شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

برطانيا جي هڪ اهڙي عورت جيڪا پيٽ سان ته ٿيڻ گهري ٿي پر ماءُ نٿي ٿيڻ چاهي...


شام 01 لڳي 31 منٽ -اڱارو 24 جولاءِ 2018  317 

ويب ڊيشڪ

image-1

گذريل ڏهن سالن کان مان ٻار پيدا ڪرڻ جو خواب ڏسي رهي آهيان. پر مان ٻار کي سدائين پاڻ وٽ نٿي رکڻ چاهيان نه ئي وري ماءُ ٿيڻ جي خواهش اٿم. انهي لاءِ مون فيصلو ڪيو آهي ته مان سروگيٽ مطلب ڪنهن ٻئي لاءِ پنهنجي ڪک مان ٻار پيدا ڪرڻ واري ٿيان. مان چاهيان ٿي ته حمل کانپوءِ مان ٻار پاڻ وٽ نه رکان. مان رڳو پيٽ سان ٿيڻ جو تجربو وٺڻ ٿي گهران.

مان رڳو اهو ڄاڻڻ ٿي گهران ته هڪ ٻار ڪيئن منهنجي جسم اندر وڏو ٿيندو ۽ مان ان کي پنهنجي ڪک ۾ ڪيئن پالينديس؟ مان حمل دوران پنهنجي جسم ۾ ايندڙ بدلاءُ کي محسوس ڪرڻ ٿي چاهيان.

سروگيٽ ٿيڻ جو خيال مونکي 21 سالن جي عمر آيو، ان حوالي سان مون هڪ فلم ڏٺي هئي ۽ پوءِ انٽرنيٽ تي ان موضوع جي حوالي سان وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪيم، جنهن بعد مونکي احساس ٿيو ته مونکي به ائين ئي ڪرڻ گهرجي.

وڏي عرصي تائين منهنجو هڪ بواءِ فرينڊ هو ان کي به ٻار نٿي گهرجيا، پر کيس سروگيسي ۾ دلچسپي نه هئي. هو ڪڏهن به اهو نه سمجهي سگهيو ته ڇو مان پنهنجي صحت جو خطرو کڻي حاملا ٿيڻ چاهيان ٿي، اهو به هڪ اهڙي ٻار لاءِ جيڪو ڪڏهن منهنجو نه ٿيندو.

ڇا اوهان اهو ڄاڻڻ گهرو ٿا ته ڇو مون کي ٻار نه گهرجي؟ ٻار پالڻ هڪ وڏي ذميواري آهي ۽ مان  اهڙي ذميواري  نٿي کڻڻ چاهيان. مان هڪ ايوينٽ ڪمپني ۾ ڪم ڪندي آهيان، هر روز ڪئي ڪلاڪ ڪم ڪرڻو پوندو آهي ۽ ڪم جي ڪري ٻين ملڪن ۾ به وڃڻو پوندو آهي، ان لاءِ ڪم سان گڏ ٻار پالڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو.

ائين ته پيٽ سان ٿيڻ به ڏکيو هوندو پر مونکي خبر آهي ته اهو رڳو هڪ خاص وقت لاءِ ئي هوندو. ان لاءِ مونکي موڪل ملي ويندي جنهن کانپوءِ مان آزادي سان ڪم تي وڃي سگهان ٿي، مونکي اها به خبر آهي ته مونکي ٻيون ڏکايون به اينديون جهڙوڪر چيلهه ۾ سور، ٿڪ وغيره حمل ڪرائڻ ڪو سولو ڪم نه آهي، پر مان ان سور مان گذري ڏسڻ ٿي گهران ته اهو ڪهڙو هوندو آهي.

مون کي ان ڳالهه جو به خوف آهي ته 9 مهينا ٻار  پيٽ ۾ رکڻ کانپوءِ مونکي ان سان محبت ٿي ويندي، هي به هڪ وجه آهي ته مان پنهنجي ٻار بدران سروگيٽ ٿيڻ گهران ٿي، ان ٻار تي ڪنهن ٻئي جو حق هوندو، جڏهن مونکي اها خبر هوندي ته هي ڪنهن ٻئي جو ٻار آهي ته ان کان الڳ ٿيڻ مهل مونکي تڪليف نه ٿيندي.

هن وقت منهنجي عمر 30 سال آهي، مان عمر جي ان حصي ۾ آهيان جنهن ۾ اڪثر ماڻهو ٻار پيدا ڪرڻ بابت سوچيندا آهن. منهنجي هڪ ويجهي دوست ڪجهه وقت اڳ ئي ماءُ ٿي آهي، حمل دوران جن لاهن چاڙهن مان سندس زندگي گذري آهي مان به انهن کي محسوس ڪرڻ گهران ٿي.

مون پنهنجي هڪ هم جنس پرست دوست کي چيو جيڪڏهن کيس ٻارن جو شوق آهي ته مان هن لاءِ سروگيٽ وارو ڪم ڪري سگهان ٿي. 

اهڙا خيال رکندڙ مان ڪا اڪيلي مائي نه آهيان. برطانيا ۾ سروگيسي وڌي رهي آهي. برطانيا ۾ هر سال اهڙن 300 جوڙن کي اجازت ملي ٿي، جڏهن ته ڏهه سال اڳ تائين برطانيا ۾ رڳو اهڙا 50 ڪيس هئا.

اهو ڪري مان ڪنهن تي احسان نٿي ڪريان، هي ٻطرفي مفاد جي ڳالهه آهي. مان سروگيسي لاءِ پيسا به نه وٺنديس، برطانيا اهو قانوني ڏوهه آهي. ها پر سروگيٽ ٿيڻ کانپوءِ منهنجي مالي مدد ڪئي ويندي پر منهنجي لاءِ اصل فائدو اهو تجربو آهي جيڪو هن عمل دوران مونکي ملندو.

هي برطانيا جي هڪ عورت جي حقيقي ڪهاڻي آهي جيڪا پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نٿي ڪرڻ گهري.

(بي بي سي جي ٿورن سان)

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment