آهي.

ان موقعي تي عالمي بئنڪ جي نمائندي آبپاشي سڌارن کي تيز ڪرڻ سميت پاڻي سان لاڳاپيل سمورن مسئلن جي حل لاءِ سيڊا چيئرمين کي مدد ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته سيڊا چيئرمين جو آبادگارن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪينالن جا دورا ڪري آبادگار تنظيمن سان گڏجاڻيون ڪري سندن مسئلا موقعي تي حل ڪرڻ وارو عمل ساراهه جوڳو آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سيڊا چيئرمين ائين ئي آبپاشي نظام سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪرڻ لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو رهندو.

سيڊا چيئرمين پڻ کيس مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائيندي مستقبل ۾ لاڳاپا مضبوط بنائڻ ۽ پاڻي جي حوالي سان وقت ۽ حالتن جي ضرورت جي مطابق منصوبابندي سان گڏوگڏ لاڳاپيل معاملن جي ڄاڻ جي مٽا سٽا وارو عمل جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. گڏجاڻِي ۾ پراجيڪٽ ڪو آرڊينيٽر وسپ نذير مغل، سيڊا جو سيڪريٽري خرم عزيز شيخ، چيئرمين سيڊا جو ايڊمن آفيسر عبدالسليم لغاري ۽ سيڊا ترجمان حزب الله مڱريو پڻ موجود هئا.