شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

دنيا جون ڪجھ حيرت ۾ وجھندڙ رسمون


صبح 06 لڳي 40 منٽ -آچر 05 آگسٽ 2018  301 

پيچرو ٽيم

image-1

برازيل ۾ وقت جي پابندي غير اخلاقي ڪم آھي: ائين تھ اسان کي وري وري اھو ٻڌايو ويندو آھي تھ ھر ڪم ۾ وقت جي پابندي ضرور ڪيو، جيڪڏھن ڪو ڪم ڪرڻو آھي تھ ان کي وقت تي پورو ڪيو، ڪنھن سان ملڻو آھي تھ وقت تي پھچو، اجايو وقت نھ وڃايو ڇو جو وقت بادشاھ آھي ھڪ ڀيرو ويو تھ موٽي نھ ايندو.

فائيل فوٽو

پاڪستانين لاءِ عام طور تي اھو مشھور آھي تھ اھي وقت جي پابندي نھ ڪندا آھن ۽ جيڪو جيتري وڏي عھدي تي ھوندو ايترو ئي دير سان ايندو. اسان کي ان جا ڪجھ مثال بھ ملن ٿا جيئن 90 ڏينھن اندر چونڊون ڪرائڻ جو چئي 11 سالن تائين ٽالڻ، 90 ڏينھن ۾ لوڊ شيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو ڪري 10 سال گم ٿي وڃڻ وغيرھ. اھو ئي نھ پر پاڪستانين کي تھ توٽليٽي بل بھ وقت تي پيارڻ جي عادت نھ آھي.

پر ان سڀ جي ھوندي بھ اوھان کي اھو ٻڌي حيرت ٿيندي تھ دنيا ۾ ھڪ اھڙو بھ ملڪ آھي جتي وقت تھ ڪو ڪم ڪجي تھ ان کي غير مھذب ۽ غير اخلاقي عمل سمجھيو ويندو آھي ۽ اھو ملڪ پاڪستان نھ آھي. اھو ملڪ برازيل آھي. 

برازيل لاطيني آمريڪا جو ھيڪلو اھڙو ملڪ آھي جتي وقت جي پابندي بابت ماڻھن جي راءِ سموري دنيا کان الڳ آھي، اُتي ھر ان ماڻھو کي غير اخلاقي ۽ غير مھذب سمجھيو ويندو آھي جيڪو وقت جي پابندي ڪري، مثال طور اوھان کي اُتي ڪنھن پارٽي جي دعوت ملي ۽ اوھان پارٽي ۾ وقت تي پھچي ويا تھ اوھان کي غير مھذب ۽ واندو شخص سمجھيو ويندو.

فائيل فوٽو

ھوائي جا قبيلا جنسي عضون تي بھ نالا رکندا آھن: بي بي سي جي ھڪ پروگرام ڪراسنگ ڪانٽينينٽس جي ڪيل سروي موجب ھوائي جا ماڻھو جنسي عضون کي پوڄيندا آھن ۽ انھن تي نالا بھ رکندا آھن، جڏھن تھ اشرافيھ ۽ عام ماڻھن جا جنسي عضون جي حوالي سان الڳ الڳ لاڏا بھ ھوندا آھن. انھن لاڏن ۾ کليل لفظن ۾ ڪنھن شخص جي جنسي عضوي جي تعريف ڪرڻ کي عيب نھ سمجھيو ويندو آھي.

فائيل فوٽو

آسٽريا جون مايون بغلن ۾ صوف رکنديون آھن: آسٽريا جي ڳوٺاڻن علائقن جي رسم موجب عورتون صوف جا ٽڪرا ڪٽي بغلن ۾ رکي نچنديون آھن. ڪمري ۾ ويٺل مردن تي نظرون ويجھي اھي سندن پسند جي مرد کي صوف جو اھو ٽڪرو ڏينديون آھن. جيڪڏھن ٻنھي جا جذبا ھڪ جھڙا ھجن تھ مرد اھو ٽڪرو کائي وٺندو آھي ۽ اھي ھڪ ٻئي جي عشق ۾ وٺجي ويندا آھن.

فائيل فوٽو

ڪولمبيا ۾ ناچ دوران مرد کي ڪرائڻ سچي پيار جي نشاني آھي: ڪولمبيا جو ھڪ قبيلو گوجيرو نالي آھي، جنھن جي رسم آھي تھ جيڪڏھن نچڻ دوران عورت مرد کي ڪرائي وجھي تھ اھي ھڪ ٻئي سان سچو پيار ڪن ٿا، اھا نچڻ جي ھڪ خاص محفل ھوندي آھي ۽ ان دوران جيڪڏھن ڪا عورت مرد کي ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو وڃي تھ پوءِ انھن لاءِ لازمي آھي تھ اھي پاڻ ۾ جنسي عمل ڪن.

فائيل فوٽو

نيو پاپا گني ۾ واڳون جي نشانن کانپوءِ مرد لکيو وڃبو: نيو پاپا گني ۾ ھڪ اھڙو قبيلو آھي جنھن جو اھو مڃڻ آھي تھ ڪو بھ ڇوڪرو ايتري تائين مرد تصور نھ ڪيو ويندو جيستائين ھو پنھنجي سموري جسم کي واڳون جي کل جيان نٿو ٽڪرائي، پوءِ ڀلي ھو 60 سالن جو ئي ڇو نھ ٿي وڃي. اھا رسم ھڪ خاص ڏينھن تي ادا ڪئي ويندي آھي ۽ ان قبيلي جا وڏڙا ڇوڪرن جي چونڊ ڪندا آھن، ھن عمل دوران ڇوڪرن جي کل کي تکي بليڊ سان ٽڪيو ويندو آھي ۽ ان کي واڳون جي کل جيان ڪيو ويندو آھي. ھتان جي ماڻھن جو اھو مڃڻ آھي تھ ائين ڪرڻ سان واڳون ھنن سان ڪڏھن بھ دشمني نھ ڪندا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment