شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

عالمي موسمي تبديلي  ۽ ٿر جو ريگستان


صبح 11 لڳي 36 منٽ -اربع 08 آگسٽ 2018  307 

ڀارومل امراڻي سوٽهڙ

image-1

 

موسمي تبديلي سڄي دنيا جو دلچسپي وارو موضوع آهي، جيڪو جتي آهي، اتي ويٺو موسمي تبديلي جي ڳالهه ڪري. ڳالهين جي  ڳوهرن ۽ ڏيهن جي ڏاهن وٽ موسمي تبديلي جي ڪارڻن ۽ آثارن جا ڪيئي نقطا بيان ڪرڻ لاءِ آهن، پر ريگستانن جي جهنگن ۾ رهندڙن ۽ جهڻ پيئندڙن جا گفتا به انهي موضوع تي معنيٰ خيز آهن. عملي طور موسمي تبديلي جي اثرن مان روز گذرن ٿا، ڏرت ڏڪارن، ڪاڙهن ۽ وڄ وراڪن کان وٺي سيارن توڙي پن ڇڻ جي رت جي سمورن رنگن کي پنهنجين اکين سان ڏسن ٿا، ڏيل تي سهن ٿا، موسمي تبديلي ندين نالن، گليشيئرن ۽ جبلن جي ماحول کي متاثر ڪرڻ سان گڏ ريگستانن کي ڪافي متاثر ڪيو آهي.     

 

تصوير: ڀارو مل                                                   تصوير:ڀارو مل

مون جيڪو ڳوٺاڻن جي گفتن مان پاتو آهي، اهو هن ننڍڙي ليک ۾ پڙهندڙن سان ونڊڻ جي ڪوشش ڪندس. اهو سماجي جائزي جو حصو ٿي سگهي ٿو. اسان وٽ نج سائنسي بنيادن تي ادارن جي سطح تي تمام گهٽ ڪم ٿي سگهيو آهي، خاص طور اسان جي ڏکڻ ايشيا جي ريگستان تي. گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام (يواين اي پي) جي هڪ عالمي موسمي تبديلي ۽ ريگستان جي موضوع واري دستاويز ۾ لکيو ويو آهي ته 1976ع کان 2000ع تائين 0.2_ 0.8 ڊگري سينٽي گريڊ في ڏهاڪي جي حساب سان گرمي پد ۾ اضافو ٿيو آهي. مجموعي طور تي يو اين اي پي جي رپورٽ تحت 0.5 _2 ڊگري سينٽي گريڊ وا ڌ آئي آهي.

تصوير: ڀارومل

 بين الحڪومتي موسمي تبديلي جي پينل (آءِ پي سي سي ) جي رپورٽن ۾ اڃان وڌيڪ خطرا رپورٽ ڪيا ويا آهن. ٿر ۾ لوڪ ڏاهپ موجب 70 جي ڏهاڪي کانپوءِ نه سيارا ساڳي رهيا آهن نه سانوڻي ڪڪرن جي پوري پاٺي قطار جڙي ٿي، گرماڻ جي ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي. ڳوٺاڻن موجب لاڻ  وارا مينهن گهٽجي ويا آهن، ٻڪرار جي وراڪي تي سارو ٿر پلر جي پالوٽ ٿي ويندو هو ”روهڻ تپي مگسر واءِ آ ڌر ۾ اڻ پڇيو مينهن آوي”، واري چوڻي تحت روهڻ نکشتر ۾ گرماش ٿئي، مگسر نکشتر ۾ واءِ لڳي ته آڌر نکشتر ۾ مينهن جو چٽو امڪان آهي، پر هاڻي نه روهڻ نکشتر ۾ آگم واري تپش ٿئي ٿي نه مگسر نکشتر ۾ واءِ ساڳي انداز ۾ لڳن ٿا. وڏي وائيئي ۽ ننڍي  وائيئي جا ڏينهن (هوائن جي لڳڻ لاءِ مون سون جي رت تحت 15، 15جي ڏينهن درجا بندي) رڳو اچن وڃن ٿا.

تصوير: ڀارومل
تصوير: ڀارومل

 اڳي چئبو هو ته وڏو وائيو نه وٺو ته ننڍو وسي ئي وسي پر هاڻي 11، 11سال ڏڪار اچيو وڃن. انگريز دور کان ڏڪار ڊڪليئر ڪرڻ جي لاءِ 14 آگسٽ تائين برساتون نه پوڻ سان ڏڪار قرار ڏنو ويندو آهي، هن وقت پهرين برسات اڪثر طور 14 آگسٽ کان پوءِ پوي ٿي، جيڪو وسڪارو ڪتيءَ ۾ ڏياري جو ڏيئو ڏٺو ننڍو وڏو چڀڙ مٺو سان کرن تي پهچندو هو، اهو هاڻي ڪتيءَ کان اڳتي مٽيو ٿو وڃي.

تصوير:ڀارومل

 ٿر ۾ وسڪاري لاءِ عام طور 15 جولاءِ کان پهرين برسات گهربل هوندي آهي. 20 _20 ڏينهن جي وقفي تي 4 برساتون گهرجن ٿيون، 70 جي ڏهاڪي کان اڳ ۾ ائين برساتون پونديون پڻ هيون، جن جو هاڻي سلسلو ڇڙوڇڙ ٿي ويو آهي. اڳ ۾ ڏڪار ضرور پوندا هئا پر انهن جو لاڳيتو سلسلو نه هوندو هو. ڏڪارن جي ايتري شدت نه هوندي هئي، ڀرپور ۽ سلسليوار برساتن ۾ جهڙي ٻاجهري پوکبي هئي، اهڙي 60 ڏينهن تي کائڻ لاءِ ملندي هئي، پر هاڻي ائين ٿيڻ گهٽجي ويو آهي، ٻاجهري جو ذڪر نڪتو آهي هڪ لوڪ دوهو ياد اچي ٿو جيڪو ٿر جي زندگي جو تز جائزو آهي.

ڌڻ ٻڪري ڪڻ ٻاجهري اونٺان موٽي آس

جي جاڻين رهان ٿرڌوري ۾ تو تينون رک پاس

(جيڪڏهن چاهين ٿو ته ٿر جي ريٽن تي رهان ته چوپائي مال ۾ ٻڪري، اناج ۾ ٻاجهر، چڙهي لاءِ اٺ رک، اهي شيون تو وٽ هونديون ته واري جي دڙن تي جالي سگهندين)

تصوير: ڀارومل
تصوپر:ڀارومل

انهن ٽنهي جو جياپو برسات تي آهي،  باراني فصلن کي حد کان وڌيڪ گرمي جي شدت ۽ هوائن جي رخن جي ڦيري  متاثر ڪيو آهي. وسڪاري ۾ اڀرندو واءُ لڳڻ سان گاهه، فصل پيلا پن ٿي سڙي ويندو آهي. اڀرندي جي هوا کي مقامي لهجي ۾ اگتيو سڏيو ويندو آهي.

 ٿر ۾ مـڱ، موٺ جي فصل کي اناج جهلڻ لاءِ اڌ وسڪاري ۾ اتر ۽ واهوندي جون هوائون گهرجن،  موسمي تبديلي جي ڪري هاڻي اهي گهربل هوائون وقت سر نٿيون لڳن، نتيجي ۾ اناج جي پيداوار گهٽجي پوي ٿي.

 گذريل چئن ڏهاڪن ۾ کوهن جي پاڻي ۾ تبديلي اڇي وئي آهي، هڪ گرمي جي شدت ٻيو گهٽ برساتون، ٽيون تيز هوائن جي لڳڻ سبب زير زمين جي ٽيبل ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. پاڻي گهٽجڻ سان گڏ ڪڙو ٿي رهيو آهي. خاص طور تي سامروٽي، وٽ، ونگي، پارڪر جي وڏي حصي ۾ ۽ کاهوڙ، ڪنٺي جي پارن (ويرين ) ۾، پاڻي ۽ گيهه هڪ اگهه ٿي وڃن ٿا.  پاڻي جي کوٽ اپريل جي اڌ کان شروع ٿيندي آهي جيستائين برساتون پون، ڏڪار جي حالت ۾ وڏي مشڪلات ٿي پوندي آهي، زير زمين مٺي پاڻي جي ٽيبل ۾ گهٽتائي اچڻ سبب مٿي ذڪر ڪيل علائقن ۾ کاري پاڻي جا زير زمين وهڪرا مٿي زور رکن ٿا.

تصوير:ڀارومل

 ٿر ۾ وڌندڙ صحرائيت جي عمل ۾ هٿرادو ماحولياتي بگاڙ ۽ موسمي تبديلي برابر جا شريڪ آهن، وڻ ٻوٽا هٿرادو واڍي سبب پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن، وڻن جي واڍي، تيز هوائنwind erosion )  ( ۽soil erosion) سبب زمين جي زرخيزي متاثر ٿي رهي آهي. موسمي تبديلي جي اهم اثرن ۾ ريگستان جي مخصوص جهنگلي جيوت ۽ وڻن ٻوٽن ، ٻوٽين ۽ گاهن جو  وجود خطري هيٺ اچي رهيو آهي. هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ گهٽ سفر ڪندڙ جانورن ۽ اهي ٻوٽا جن جو ٻج گهٽ پکڙجي ٿو يا اهي جانور، پکي، پکڻ ، جيوت، وڻ، ٻوٽا، ٻوٽيون گاهه هڪ حد تائين مخصوص گرمي پد ۽ سردي ۾ واڌ ويجهه ڪندا آهن، انهن جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي.

مثال ڳولڻ اچون ته ٿر جي پکين ۾هولو  (ٿري ڳيرو)، مور ۽ ڪٻر، وڻن ٻوٽن ۽ گاهن ۾ ڦوڳ، ٿوهر، ٻرُو (گاه )، دامڻ (گاه ) برما ٻوٽي ، منڊيري (ٻوٽي ) رتن جوت ٻوٽي وغيره شامل آهن. جهنگلي جانورن جي وجود جي اڻلڀ ٿيڻ ۾ موسمي تبديلي جو ڪردار آهي. موسمي تبديلي ٿر جي ماڻهون جي سنئوڻن ساٺن کي متاثر ڪيو آهي.

ڏياري جي ٻئي ڏينهن تي جيڪڏهن ماڪ پوندي آهي، ايندڙ سال بهتر سمجهي ويندي آهي، پر هاڻي موسمي تبديلي سبب ماڪون گهٽ پون ٿيون يا ڦرندڙ ڏينهن ۾ ماڪ پوي ٿي، اهڙي ريت هارين جي پرٻ جا سنئوڻ ساٺ ساڳيا نه رهيا آهن، انهن تي وڏو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment