شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

ھاڻي انسانن جيان موبائيل بھ پگھر ڳاڙي پاڻ کي ٿڌو ڪري سگھندا: چيني سائنسدان


شام 01 لڳي 09 منٽ -خميس 23 جنوري 2020 

image-1

چيني سائنسدانن موبائيل فون کي ٿڌو رکڻ لءِ ھڪ نئون حل ڳولھي لڌو آھي، انسانن ۽ جانورن جي پگھر ڳاڙڻڻ واري صلاحيت کان متاثر ٿي چيني سائنسدانن موبائيل فون پڻ اھڙا تجربا ڪيا آھن جنھن سان موبائيل فون گرم ٿيڻ تي پگھر ڳاڙي پاڻ کي ٿڌو ڪندو.

ان حوالي سان سائنسدانن جست جي ھڪ پٽي ٺاھي آھي جيڪا انساني وار کان ٽي ڀيرا ٿلھي آھي، ھاڻي جيئن ئي موبائيل گرم ٿيندو تھ ان پٽي مان پاڻي ڳڙھندو جيڪو ان کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد ڪندو.

ڊيلي ميل جي ھڪ رپورٽ موجوب ان ۾ گئس آھي ۽ ان ٻاف ٿي ھوا ۾ اڏامي وڃڻ جي قابليت آھي ان ڪري جيئن موبائيل گرم ٿيندو تھ ھي پٽي ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي.

ھن پٽي کي ايجاد ڪندڙ سائنسدانن جو چوڻ آھي تھ فلحال ھي پٽي تما مھانگي آھي پر مستقبل ۾ اميد ڪري سگھجي ٿي تھ اھا سستي ٿي ويندي. ھي پٽي ٽيڪنالاجي سان لڳاپيل ھر شيءَ ۾ لڳي سگھي ٿي.