شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

سنڌي ٻوليءَ جو برک اديب ۽ ڊراما نگار عبدالقادر جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو


شام 09 لڳي 12 منٽ -سومر 30 مارچ 2020 

image-1

سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو اديب ۽ ڊراما نگار عبدالقادر جوڻيجو ڊگھي بيماري کانپوءِ اڄ ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

خبر موجوب سنڌي ٻوليءَ جو ناليوارو ليکڪ ۽ ڊراما نگار عبدالقادر جوڻيجو ڊگھي بيماري کانپوءِ اڄ 75 سالن جي ڄمار ۾ سندس ڄامشورو واري گھر تي وفات ڪري ويو، کيس وڏي عرصي کان نيورو جو مسئلو ھو.

جڏھن تھ ڪجھ عرصو اڳ ڊاڪٽرن سندس آپريشن ڪرڻ کان منع ڪيو ھو. ھن ڪيترا ئي سپر ھٽ ڊراما لکيا ۽ انگريزي ناول دي ڊيڊ ريور سڌو ڏھن کان مٿي ڪتاب پڻ لکيا.

سندس ادبي خدمتن جي ڪري کين سال 2008 ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ۽ سال 2016 ۾ لطيف ايوارڊ پڻ مليو. ھو سنڌالاجي جا ڊارئڪٽر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جا چئيرمين پڻ رھيو. ان حوالي سان سندس ويجھي دوست ۽ برک ڪھاڻيڪار شوڪت شورو قدر صاحب جي اھڙي اوچتي وفات تي ڏک جو اظھار ڪندي ان کي سنڌي ادب جو وڏو نقصان قرار ڏنو آھي.