شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 27 - مئي - 2020ع

حيدرآباد ۾ پنجون اياز ميلو اڄ کان شروع


شام 10 لڳي 20 منٽ -ڇنڇر 21 ڊسمبر 2019 

image-1

حيدرآباد ۾ پنجون اياز ميلو شروع اڄ کان شروع ٿي ويو. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ حيدرآباد ۾ ڪيفي خانه بدوش تي رائيٽرز ڪيفي طرفان پنجن ڏينهن وارو اياز ميلو شروع ٿي ويو آهي.

اياز ميلي جو افتتاح ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ڪيو، ميلي ۾ دوران مختلف ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن، جڏهن ته آرٽ اينڊ ڊيزائن شعبي طرفان تصويرن جي پڻ لڳائي وئي آهي، جنهن ۾ شيخ اياز جي زندگي جون يادگار تصويرون رکيون ويون آهن.

ميلي جي پهرين ڏينهن تي آجياڻي واري تقريب ٿي، جنهن ۾ ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار حسين شاهه، لاهور کان آيل اديب ۽ ليکڪ احمد سليم، اصغر نديم سيد، شيخ اياز جي فرزند مونس اياز، تاج جويو، عرفانه ملاح، امر سنڌو، مدد علي سنڌي، ثقافت کاتي جي سيڪريٽري اڪبر لغاري، سنڌ ٻولي جي لينگيويج اٿارٽي جي سيڪريٽري شبنم گل سميت ٻين ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي.

تقريب دوران سيد سردار حسين شاهه ۽ ٻين خطاب ڪندي شيخ اياز جي زندگي تي روشني وڌي، ميلي جي پهرين رات آخر ۾ محفل اياز منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ناليوارن فنڪارن سُروکيريا.