شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 23 - اپريل - 2019ع

سريلنڪا ۾ 7 بم ڌماڪا، 156 ماڻهو مارجي ويا

تازھ ترين

سوٽا پاران ڊاڪٽر برفت خلاف تحريڪ جو اعلان سمورن مسئلن جو وائيس چانسلر ذميورا قرار


شام 11 لڳي 29 منٽ -جمعو 15 مارچ 2019 

image-1

ڄامشورو : سنڌ يونيورسٽي ۾ استادن جي نمائينده تنظيم سوٽا طرفان يونيورسٽي اندر استادن جو چاٽر آف ڊمانڊس تي عمل نه ٿيڻ تي اهم اجلاس اڄ ٿي گذريو. جنھن ۾سوٽا سيڪريٽري ڊاڪٽر عرفانه ملاح طرفان 18 مارچ سومر جي ڏينهن يونيورسٽي جي سمورين ڪئمپسز ۾ ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي انتظامي نااهلي خلاف بليڪ ڊي ملهائڻ جو اعلان ڪيو آھي.

ھن چيو تھ استادن جا مسئلا حل ٿيڻ جي حوالي سان ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي اهڙي ڪا به پاليسي نظر نٿي اچي. سموري فيڪلٽي سمجهي ٿي ته سنڌ يوينورسٽي جو وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت، وائيس چانسلر جي عهدي ته اهل ئي ناهي جيڪو سنڌ جي اھم ۽ وڏي اداري سنڌ يونيورسٽي کي هلائي سگهي.

ھن جو چوڻ ھو تھ وائيس چانسلر تي اينٽي ڪرپشن جي انڪوائري اچي ٿي ته رات و رات ڪورٽ مان اسٽي وٺي اچي ٿو. جڏهن تھ سنڌ يونيورسٽي جي هزارين ايڪڙ زمين تباهه ٿي رهي آهي ته سپريم ڪورٽ کي رجوع ڇو نه پيو ڪيو وڃي. ڊاڪٽر عرفانھ جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ ضلعي انتظاميا ڊي سي ڄامشورو، مختيارڪار يونيورسٽي جي استادن، آفيسرن، ملازمن کي مليل زمين جي چوديواري جو ڪم بند ڪرايو آهي. جڏهن ته يونيورسٽي انتظاميا کي گهرجي ته ضلعي انتظاميا سان ڳالهيون ڪري.

سوٽا وارن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ سنڌ يونيورسٽي اندر شديد مالياتي بحران وڌي رهيو. سنڌ حڪومت طرفان 2.5 پگهارن جي مد ۾ پيسا ڏنا ويا هئا. اڃا تائين استادن کي اهي نه ملي سگهيا آهن.

ھن جو وڌيڪ چوڻ ھو تھ شاگردن جو اچانڪ فيسون وڌايون ويون آهن ان تي به سوٽا ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته ڪهڙي فورم کان اپروول وٺي تعليمي اداري جون فيسون وڌايون ويون آهن.

هوڏانهن هاسٽلن ۾ اڃا تائين نون ٻارن جو لسٽون نه لڳايون ويون آهن. ھن چيو تھ بغير ڪنهن فارم جي بغير ڪنهن ست نمبر فارم جي ڪو به هي پلاٽ کپائي نٿو سگهي ڇو جو پلاٽن جي ملڪت يونيورسٽي آف سنڌ وٽ آهي. پلاٽن کي کپائڻ واري غلط پروپگنڊا هلي رهي آهي.