شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 11 - جولاءِ - 2020ع

ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو ٿيڻ سان ئي سنڌ ۾ به پوليو ختم ٿيندو: عذره پيچوهو


شام 07 لڳي 24 منٽ -سومر 16 ڊسمبر 2019 

image-1


سانگهڙ : صحت واري صوبائي وزير عذره پيچوهو چيو آهي ته ملڪ مان پوليو جو مڪمل خاتمو ٿيڻ سان ئي سنڌ ۾ به پوليو ختم ٿيندو. هن وقت سڄي ملڪ کان وڌيڪ ڪي پي ڪي جي حالت پوليو جي حوالي سان انتهائي خراب آهي. هن اهڙو اظهار اڄ سانگهڙ سول اسپتال ۾ 16 ڊسمبر کان 20 ڊسمبر تائين جاري رهندڙ پوليو مهم جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.

ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ مرزا ناصر علي ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا. صوبائي وزير عذره پيچوهو چيو ته پاڪستان ۾ پوليو جا ڪيس ظاهر ٿيڻ عالمي سطح تي ملڪ لاءِ شرمندگي جي صورتحال آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ سنڌ حڪومت صوبي ۾ پوليو مهم جي ڪاميابي جي لاءِ سنجيدگي سان ڪم ڪري رهي آهي هن عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پيارن ۽ حڪومت جي پوليو جي خاتمي وارين ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته هن سال سڄي ملڪ ۾ پوليو جا ڪيس وڌيا آهن ۽ اميد آهي ته ايندڙ سال ان تي مڪمل ضابطو آندو ويندو.

سول اسپتال سانگهڙ جي حوالي سان هڪ سوال تي هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته هن اسپتال کي جديد طرز جو بڻائي عوام کي صحت جون معياري سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

ان کان اڳ هن سول اسپتال ۾ ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياري پوليو مهم جو باقاعده افتتاح پڻ ڪيو.