شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 27 - مئي - 2020ع

ڄامشوري جي سڀني يونيورسٽين جو ٽرنسپوٽر ھڪڙو ئي آھي ۽ اڄ پنجون نوجوان سندس کٽارا گاڏين ھيٺ اچي اجل جو شڪار ٿيو آھي: ڊاڪٽر عرفانھ ملاح


صبح 01 لڳي 28 منٽ -اڱارو 11 فيبروري 2020 

image-1

سنڌ يونيورسٽيءَ جي استاد تنظيم سوٽا جي اڳواڻ ڊاڪٽر عرفانھ ملاح مھراڻ يونيورسٽيءَ جي شاگرد شايان شاھ جي پوائنٽ بس ھيٺان چڀاٽجي فوت ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي تي بيان ڏيندي چيو تھ ڄامشوري جي سڀني يونيورسٽين جو ھڪ ئي ٽرانسپورٽر آھي ۽ اڄ ھي پنجون نوجوان آھي جيڪو ھنن گاڏين ھٿان اجل جو شڪار ٿيو آھي ,پر ھن ٽرانسپورٽر کي نه لھر نه لوڏو.

ھن جو چوڻ ھو تھ ان کان پھرين سنڌ يونيورسٽيءَ جا چار نوجوان انھن کٽاري بسن جي نشئي ڊارئيورن جي ڪري ڦوهه جواني ۾ فوت ٿي ويا آھن .پر اسان جا جا ادارا ايترا ته يرغمال ٿيل آھين جو انھي ٽرانسپورٽر کي نه ڏنڊ وڌو ويو نه ئي ڪنھن ڊرائيور کي ڪا سزا آئي.

سندس چوڻ ھو تھ اسان جا جي ھزارين نوجوانن جي ڪا انشورنس به نه آھي , جي انھن قاتل بسن ھٿان ڪو نوجوان زخمي ٿئي يا زندگي وڃائي ويھي تي ڪو انھن جو ازالو ٿي سگهي. جڏھن ھڪ بس روزانه پنج ھزار ھڪ ڦيري جا وٺي ٿا ۽ ٽنھي يونيورسٽين کان ڪروڙن ۾ منافعو آھيو ٽرانسپورٽر ڪمائي ٿو.

انھن يونيورسٽين جي انتظاميه کي گھٽ ۾ گھٽ شاگردن جي انشورنس ته ڪرائڻ گھرجي انھن جي جان جي تحفظ جو ڪو ته بندوبست ته ھجڻ گھرجي. جڏھن ھنن کي پيسا ڀري ڏيا پوندا ته شايد نشئي ڊارئيور نه رکندا .نه ته پراوا ٻچا ماري ھنن کي ڪھڙي پرواه ،نہ ئي ھنن جي گھرن جا ڏيئا وسايہ نه ئي خيسي مان ٽڪو نڪتو.

ھي ٽرانسپورٽر ھڪ مافيا آھي ، عشرت العباد جي دور ۾ ايم ڪيو ايم جي زور تي ھن کي سڀني يونيورسٽين جا ٺيڪا دنيا ويا. گذريل پندرهن ،ڏھن سالن کان ھن ٽرانسپورٽر کي ڄامشوري جي سڀني يونيورسٽين اندر پرائيويٽ بسون جو ٺيڪو ڏنو وڃي ٿو.

ھڪ ئي بس ٽنھي يونيورسٽين جا شاگرد کڻندي آھي، پر پيسا ھر يونيورسٽيء کا الگ چارج ٿيندا آھن . بس کڻي ڪوٽڙي کان ھلي يا ھوسڙي کان ،کڻي پنج ڪلوميٽر ھلي يا ھڪ پر پيسا ساڳيا پنج ھزار ئي وٺندي. انکانپوءِ سنڌ يونيورسٽين کي بس في چڪر ، ھڪ اڳھ تي ، مھراڻ ن کي ٻي اگھ تي ته واري لياقت يونيورسٽي کي ٽين اگھ تي. ھن ساڳي ئي ٽرانسپورٽر تازو سنڌ يونيورسٽي جي زمين تي غير قانوني قبضو ڪري پيٽرول پمپ ٺاھڻ شروع ڪيو، جنھن جي خبر ملازمن کي پئجي وئي جن يونيورسٽي جي مالڪي ڪندي ڪم بند ڪرايو . مجبورن سنڌ يونيورسٽي جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ به پھتو جن ڪم روڪرايو . پر اڄ ڏينھن تائين نه ھنن تي غير قانوني قبضي ڪرڻ جي ايف آ آر رجسٽر ٿي نه ئي سنڌ يونيورسٽي انتظاميه ھن جو ٺيڪو رود ويو نه ئي ڪا ٻي ڪاروائي ڪئي .

سوني تي سهاڳو آھيو ته گذريل ٻن سالن کان سنڌ يونيورسٽي اندر ھن ٽرانسپورٽر کي بغير ڪنھن قانوني گھرجن يعني اشتھار ۽ ايس پي پي آر جي گھرجن جي بسون جي ئي ھلائي پيو .

ٻيو ھر سال ان جو اگھ به وڌايو ويو. ھنن لاء نه ڪو قانون نه ئي ڪو پچڻ وارو . لطيف باد ست نمبر ۾ ويسپہ موٽر سائيڪل ھلائڻ وارو ،سنڌ جي تعليمي ادارن کي ڌاڙو ھڻي ،ارب پتي ٿي ويو . اھڙن کي شاگردن جي جان جو ڪھڙو قدر جيڪي ادارن کي ڄوئر وانگر چنبڙيل آهن. ھاڻي ته وي سي رکرائڻ جا ايڊوانس به پيسا به ٻڌو آھي آھيو ٽرانسپورٽر پيو ڀري جئين ھنن جا رستا صاف ھجن .