ڊي سي ڄامشورو فريد المصطفيٰ کي ٽائون ڪميٽي ڄامشورو جي چيئرمين وارو عهدو سنڀالڻ کي به ڪيترائي ڏينهن گذري ويا آهن پر شهر ۾ سڌارو نه اچي سگهيو آهي، شهر جا روڊ رستا توڙي گهٽيون ڪچرن جي ڍيرن ۽ ڊرينيج جي گندي پاڻي سان ڀريل آهن.
ڄامشورو شهر، آر بي بي ڪالوني، واپڊا ڪالوني، شاداب نگر، اسٽيشن پاڙو، سينڊوز روڊ، ڳوٺ عبدالله چاوڙو، سيوهاڻي محلو، بسم الله ٽائون، غريب آباد ڪالوني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ ڪچرن جا ڍير پيل آهن، جنهن کي کڻائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن، جڏهن ته ٻين علائقن سميت سينڊوز روڊ جو مک روڊ ڊرينيج جي گندي پاڻي سان ڀريل آهي، جنهنڪري ٽرانسپورٽرن توڙي رهواسين کي اچ وڃ ۾ سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي ٿو.