شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

وارياسو ٿر، ڪارونجهر جبل ۽ قدرتي وسيلا


صبح 08 لڳي 17 منٽ -ڇنڇر 21 جولاءِ 2018  491 

ڀارو مل امراڻي سوٽهڙ

image-1

 

 ريگستانن جا ماڻهو فطرت کي ماءُ ڪري مڃيندا آهن ۽ ان جي هنج ۾ ويهي جياپي جي ٿڃ جا گُوها پيئندا آهن، لڙڪن کي مُرڪن ۾ تبديل ڪندا آهن، ڌرتيءَ جي انهن ڀاڱن جي تاريخ جي شروعات، زندگي جي پهرين خواب جهڙن لوڪ گيتن ۽ ٻار جي پهرئين پهرئين ٻول جهڙي تازي تواني ۽ امنگن سان ڀرپور هوا، برسات، باک، جهنگ ۽ رات جي فطري حسن کان ٿيندي آهي.                                                                                                                                                   تصوير: ڀارو مل

سنڌ جي ڏاکڻي ــ اوڀر ڪنڊ تي واقع  وارياسي  ڀٽن ۽ ڪارونجهر جي جابلو سلسلي تي مشتمل ٿرپارڪر دنيا جي اهڙن ساون ريگستانن مان هڪ آهي، جنهن کي دنيا جو وڏي آبادي رکندڙ ريگستان سڏيو وڃي ٿو. ٿر جي آبادي ٻين ريگستانن جي واسين جيان فطرت جي اولي (پاڇي) ۾ ساهھ کڻي ٿي، جيئڻ جي ذريعن جو دارومدار قدرتي وسيلن سان لاڳاپيل آهي، ارتقائي عمل سان گڏ ڦٽندڙ لوڪ گيتن جي ڏات جا ازلي چشما صدين کي سيراب ڪري رهيا آهن. تاريخ جي تسلسل ۾ ٿر جي فطري حسناڪي کي پنهنجي انفراديت حاصل رهي آهي، جنهن جي ڪشش جي قوت ڀٽائي کان ٿر جي پسمنظر ۾ 21 سر لکرايا. سر سارنگ سر مومل راڻو ۽ سر مارئي چوندي ڀٽائي مٽيءَ ۾ ماڻهپي جي اعليٰ قدرن جي ڪيفيتن ۾ لٽ ٿي ويندو هو، دنيا هن کي وحدت الوجود ۽ پريم مارڳ جو پنڌ لڳندي هئي. رڳو هي چار سٽون پڙهي ڏسو؛

سرهي سيج پاسي پرين ، مر پيا مينهن وسن

              ( سر سارنگ)

مڙهيا گهڻو مشڪ سين ، چوٽا ساڻ چندن

              (سر مومل راڻو )

سڄڻ ستا ولهھ ۾، چوٽا ڀري ڪپور

              ( سر کنڀات )

مارو پاڻ امل، مليران مرڪڻو گهڻو

              ( سر مارئي )

ٿر جا سمورا ماحولياتي منظر جڳ جڳ جو جادو لڳن ٿا پر اسان جو انهي فطري حسن سان ڪهڙو ورتاءَ آهي؟؟ قدرتي وسيلا جيڪي اسان جي ڏيل جي خوراڪ ٿين ٿا. تن جو سنڀال توڙي استمعال ڪيئن ٿي رهيو آهي؟ ٿر جي جهنگلي جيوت ڪيڪون ڪري پنهنجو جيئدان گهري رهيو آهي، جنهن جي پڙاڏي جي پڪار ٻڌي هر حساس دل جي اندر  هڪ بي ساختھ سوال اڀرندو آهي تھ ڇا ٿر جو ايندڙ نسل  ڪارونجهر تي سارنگ سامهون سارنگ ٻوليندي مورن جي ٽولن کي انهي عڪس سان ڏسي سگهندو جنهن سان خليفي نبي بخش قاسم ڏٺو آهي.

مور وسندي مينهن ، چڙهيا ڏونگر چوٽئين                                                                                                                          اُڀي آڙنگ سامهان ڪن نالون منجهان نينهن                                                                                                                        وريا وصل ڏينهن ، مينهن مڙيا سپرين .                                                                                               

 انساني هٿن هٿان ماحولياتي بگاڙ جا الميا جڏهن جيءُ کي جنجهوڙيندا آهن. تڏهن تاريخ هڪري فرياد ٿي ويندي آهي، هڪري صدا ٿي ويندي آهي جنهن ۾ صدين جي پيڙا اٿلي پوندي آهي ٿر جي تاريخ هر ٿر واسي تي دانهن داخل ڪرڻ طرف وڃي رهي آهي، تاريخ وٽ دير ضرور آهي پر انڌير ناهي. جڏهن انصاف جو گهنڊ وڳو تڏهن اسان جا ڪنڌ فطري حسن جي خلاف حرڪتن جي ڪري جهڪيل هوندا، تڏهن اسان کي محسوس ٿيندو ته ڪهڙين لاپرواهين سان اسان پنهنجي زندگي جي سر چشمن کي ختم ڪيو .

تصوير: ڀارومل

اسان کي ٿر جي جاگرافيائي ارتقاءَ جي عمل کي سمجهڻ لاءِ پوري ننڍي کنڊ جي ارتقائي عمل کي ڏسڻو پوندو، جنهن لاءِ علم بشريات ۽ جاگرافي جي ماهرن جو چوڻ آهي تھ ابتدائي ڏينهن ۾ ننڍو کنڊ هڪ سامونڊي ٻيٽ هو جيڪو وڏي زميني تبديلي ۽ اٿل پٿل جي نتيجي ۾آفريڪا کان ٽٽي 50 ملين سال اڳ ايشيا کنڊ جي سامهون پهتو جنهن کي جلد هڪ ٻي تبديلي ايشيا سان ڳنڍي ڇڏيو اهڙي طرح ٽن کان ساڍا چار ملين سال اڳ هماليھ جو دامن تخليق ٿيو، ارتقائي عمل جي تبديلي جاري رهي، تقريبن 20 ملين سال اڳ سمنڊ جي هٽڻ  سان سنڌو ماٿري جو خطو نمودار ٿيو انهي وقت ٿر جو حصو سمنڊ جي گهيري هيٺ هو پر رڳو ڪارونجهر جي پهاڙي واضح هئي (ڪارونجهر جي قدامت ڇا آهي، انهي تي ماهرن جون تحقيقتون اڃان هلندڙ آهن ٿورو گهڻو احوال هتي ڏجي ٿو ) ٻھ هزار سال پهرين ٿرپارڪر جو خطو سمنڊ جي سيني مان اڀريو .(انهن مان ڪابھ راءِ حتمي ناهي، انهي سان اتفاق بھ ڪري سگهجي ٿو  تھ رد ڪرڻ لاءِ دليل ڏئي سگهجي ٿو ) سمنڊ جو پاڻي رڻ ڪڇ جي مهاڳي مان هيٺ لهندو ويو موسمي تبديلين جي نتيجي ۾ ٿر آباد ٿيڻ شروع ٿيو سنڌ ( بئراج ايريا) ۽ راجپوتانه مان انساني توڙي حيواني زندگي اچي آباد ٿيڻ لڳي. 

تصوير: ڀارومل  

 هڪ خوشحال ٿر هو. جنهن وٽ لاتعداد قدرتي وسيلا هئا. ماڻهن پنهنجو فطري سڀاءَ صحرائيت جي رنگ ۾ جوڙيو ۽ پنهنجي وسيلن جو صحيح استمعال ڪيو.چيو ٿو وڃي تھ اٺين عسوي صدي تائين ٿر ۾ هاڪڙو درياءَ وهندو هو، جنهن کي سرسوتي “گهاگهرو  ۽ مهراڻو” وغيره جي نالن سان بھ پڪاريو ويندو هو جيڪو هاڻي گم ٿي ويل درياءَ آهي، جيستائين انهي جا پيرا ڳولجن تيستائين وارياسي ڀٽن ۾ سنڌ ۾ ۽ راجپوتانھ جي تهذيبي سنگم سان جڙندڙ روايتن ۽ نشانن ڏي موٽي ٿا اچون، جن جي ٿر جي ماحوليات ۽ قدرتي وسيلن جي سنڀال جي گهري ڇاپ آهي ٿر واسي ٻيو ڪجهھ نھ ڪري رڳو پنهنجي ورثي ۾ مليل قدرتي وسيلن جي سار سنڀال ۽ ماحولياتي اصولن کي ٻيهر رائج ڪري تھ بھ غربت وڏي انگ ۾ گهٽجي سگهي ٿي، ٿر جي قدرتي وسيلن جو جائزو وٺي ڏسنداسين تھ معلوم ٿيندو اسين ڪيترو حصو وڃائي چڪا آهيون.

تصوير:ڀارومل

ٿر جي زمين ۾ ٻين ريگستانن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ زرخيزي صلاحيت آهي. پر اها مختلف سببن جي ڪري ختم ٿي رهي آهي ٿر جي معيشت جو مکيھ ذريعو مال متاع  ۽ باراني زراعت آهي جن جو دارومدار وري مينهن (برسات ) تي آهي. 1980ع واري ڏهاڪي کان پوءِ ٿر ۾ ساليانو سراسري طور مينهن جو پوڻ گهٽجي ويو آهي. ڏڪار جي هر سال ۾ 4 لک کان مٿي ماڻهو ۽ 24 لک کان مٿي چوپايو مال جياپي جا جتن ڪندي بئراج ايريا جو سفر ڪري ٿو ملڪي معشيت جي هڪ سروي موجب پوري پرگڻي جي 50 کان 60 سيڪڙو گوشت جي ضرورت ٿرپارڪر جو چوپايو مال پوري ڪري ٿو پر انهي باوجود نھ ٿر جو ماڻهو پنهنجي آمدني جي بهتر ذريعي لاءِ سنجيده ٿيو آهي نھ وري حڪومت جي طرفان ڪي اپاءَ ورتا ويا آهن. انهي حد تائين جو مٺي ۾ چوپائي مال جي بهتر منڊي نھ جڙي سگهي آهي ٿر جو بهتر  چوپايو مال جنهن جو گهڻو بهتر نسل ڏڪارن ۾ ضايع ٿي ويو آهي. ان جي جديد سائنسي بنيادن تي فارمينگ جا خواب ڪهڙو دور ۾ ساڀيا جو روپ وٺندا؟ ٿر جي چوپائي مال جو سڀ کان وڏو مسئلو چارو آهي ٿر ۾ گئوچرن ۽ مڪانن جي جڙڻ پويان اهو پهلو ڪار فرمان هو، پر گئوچر هاڻي ڪٿي محفوظ رهيا آهن. گئوچر جي لفظي معنيٰ آهي گانئين يا ڍڳين جي چرڻ جي جاءِ. اڪبر اعظم جي دور ۾ جنم وٺندڙ گئوچرن جي روايت راجپوتانھ کان ٿيندي اسان جي ٿر ۾ پهتي جنهن کي هڪ وڏو عروج مليو پر هاڻي انهي جو زوال شروع ٿي چڪو آهي جنهن جو ٿر جي فطري حسناڪي توڙي معاشي ڏس ۾ ڏاڍو برو اثر پوڻ شروع ٿيو آهي.

تصوير:ڀارومل

وسڪاري ۾ مال لاءِ ڪک ڪانا گڏ ڪري رکڻ لاءِ ٺهندڙ ڪرهيون دن، ڦانٽيا سنٿا (سٿا) جو رواج ٿر جي 23 سئو ڳوٺن مان ڪن ورلي ڳوٺن جي ڀاڳين وٽ رهيو آهي، پوري تعلقي ڇاڇري ۾ ڦوڳ ناياب ٿي ويو آهي مٺي ڏيپلي ۽ ننگرپارڪر جي وٽ واري علائقي ۾ وڃي بچيو آهي. ٿوهر، ڪنڊي، ڪونڀٽ ۽ ٻائوري جا وڻ به پنهنجو وجود وڃائي رهيا آهن پر گگرال ۽ روهيڙي کي بچائڻ لاءِ بلڪل هيٺين سطح جي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي، جيئن چپڪو جي تحريڪ هلي (چپڪو جي تحريڪ اُتر هندستان جي همالياني پهاڙي سلسلي جي ڳوٺ گڙهوال کان اٿيل هن تحريڪ دوران مقامي عورتن پنهنجا جهنگ ۽ ٻيلا بچائڻ خاطر وڻن سان ڀاڪرون پائي ۽ باقائدي انهن کي چهٽي چنبڙي ڪاٺ جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف وڏي مزاحمت ڪري پنهنجا ٻيلا بچايا هئا جنهن تان اهو نالو پيو) ڇا اهو جذبو ڪنهن جي اندر ۾ جاڳي سگهي ٿو؟

تصوير:ڀارومل

حياتياتي بقا لاءِ ماهرن ڏهه ساگاز ماحولياتي علائقا مقرر ڪري ڏنا آهن جن ۾ 4 پاڪستان ۾ شامل آهن اسان جو ٿر نه انهن مان هڪ آهي.

پاڪستان جي نچ سائنسي بنيادن تي جهنگلي جيوت جي سروي ۽ علائقن جي درجي بندي ادارن جي سطح تي اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي، باقي فردن فردن ڪي ڪوششون ضرور ٿيون آهن جنهن ۾ ٽي جي راٽس جي تحقيق کي اهم قرار ڏنو ويو آهي ٿر جي جهنگلي جيوت جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺڻ کان پهرين ٽي جي راٽس جي تحقيق جي مختصر اڀياس ڪرڻ بهتر آهي جنهن سان اها خبر پوندي ته ملڪ ۾ ٻين ڪهڙن هنڌن تي جهنگلي جيوت رهي ٿي، راٽس موجب بنيادي طور تي اٺ علائقن کي نمايان قرار ڏئي سگهجي ٿو.

تصوير:ڀارومل

1.برف سان ڍڪيل علائقا:

هي قراقرم جا برف سان ڍڪيل پهاڙي علائقا آهن، جن ۾اتر هنزا ۽ چترال شامل آهن هتي جهنگلي جيوت جي اهم حياتيات ملي ٿي جن ۾ همالين آئي بيڪس، سونا ڪوئا برفاني چيتاڪارو سهو ڪوئن جو قسم (Lesser Shew)  پهاڙي ڪوئن جو قسم(Royallasis Highmountion) ٻيا شامل آهن.

2.الپائن زون يا خطو:

هي زون  اتر هزاره ضلع گلگت چترال سوات ۽ ڪوهستان جي پهاڙي علائقن ۾ صنوبر جي ٻيلن مشتمل آهي هتي برفاني چيتا، همالين آئي بيڪس، ڀورو رڇ، وڏي پڇ وارو ڪوئو، مشڪ هرڻ مارخور ۽ ڪوئن جا مختلف قسم ملن ٿا.

3.وچٿرا پهاڙي ٻيلا:

انهي ماحولياتي علائقي کي هيٺ ڏنل ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

3.1 خشڪ  صنوبر جا ٻيلا: هي علائقو ڪاغان جي ماٿري ،سوات جي ماٿري، مالم جبه دير، چلاس ۽ گلگت جي نلتر وادي تي مشمتل آهي هي علائقو پاڪستان جي حقيقي معنيٰ ۾ وڏن وڻن تي مشتمل آهي هن  علائقي ۾ ننڍا ڪوئا، اڏرندڙ ڪشميري کيلوڙي، هماليائي ڪارو رڇ، ترڪستاني ڪوئا ۽ وڏي پڇ وارا ڪوئا رهن ٿا.

3.2 درمياني پسيل پٽن وارا هماليائي ٻيلا: انهي علائقي ۾ گليات زيريت ڪاغان، سوگران، آزاد ڪشمير جي وادي نيلم شامل آهي هن علائقي ۾ ننڍيون وڏيون کيلوڙيون چيتي جهڙي ٻلي (Cat Leopard) سرمئي لنگور ڀولڙا هماليائي ڪارو رڇ ترڪستاني ڪوئو ۽ چمڙن جا ڪيئي قسم رهن ٿا.

3.3 نيم خشڪ صنوبري جهنگ: هي ماحولياتي علائقو سمنڊ جي سطع کان 3000 کان 6500 فوٽ بلندي تي مشتمل آهي انهي علائقي ۾ بتراسي پاس ،بونير گهوڙا ، گلي ، جهنگلي سهو ، ننڍي جهنگلي ٻلي ۽ تبتي سهو وغيره ملن ٿا.

4 پنن جي نغمه سرائي وارا هڪجهڙا ٻيلا: هي خطو جهلم ماٿري، راولپنڊي ۽ مارگله پهاڙين ۾ اچي وڃي ٿو انهي علائقي ۾ جهنگلي جيوت  ۾ روجهه ، تيندوا ، جهنگلي سوئر هرڻ جو هڪ قسم Barking Deer شامل آهن.

5.خشڪ الپائني ميدان ۽ پهاڙي علائقو:

هن ماحولياتي علائقي کي هيٺ ڏنل ٽن حصن ۾ ورهايو ويوآهي.

5.1 اتر بلندي وارا پهاڙي ٻيلا ؛ انهي خطي ۾ زيرين، چترال، گلگت جو ڪجهه حصو ڪوهستان ۽ دير شامل آهن هتي ماخور ، ميداني ڪوئو Aster Migratory Ham،  جهنگلي ڪوئو وغيره ڏٺا وڃن ٿا.

5.2 وچئين بلندي تي واقع ٻيلو: هي علائقو وزيرستان جي اولهندي سرحد کان وٺي مالاڪنڊ، سوات سفيد ڪوهه جي ڪجهه علائقي تخت سليمان، توبه ڪاڪز رينج ۽ ٿروپ بلوچستان تائين ڦهليل آهي، علائقي جي بلڪل ڏکڻ ۾ Persian Birds ملن ٿا جڏهن ته اتر ۾ اڀن سڱن وارا مارخور وغيره شامل آهن.

6.اڌور و هڪجهڙو علائقو:

هي علائقو سمنڊ جي ٽن هزار فٽن جي بلندي تائين پهاڙي چوٽين جي سلسلي تي مشتمل آهي جنهن  کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

6.1. چوماسي وارو ڀڙڀانگ هڪجهڙو علائقو:

هن علائقي ۾ ڪراچي جو ملير، لڪي پهاڙي سلسلو، سنڌ ڪوهستان، کير ٿر ۽ لسٻيلي جو علائقو اچي ٿو هتي ملندڙ جهنگلي جيوت ۾ جهنگلي ٻلي، انڊين لومڙ ماڪوڙريون کائيندڙ گدڙ، سنڌ جو جهنگلي ٻڪر، جهنگلي رڍ ۽ بگهڙ وغيره شامل آهن.

6.2. گهٽ مون سون چوماسي وارا علائقا:

هن ماحولياتي علائقي ۾ سالٽ رينج ڪالا چٽه (ڪارو چٽو )پهاڙي سلسلي ۽ اوڀرندي اندروني وزيرستان جي پهاڙن تي مشتمل علائقو اچي وڃي ٿو هتي اڙيال ،چنڪار ، پينٿر  جهنگلي لومڙ، گدڙ، بگهڙ، پينگولين Trident Leaf Nosed Back و غيره شامل آهن.

6.3 بلوچستان جي وڻڪار وارو ٻيلو:

هي اتر ئين قلات ، ڪوهه سليمان جي هيٺين حصي سميت بلوچستان جي هڪ وڏي حصي تي پکڙيل هئڻ سان گڏوگڏ ڪرم ماٿري ۽ وزيرستان کان وٺي اتر ۾ خيبر پختون تائين وسيع آهي، انهي ماحولياتي زون ۾  صوبي جو ڪارو رڇ، بگهڙ، پهاڙي لومڙ اڙيال ۽ گدڙ وغير ه ملن ٿا.

7.هڪجهڙو ڪنڊائون جهنگ (ٻيلو)

انهي ماحولياتي خطي کي هيٺ ڏنل ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي.

7.1 سنڌ جو ميدان ؛هتي سنڌ مان مراد سنڌ صوبو ناهي پر سنڌو درياءَ جي ٻنهي ڪنارن تي مشتمل علائقو آهي. ٽي جي راٽس جي چوڻ مطابق اهو خطو جهنگ،شورڪوٽ جي وچئين علائقي کان  پاڪ ڀارت سرحد تائين ۽ ڪشمور ۾ درياءَ سنڌ جي کاٻي ڪناري تائين وسيع آهي، انهي ماحولياتي علائقي ۾ جهنگلي ٻلي جهنگلي سوئر گدڙ وغيره پنهنجا آشيانه آڏي ويٺل آهن.

7.2. صحرائي علائقو: انهي علائقي ۾ ٿل ،چولستان ۽ ٿر جا ريگستان شامل آهن هتي ملندڙ جهنگلي جيوت ۾ صحرائي لومڙ، چنڪارا هرڻ، روجهه جهنگلي گڏهه Sheath tailed bat, Carcat cat ۽ جهنگلي سهو وغيره شامل آهن.

8.سنڌ طاس:

هي ماحولياتي خطو به ٽن حصن ۾ ورهايل آهي جيڪي هيٺ ڏجن ٿا.

8.1. سيلابي گرڻين وارا سم جي ورچڙهيل علائقا ۽ ڍنڊون: هتي سواءِ هڪ ٻن هنڌن جي باقي سڀ علائقا گرمي جي موسم جي سيلابي ڏينهن کان سواءِ خشڪ رهن ٿا اهڙي قسم جو واضع مثال اوڀر ۾ واقع سانگهڙ جو نارا ڪئنال ۽ ضلع جيڪب آباد جو علائقو غوث پور آهي سنڌ جي ضلع دادو جي منڇر ڍنڍ پنجاب ۾ تريمون بهاول پور جي لال سونهارا ڍنڍ به انهي علائقي ۾ اچي ٿي.

هتي بيشمار جهنگلي جيوت پنهنجو آکيرو اڏي ٿي پرڏيهي پکين ۽ مڇين کان سواءِ جهنگلي سوئر مڇيون جهلندڙ ٻلي ڦاڙهو  ۽ ڪوئن جا مختلف قسم شامل آهن.

8.2. درياءَ رهه گذر:      

هي خطو درياءَ سنڌ ۽ هن جي مددگار دريائن جي گذر گاهه تي مشتمل آهي هن علائقي ۾ ملندڙ حياتيات ۾ جهنگلي سوئر جهنگلي ٻلي گدڙ سهو ۽ ڪوئن جا مختلف قسم اچي وڃن ٿا.

8.3 بلند سامونڊي لهرن وارو علائقو:

سنڌودرياءَ جي ساڄي طرف کان وٺي سون مياڻي ۽ مڪران جي ساحل  سميت عربي سمنڊ جي مختلف بندرگاهن تائين  تمر جا ٻيلا انهي ذمري ۾ اچن ٿا،  هتي ڦاڙها ، انڊين اوڍ بلاوَ ، مڇيون جهليندڙ ٻلي، سامونڊي ڊولفن، انڌي ٻلهڻ وغيره ملن ٿا.

راٽس جي هن رپورٽ ۾ جهنگلي جيوت جي حوالي سان صرف کير پياريندڙ حياتيات جو ذڪر ڏنو ويو آهي پر علائقائي ورهاست ڏاڍي بهتر انداز ۾ ڪئي ويئي آهي. رپورٽ جي آخر ۾ راٽس به جهنگلي جيوت جي جئيدان جي حوالي سان ڏکوئيندڙ انداز سان لکيو آهي. آءِ يو سي اين پاران حياتيات لاءِ جڙيل ڳاڙهي فهرست Red List ۾ ٿر جي جهنگلي جيوت جا مختلف نسل شامل آهن. مون ٿر جي ڌرتي کي دم جي مريضن وانگر ماحولياتي درد ۾ سهڪندي محسوس ڪيو آهي ٿر ۾ جهنگلي جيوت جي تعداد گذريل 50 سالن ۾ ڪيترو گهٽيو آهي؟ اکيون ٻري ٿيون پون. پارڪر جي ڀاڻسر تلاءَ جي ڪپ تي رهيل سارس جي آخري جوڙي جو به جهنگلي جيوت کاتو تحفظ ڪري نه سگهيو!!

ٿر جو ڪارونجهر پهاڙي سلسلو جنهن جي سائنسي بنيادن تي قدامت ڪيتري آهي اهو هڪ اهم سوال آهي؟ ڪن ماهرن مطابق ڪيمبري دور کان اڳ جو آهي ننڍي کنڊ جي لوڪ روايتن ۾ ڪارونجهر گهڻو قديم ٻڌايل آهي مهارشي پاراشر ڪيئي سال ڪارونجهر جي پهاڙي ايڪانت ۾ تپشيا ڪئي هئي. مهاڀارت جي سهيڙيندڙ رشي ويدوياس جو جنم ڪارونجهر تي ٿيو هو، سنڌ جي هڪ جينئس ليکڪ /شاعر/ صحافي انور پيرزادي ڪارونجهر کي جيئرو جاڳندو ديو مالائي جبل لکيو آهي ڪارونجهر جي ڪٽجندڙ گرينائيٽ پٿر مان ٿر جي عام واسي کي ڇا ملي رهيو آهي!؟

ٿرپارڪر ۾ شڪار تي مڪمل پابندي هڻي ڪارونجهر کي نيشنل پارڪ قرار ڏنو وڃي جنهن جو اڀياس 1997ع ۾ ٿي چڪو آهي، ٿر ۾ وڻن جي واڍي کي روڪڻ لاءِ هر ٿري کي وڻڪاري مهم جو حصو ٿي وڃڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٿر جي تاريخ هڪ سبز تحريڪ جي ترت طلب ڪري رهي آهي ان ڪري قدرتي وسيلن جي مناسب استعمال ۽ اصولن کي اپنايو وڃي ڇو ته متاثر ٿيندڙ مٽي هاڻي وڌيڪ درد سهڻ برادشت نه ٿي ڪري سگهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment