شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 22 - فيبروري - 2020ع

ٽرڪش اسڪالرشپ لاء آنلائن اپليڪيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي. اپلاء ڪرڻ لاء وزٽ ڪيو https://tbbs.turkiyeburslari.gov.tr/

تازھ ترين

اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ ۽ سنگين غداري ڪيس ۾ موت جي سزا


شام 02 لڳي 33 منٽ -اڱارو 17 ڊسمبر 2019 
image-1


اسلام آباد: اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي آئين ٽوڙڻ ۽ سنگين غداري ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. جسٽس وقار سيٺ جي سربراهيءَ ۾ 3 رُڪني بئنچ تي ٻڌل خاص عدالت اڳوڻي آمر پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس تي شنوائي کانپوءِ اڪثريت راءِ سان فيصلو جاري ڪيو. ٻن ججن موت واري سزا جي فيصلي تي اتفاق ڪيو ۽ هڪ جج اختلاف ڪيو.
آرٽيڪل 6 آڌار غداري جي سزا موت
خاص عدالت جي مختصر فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پرويز مشرف تي آئين ٽوڙڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو آهي، آئين جي آرٽيڪل 6 تحت کيس موت جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي.
ڪيس جو پسمنظر
ياد رهي ته خاص عدالت 19 نومبر تي پرويز مشرف خلاف سنگين غداري ڪيس تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، پرويز مشرف شنوائين دوران لاڳيتو غير حاضر رهيو. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو 28 نومبر تي ٻڌائڻ جو به فيصلو ڪيو هو. اُن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي وفاقي سرڪار ۽ پرويز مشرف جي وڪيل فيصلو جاري ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو.