شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

غزل جي شھنشاھ مھدي حسن کي گوگل جو سلام


صبح 09 لڳي 53 منٽ -اربع 18 جولاءِ 2018  148 

پارس مغل

image-1

ننڍي کنڊ جي مھان غزل جي راڳي مھدي حسن جي اڄ 91 وين سالگرھ منائي وڃي رھي آھي، سموري دنيا ۾ غزل جا شوقين ھن عظيم فنڪار کي ياد ڪري رھيا آھن. مھدي حسن جي فن جي مڃتا ۽ کيس خراجِ تحسين پيش ڪرڻ لاءِ دنيا جي مشھور سرچ انجڻ گوگل پنھنجو تازو ڊوڊل مھدي حسن جي نانءُ ڪيو آھي.

گوگل جي پيج تي وڃڻ سان مھدي حسن جو اسڪيچ ھارمونيم وڄائيندي نظر اچي ٿو، گوگل ڪيتري ئي عرصي کان دنيا جي عظيم انسانن، واقعن ۽ ڏھاڙن جي حساب سان عقيدت ۾ پنھنجو ڊوڊل مٽائيندي رھندي آھي. 

جيڪڏھن مھدي حسن جي فن جي ڳالھ ڪجي تھ کيس غزل جو شھنشاھ سڏيو ويو، سندس جنم ھاڻوڪي ھندستان جي شھر راجسٿان ۾ 18 جولائي 1927 ۾ ٿيو، موسيقي جي حوالي سان سندس تعلق ڪلاونت گھراڻي جي 16 ھين نسل مان ھو. 

مھدي حسن موسيقي جي دنيا ۾ 1952ع ۾ قدم رکيو، ھن ريڊيو پاڪستان جي ڪراچي اسٽيشن تان ڪيو. سال 1957ع ۾ ھن ريڊيو پاڪستان تان ھڪ ٺمري گيت ڳايو جنھن کي خوب سھرايو ويو ۽ ايئن ھن عظيم فنڪار جي ڪاميابين جو سفر شروع ٿيو.

مھدي حسن 44 سالن جي ڳائڪي جي ڪيريئر ۾ 440 فلمن لاءِ گانا ڳايا، جن ۾ گيتن جو انگ 623 آھي، ھن اردو جي 366 فلمن ۾ 541 گيت ۽ پنجابي جي 74 فلمن ۾ 82 گيت ڳايا. اھو بھ ھڪ عجيب ريڪارڊ آھي تھ فلمن ۾ ڳايل سندس 100 کان مٿي گانا رڳو اداڪار محمد علي تي فلمايا ويا. فلمن جي دنيا ۾ خان صاحب 1962 ۾ قدم رکيو ۽ سسرال نالي فلم لاءِ موسيقي ڏني.

خان صاحب جي فن کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ھندستان مان کيس اتان جو سڀ کان وڏو ثقافتي ايوارڊ سھگل ايوارڊ ڏنو ويو، جڏھن تھ کيس پاڪستان جو سڀ کان وڏو سيولين ايوارڊ تمغا حسن ڪارڪردگي ڏنو ۽ نيپال جي حڪومت وري خان صاحب کي گورکا دڪشنا بھو جو اعزاز ڏنو. مھدي حسن 13 جون 2012ع ۾ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment