شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

ڪرونا واري وبا به ڄامشوري جي ڏوھارين کي نه روڪي سگھي، ھڪ ئي رات ۾ ڦر ۽ چوري جا ٻه واقعا


شام 01 لڳي 38 منٽ -جمعو 20 مارچ 2020 

image-1

جتي سنڌ سميت سموري دنيا ھن وبائي دور مان گذري رھي آھي، ٻئي پاسي ڄامشورو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڏوھن ۾ تيزي سان واڌ ٿي آھي، ھڪ ئي ڏينھن ۾ موٽر سائيڪل ڦر ۽ چوري جون ورداتون ٿي ويون.

ان حوالي سان پيچرو کي مليل ڄاڻ موجب سينئر صحافي ۽ سنڌ يونيورسٽي ملازمن جي نمائيدا تنظيم سيوا اڳواڻ غلام رسول چانڊيو جي پٽ غلام مرتضي' چانڊيو کان حيدرآباد کان ڄامشورو ويندي بائي پاس عبدالله شاپنگ مال وٽ ٻـ نامعلوم 125 موٽرسائيڪل سوار ڦورو يرغمال بڻائي موبائل ۽ ست ھزار ڪيش ڦر ڪري حيدرآباد طرف فرار ٿي ويا، مذاحميت ڪرڻ تي وحشياڻو تشدد پڻ ڪيو ويو جنھن بعد متاثر نوجوان نسيم ننگر ٿاڻي تي اھڙي واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ڪرائي آھي.

جڏھن تـ اھڙي واقعي جو حيدرآباد ايس ايس پي کي نوٽيس وٺڻ جي گھر پڻ ڪئي وئي آھي. رابطو ڪرڻ تي غلام رسول چانڊيو ٻڌايو تـ منھنجو وٽ حيدرآباد کان گھر اچي رھيو ھو تـ موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن کيس يرغمال بڻائي ڦر ڪري ويا آھن اسان جي ڪنھن سان ڪا ذاتي دشمني ناھي صرف ڦورن ڦر ڪرڻ جي نيت سان ڦر ڪري ويا آھن ھن جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

ٻي پاسي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي واسي منصور ھاليپٽو جي 100 موٽر سائيڪل چوري ڪري فراري ٿي ويا. ان حوالي سان منصور ھاليپٽو پيچرو سان ڳالھائيندي ٻڌايو تھ ھو ڪالھ رات گھر جي در ٻاھران بيھاري گھر اندر ويو، ٻاھر موٽي آيو تھ سندس موٽر سائيڪل گم ھئي، جانچ ڪرڻ تھ کيس خبر پئي تن سندس موٽر سائيڪل چوري ٿي ڇڪي آھي. اھڙي واقعي جي ڄامشورو ٿاڻي تي رپورٽ پڻ لکرائي آھي.