شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

سنڌي ٻولي جو ناليوارو صحافي جعفر ميمڻ دل جو دورو پوڻ ڪارڻ حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو


صبح 12 لڳي 03 منٽ -سومر 09 مارچ 2020 

image-1

صحافت ۾ جدت آڻيندڙ ۽ نوجوان نوَن صحافين کي صحافت جا گُر سيکاريندڙ پريس ڪلب حيدرآباد جي اڳوڻي صدر ۽ روزاني سنڌ اخبار جي ايڊيٽر ۽ ارڏي صحافي جعفر ميمڻ اڄ دل جو دورو پوڻ ڪري حيدرآباد ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

خبر موجب سينيئر صحافي محمد جعفر ميمڻ 56 سالن جي عمر ۾ دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. هو وڏي عرصي کان بيمار هو. کيس 2 دفعا اڳ ۾ به دل جو دورو پئجي چڪو هو. ٽيون ڀيرو پيل دل جو دورو سندس زندگي لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيو ۽ هو سنڌ واسين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.

محمد جعفر ميمڻ لاڙڪاڻي ۾ پيدا ٿيو. اتان ئي هن تعليم ورتي ۽ 30 سال اڳ حيدرآباد ۾ اچي قيام ڪيو، جتي هو ڪيترن ئي اخبارن ۾ نيوز ايڊيٽر ۽ ايڊيٽر جي عهدن تي رهيو. جعفر ميمڻ 4 سال ريڊيو وائيس آف سنڌ لنڊن جو اڳوڻو ڊائريڪٽر نيوز ۽ پريس ڪلب حيدرآباد جو صدر پڻ رهيو. هن پنهنجي زندگي جو وڏو عرصو صحافت کي ارپيو ۽ هڪ متحرڪ صحافي جي حيثيت ۾ پاڻ مڃرايو.

جعفر ميمڻ قاسم آباد جي واڌو واهه واري علائقي ۾ بسم الله ٽاور ڀرسان رهائش پذير هو. سندس مڙهه لاڙڪاڻي نيو ويو آهي، جتي سومر ڏينهن شاهه بهار ڪالوني جي علائقي ۾ جنازي نماز بعد مڙهه دفنايو ويندو. صحافي جعفر ميمڻ 4 نياڻيون، 3 پٽ محمد معشوق ميمڻ، محمد ظفر ميمڻ ۽ مظفر ميمڻ کانسواءِ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏي آهي. سندس وفات تي صحافين ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي.