شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

حليم بروھي سنڌي ادب جو ھڪ وڏو نالو


شام 03 لڳي 02 منٽ -جمعو 27 جولاءِ 2018  362 

عبيد ٿھيم

image-1

سنڌ جو ھِي ليکڪ ۽ مزاح نگار 6 آگسٽ 1936ع ۾ حيدرآباد ۾ ڄائو، سندس تعليم بي. اِي (آنرز) ۽ ايل. ايل. بي هئي. هو سنڌ يونيورسٽيءَ جو رٽائرڊ چيف اڪائونٽنٽ هو. حليم بروهي مزاح نگار سان گڏ شاعر، ڪالم نگار ۽ ڪهاڻيڪار پڻ هو. 

حليم بروھي اُھو ماڻهو ھو جنھن سنڌي ٻوليءَ کي رومن ۾ لکڻ لاءِ تجويزون پيش ڪيون جنھن تي گھڻن ئي عالمن اعتراض واريو ۽ وارڻ بہ کپي ھا، ڇوتہ حليم جنھن رومن جي ڳالهہ پئي ڪئي سا ڏاڍي ڏُکي ھُئي. ھن دؤر ۾ وري بہ ماڻهو موبائل ۾ ميسيجن ۾ لکي ٿا وٺن پر تنھن دؤر ۾ اھا ڳالهہ ڪرڻ وڏي بيوقوفي ھُئي.. ڇوتہ تنھن دؤر ۾ سنڌي ادب تمام گهڻي ترقي ڪري رھيو، سنڌي ادب ۾ ناول، ڪھاڻيون لکيون ويون ۽ ادبي سنگت فعال ھُئي (ھاڻ بہ غيرفعال ناھي پر ادبي سنگت ۾ اُھو جوش ناھي رھيو جيڪو اڳ ھو). 

حليم بروھي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت بہ ڪندو ھو تہ رومن جون صلاحون بہ ڏيندو رھيو، ماڻهن ھن جي رومن شايد انڪري بہ قبول نہ ڪئي تہ ھيترا سارا سال اسانکي سنڌي عربي لپي سيکارڻ ۾ لڳي ويا، ٻارن کي ٽُٻڪن ۾ مُنجهيل سنڌي اکر سمجهائڻ ۾ لڳي ويا وري مٿان کان حليم جي رومن جيڪڏھن نصاب ۾ شامل ڪجي تہ ٻارن لاءِ وڏو آزار ٿي ويندو. اُھي پنھنجي جاءَ تي صحيح ھُئا.

پر حليم بہ وري پنھنجي جاءِ تي صحيح ھو، ھُن تنھن دؤر ۾ سوچيو پئي، جڏھن آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڪمپيوٽر ھلائي سگهيا پئي، شايد ھُن جي ذھن ۾ اِھو ھُجي تہ ’انگريز ڪمپيوٽر ذريعي سندِي ٻولي اسانکي سيکاريندا ۽ اسان کان پنھنجي سِنڌِي ٻولي ڇڏائجي ويندي‘ پر ائين نہ ٿيو.

سنڌ ۾ ھاڻ ھر پڙھيل لکيل فرد ڪمپيوٽر نہ تہ موبائل ھلائڻ ڄاڻي ٿو جنھن جا فنڪشنز ڪمپيوٽر جيان ئي آھن. بھرحال! حليم بروھي جي رومن واري خيال سان آئون سؤ سيڪڙو متفق آھيان، اڄ بہ مون سميت کوڙ ماڻھو رومن اسڪرپٽ استعمال ڪندي ميسيج ڪندا رھن ٿا.

حليم بروھي ادب ۾ بہ پاڻ ملھايو، ھن جي تصنيفن ۾ ( 1) هٽلر جي ڪهاڻي (سوانح؛ 1972ع)، (2) هٽلر لکيو (1972ع)، (3) اوڙاهه (ناول؛ 1975ع)، (4) حليم شو (مزاحيات؛ 1983ع)، (5) جيڪي مون لکيو (ڪالم ۽ مضمون: 2002ع)، (6) Solo Decayed (1967)، (7) Roman Sindhi Script، (8) Seeds Columns، (9) Nothing is Piculiar، (10) Nothing in Earnest. ۽ ڪالم شامل آھن، جيڪي ڪاوش ۾ ڇپيل آھن.. حليم جي ڪتابن مان ڪُجهہ نئين سري سان ڇپايا ويا آھن.. تازو مون بہ حليم بروھيءَ جو ننڍڙو ڪتاب ”آخري وسيلو“ ڪمپوز ڪري سنڌسلامت ڪتاب گهر تي رکيو آھي.

حليم بروھي انتھائي ضعيف عُمريءَ ۾ 28 جولاءِ 2010ع ۾ وفات ڪئي. سنڌ جي ھن يگاني ليکڪ کي اڄ بہ سندس مداح ياد ڪَن ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment