شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

جان ڪيٽس- 1795ع کان 1821ع تائين


شام 12 لڳي 00 منٽ -سومر 16 جولاءِ 2018  765 

علي آڪاش

image-1

 

هيءَ هڪڙي غيرمعمولي ڳڀرو شاعر جي ڪهاڻي آهي، جيڪو پنجويهن ورهين جي بنهه ننڍڙي ڄمار ۾ لنڊن ۾ سلهه وگهي لاڏاڻو ڪري ويو هو. سندس ماءُ به ان بيماريءَ ۾ مري ويئي، ڀاءُ به ان بيماريءَ ۾ مئو. سندس پيءُ گهوڙي تان ڪري زخمي ٿيو ۽ اهو به مري ويو، جڏهن هيءُ شاعر اڃا مس نَون ورهين جو هو. هيءَ المياتي ڪهاڻي آهي انگريز رومانوي تحريڪ جي اهم شاعر جان ڪيٽس جي. جان ڪيٽس اين فيلڊ اسڪول ۾ داخل ٿيو، سورهن ورهين جي ڄمار ۾ نڪتو ته وٽس سرجن هئڻ جي ڊگري هئي، پر هن طب جي پيشي کي نه پنهنجايو، پر شاعريءَ کي پنهنجايو. هو چار ڀرپور سال ئي شاعريءَ کي ڏئي سگهيو ۽ روم ۾ گذاري ويو. اتي ئي کيس پوريو ويو.

سندس قبر جي ڪتبي واري پٿر تي هيءَ تحرير لکيل آهي:

هيءَ قبر،

جنهن ۾ هڪ فاني وجود پيل آهي،

اُها آهي

هڪ نوجوان انگريز شاعر

جي

جنهن

پنهنجي موت جي بستري تي

پنهنجن دشمن جي ساڙ ڀري سگهه جي ردعمل ۾

دل ۾ پيدا ٿيل ڪڙاڻ سان

اها خواهش ڪئي

ته سندس قبر جي پٿر تي اهي لفظ لکيا وڃن:

” هتي اُهو پوريل آهي

جنهن جو نالو پاڻيءَ تي لکيل آهي.“

4 فيبروري 1821ع

قبر جو هيءُ ڪتبو پاڻ ڳالهائي ٿو ته جان ڪيٽس نه رڳو ننڍي ڄمار ماڻي هئي، پر هن گهڻو ڪجهه سَٺو ۽ ڀوڳيو به هو. ”دشمن؟“ ڪير هو سندس دشمن؟ پڪ سان اھي ادبي نقاد ئي هئا، جيڪي سندس شاعريءَ کي رد ڪري چڪا آهن. سندس شاعريءَ جي مهانتا کي سندس دور جا سهيوڳي نقاد نه رسي سگهيا هئا يا اِها ڳالهه سچي هئي ته اهي ”ساڙ ۾ ورتل“ هئا. ان تي به ڳالهايون ٿا، پر ان کان اڳي انگريز شاعرن ۽ اٽليءَ جي نسبت تي ٿوري ڳالهه ڪجي، اُتي رڳو جان ڪيٽس جي قبر ناهي، پر ناميارو انگريز شاعر پرسي بش شيلي به روم اٽليءَ ۾ پوريل آهي. نه رڳو ايترو، پر لارڊ بائرن به اٽليءَ ۾ يونان جي آزاديءَ جي جنگ ۾ گوريلن سان گڏ هو. جتي هو مليريا جي ڪري مري ويا. اهي ٽئي شاعر رومانوي تحريڪ جي ٻي کيپ جي مشهور ٽه مورتي هئا ۽ ٽئي شاعر ۽ دوست اٽليءَ ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويا.

1816ع تائين ڪيٽس ان لائق ٿي چڪو هو ته هو ڊاڪٽريءَ جي پريڪٽس ڪري سگهي، پر هن ان پيشي تي شاعريءَ کي ترجيح ڏني. سندس نگران هن جي اهڙي فيصلي تان ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ ته هُن ڪيٽس جي تعليم تي گهڻو پئسو خرچ ڪيو هو، پر ڪيٽس کيس کُتو جواب ڏيئي ڇڏيو. هن پنهنجو پهريون نظم ”اسپينسر جو نقل“ (An Imitation of Spenser) 1814ع ۾ اُڻويهن ورهين جي ڄمار ۾ لکيو هو. هو پنهنجن سهيوڳي شاعرن لارڊ بائرن ۽ لي هنٽ مان گهڻو متاثر هو. لي هنٽ تنهن زماني ۾ پنهنجي اخبار ”اگزيمائينر“ ڪڍندو هو. هڪ رسالي جو به ايڊيٽر هو. هو بنيادي طرح هڪ شاعر هو، پر سياست ۽ تنقيد تي به کيس سٺي هٿ پهچ هئي. لي هنٽ ۽ هيزلٽ (Hazlitt) تنهن زماني ۾ نوجوان شاعرن کي گهڻا همٿائيندڙ هئا. لي هنٽ خاص طور بائرن، ڪيٽس ۽ شيلي جي شاعريءَ جي بچاءَ ۾ لکندو رهندو هو. اُهو لي هنٽ هو، جنهن 1816ع ۾ ڪيٽس جو نظم ”اي تنهائي“ (O Solitude) پنهنجي اخبار ۾ ڇپيو، جيڪا تنهن زماني ۾ لنڊن جي عام پڙهي ويندڙ اخبار هئي ۽ لبرل پاليسي رکندڙ هئي.

انهيءَ سال سندس شاعريءَ جو ڳٽڪو ”پوئمس“ ڇپيو، جنهن ۾ سندس شاعراڻا اسم ”آئون پَٻن تي بيٺس“ (I stood tiptoe) ۽ ”ننڊ ۽ شاعري“ شامل هئا. سندس شاعريءَ تي لي هنٽ جي اثر کي محسوس ڪيو ويو. هتي هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکجي ته اڻويهينءَ صديءَ تائين برطانيه ۾ پريس وڏي ترقي ڪري چڪي هئي، انيڪ اخبارون ۽ رسالا نڪرندا هئا، جن ۾ ڪالم ۽ مضمون لکندڙ نون ڪتابن تي به پنهنجي راءِ ڏيندا رهندا هئا. ڪيٽس جي نئين ڪتاب کي ڪا خاص پذيرائي نه ملي. نقادن سندس شاعريءَ تي سخت تنقيد ڪئي، پبلشر به گهڻو مايوس ٿيو. ڪيٽس ستت پنهنجو پبلشر تبديل ڪيو. پوئين پبلشر جي ابتڙ نوان پبلشرَ ڪيٽس جي ڪم جي باري ۾ گهڻا جوش ڀريا هئا. هنن هڪ مهيني اندر ڪيٽس جو ٻئي ڪتاب آڻڻ جو معاهدو ڪيو ۽ کيس ان جي سوٿي به ڏيئي ڇڏي. اهي پئسا تنهن زماني ۾ هن لاءِ مالي ٽيڪ وانگي هئا. کيس ٻيو ڪوبه ڪم ڪار نه هو. دوستن کان قرض کڻي گذر سفر ڪندو هو. ٽيلر ۽ هَسي سندس پبلشر هئا، هنن منجهان هَسي سندس دوست بڻجي ويو ۽ هن ڪيٽس کي نوجوان رائيٽرس جي گڏجڻ لاءِ ڪمپنيءَ جو هڪ ڪمرو به ڏيئي ڇڏيو هو.

لي هنٽ، ڪيٽس لاءِ ادبي آسانيون پيدا ڪندو رهيو. هن کيس ان دور جي ناميارن شاعرن، اديبن ۽ ايڊيٽرن سان ملايو، جن ۾ چارلس ليمب، وليم هيزلٽ، نوجوان شاعر رينولڊس ۽ ٻيا شامل هئا. هيزلٽ تنهن زماني جي سڀ کان سگهاري ادبي شخصيت هو. بائرن ۽ شيلي سان به سندس دوستي ٿي ۽ ان کان سواءِ تنهن زماني جي سڀ کان سگهاري شاعر، نقاد ۽ فلسفي سيموئل ڪولرج سان به سندس ملاقات ٿي. هنن گڏجي اپريل 1818ع ۾ گڏجي هڪ ڊگهي پسار ڪئي. انهن يادگار لمحن جي باري ۾ ڪيٽس پنهنجي ڀاءُ کي لکيو ته هن هزارين ڳالهيون ڪيون، بلبلن جي باري ۾، شاعريءَ جي باري ۾، شاعراڻي حسيت جي باري ۾، مابعد طبعيات جي باري ۾. اهڙيءَ ريت ڪيٽس عملي ادبي حلقن ۾ سڃاپجڻ لڳو ۽ ان ۾ وڏو هٿ لي هنٽ جو هو. لي هنٽ جي لکت ۾ جرئت به هئي ۽ اُها وڍيندڙ به هئي. 1813ع ۾ هو انهن لکڻين جي ڪري ٻن ورهين تائين سياسي قيدي بڻيو، جڏهن هو جيل مان ڇُٽي آيو ته ڪيٽس هن جي مان ۾ هڪ سانيٽ لکيو، جنهن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته هو لي هنٽ مان ڪيترو متاثر هو. 

1817ع ۾ ڪيٽس پنهنجن نون پبلشرن کي پنهنجو شاعراڻو اسم ”اينڊيميون” (Endymion) ڇپڻ لاءِ ڏنو. اهو يوناني ڏند ڪٿا تي ٻڌل هڪ ڊگهو نظم هو، جنهن ۾ چار هزار سٽون هيون. اينڊيميون هڪ ريڍار آهي، جنهن تي چنڊ جي ديوي سيليني (Selene) عاشق ٿي پوي ٿي. اهو ڊگهو نظم ڪيٽس انهيءَ سٽ سان شروع ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري ڪيٽس سڄيءَ دنيا ۾ مشهور آهي:

A thing of beauty is a joy forever

بهرحال، هن ڪتاب تي نقادن جي گاڏڙ راءِ اڳيان آئي، پر نئون پبلشر به خوش نه هو. ڪيٽس کي پاڻ به نظم جي پکيڙ ۽ ان جي اڻوڻندڙ اسلوب جو احساس هو، پر هو پنهنجيءَ لکڻيءَ مان مطمئن هو. پنهنجن شدت وارن رومانوي خيالن کي اظهارڻ تي مٿس شديد تنقيد ڪئي ويئي. لي هنٽ نوجوان شاعرن کي همٿائيندڙ هو. سندس ادبي مخالف به گهڻا هئا، جن ڪتاب تي ايتري تنقيد ڪئي جو ڪيٽس پاڻ ايئن سوچڻ لڳو ته شايد کيس ڪتاب نه ڇپائڻ کپندو هو.

ڪيٽس مٿان انهيءَ تنقيد جو گهڻو اثر پيو. اڳتي هلي شيلي پڻ پنهنجين لکڻين ۾ اها ڳالهه لکي ته اهڙيءَ تنقيد جو ڪيٽس جي ذهن تي گهرو اثر پيو، اُن تنقيد نوجوان شاعر کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ سندس ڪرندڙ صحت تي اڃا به هاڃيڪار اثر وڌا.

ڪيٽس اهڙيءَ تنقيد کان پوءِ دوستن کي خط لکيا. اهي خط شاعريءَ جي موضوع تي ئي هئا ته اُها ڪيئن هئڻ گهرجي. هن جو شاعريءَ جي باري ۾ پنهنجو خيال هو ته اُن جو ڪم ۽ ڪارجُ ڏندڪٿائي وڏائي ۽ عظمت بدران انسان جي حقيقي دنيائي تجربي منجهان حسن ڏانهن وٺي ويندي هجي. ڪيٽس جو حسن ڏانهن اهڙو رويو سندس شاعريءَ مان چٽو هو. دوستن سان خطن وسيلي پنهنجي روح جي ڪِٿارسس کان سواءِ هاڻي ڪيٽس نقادن کي جواب ڏيڻ به شروع ڪيا.

بهرحال، انهيءَ تنقيد کان پوءِ به ڪيٽس پنهنجي لکڻ واري ڪرت نه ڇڏي، هو وڏي ڌيان ۽ شوق سان تخليقون سرجيندو رهيو.

تنهن زماني ۾ ڪيٽس ذهني طرح به گهڻو وکريل ۽ وياڪل هو. سندس ٻه ڀائر سلهه وگهي مري ويا هئا. اُن وقت تائين سلهه جو اڃا علاج دريافت نه ٿيو هو ۽ اولهه جي ٿڌ ۾ اهو هڪ موذي مرض ڄاتو ويندو هو. ڪيٽس صدمي جي ان ڪيفيت ۾ لنڊن جي علائقي هيمپسٽيڊ هيٿ جي ڪنڊ تي موجود پنهنجي دوست چارلس برائون جي نئين محل وينٽ ورٿ ڏانهن منتقل ٿيو. اُتي به سندس طبيعت ۾ چاڙهو نه آيو. برائون سندس گهڻو خيال رکيو. سندس سڀ مامرا پنهنجي هٿ ۾ کنيا. هو سندس سڀ خرچ ڀريندو هو. هن جا خط لکندو هو ۽ کيس پئسا به ڏيندو هو. جيتوڻيڪ، طبي چڪاس مطمئن ڪندڙ هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪيٽس جا ڦڦڙ سلامت آهن، تنهن هوندي به سندس طبيعت هوريان هوريان بگڙندي رهي. پڇاڙڪن ارڙهن مهينن تائين ڪيٽس وينٽ ورٿ ۾ برائون سان ئي گڏ رهيو. 1818ع ۽ 1819ع جو سيارو گهڻو سخت هو، پر ڪيٽس، طبيعت جي ناسازيءَ هوندي به، پنهنجي لکڻ کي نه ڇڏيو. اُهو سال سندس Annus Mirabilis يعني يادگار سال چيو وڃي ٿو. هيزلٽ جي انگريز شاعرن ۽ شاعريءَ جي سڃاڻپ جي باري ۾ لکيل لکڻين کان هو بنهه گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ تنهن زماني ۾ ورڊس ورٿ سان ملي چڪو هو. ورڊس ورٿ سان سندس ملاقات هيمپسٽيڊ ورٿ ۾ گهمندي ٿي هئي. ورڊس ورٿ هڪ دوست وٽ ترسيل هو. هن ڪيٽس کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني. جنهن کان پوءِ هو انهيءَ دعوت ۾ شريڪ ٿيو هو ۽ پنهنجيءَ اهڙيءَ خوشيءَ جو اظهار هن دوستن ڏانهن لکيل پنهنجن خطن ۾ ڪيو هو.

بهرحال ان يادگار سال دوران ڪيٽس، پنهنجن ڇهن مشهور Odes مان پنج وينٽ ورٿ ۾ لکيا هئا. جن ۾

"Ode on a Grecian Urn"

"Ode on Indolence",

"Ode on Melancholy"

"Ode to a Nightingale"

۽

"Ode to Psyche"

شامل هئا.

1818ع ۾ وينٽ ورٿ ۾ رهندي سندس ملاقات هڪ نيرين اکين واري پڙهيل لکيل ڇوڪري فيني برائون سان ٿي. هوءَ مقامي سطح جي سياستدان هئي. ڪتابن ۽ موسيقيءَ جي شوقين هئي. هوءَ بحث مباحثي ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي هئي ۽ خاص طرح ڪتاب ئي سندس ڳالهه ٻولهه جو گهڻو تڻو موضوع هوندا هئا. فيني، ڪيٽس جي مڱيندي هئي. اهڙي حقيقت ڪيٽس جي دوستن ڏانهن لکيل خطن مان پڌري ٿئي ٿي. پر فيني ۽ ڪيٽس جي رشتي جي شدت ۽ نوعيت جي ڄاڻ گهڻو پوءِ پئي. جڏهن فينيءَ جي ڪراڙي ٿيڻ مهل ٻنهي چاهيندڙن جي هڪٻئي ڏانهن لکيل خطن ۽ ٻين لاڳاپيل حقيقتن کي ظاهر ڪيو ويو. 

چيو ويو وڃي ٿو ته ڪيٽس پنهنجو مشهور نظم ”برائيٽ اسٽار“ فينيءَ لاءِ لکيو هو. جنهن ۾ هن چيو:

Bright star, would I were steadfast as thou art

اي تارا! ڪاش آئون ايئن ثابت قدم هجان، جيئن تون آهين.

اهو نظم سونهن جي واکاڻ جو هڪ نظم آهي ۽ ان ۾ ارمان جي گهري اظهار مان اهو محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ڪيٽس کي پنهنجي طبيعت جي ناسازيءَ جو به گهڻو احساس هو. ڪيٽس پنهنجا نظم

Isabella, or the Pot of Basil, Hyperion, Lamia, The Eve of St. Agne,To Autumn

به 1920ع ۾ ئي لکيا.

اهڙيءَ ريت رومانوي دور جي هن غيرمعممولي شاعر پنهنجي بنهه مختصر پنجويهن ورهين جي ڄمار ۾ ڪي سٺ کن شاعراڻا اسم تخليق ڪيا ۽ ڇپايا.

17 سيپٽمبر 1820ع ۾ ڪيٽس پنهنجي دوست سيورن (Severn) سان گڏجي علاج لاءِ روم روانو ٿيو. سويرن مصورن جي ماڊل طور ڪم ڪندو هو. تنهن گهڙيءَ شديد تڪليف جي ڪري ڪيٽس بنهه گهڻو ساڻو ۽ نٻل ٿي چڪو هو. هن لکڻ ڇڏي ڏنو هو. هن محسوس پئي ڪيو ته سندس زندگي اڳيئي ختم ٿي چڪي آهي. اُهي سندس محبت جا شروعاتي ڏينهن هئا، هن پنهنجن محبت جي جذبن ۽ احساسن کي شاعريءَ ۾ اوتڻ پئي گهريو، پر سندس ڪرندڙ صحت کيس اهڙي موڪل نه ڏيئي رهي هئي. روم ۾ سندس علاج ڪامياب نٿي سگهيو. هو اتي ئي گذاري ويو. کيس روم ۾ پروٽيسٽنٽ سيمينٽري ۾ پوريو ويو. جان ڪيٽس رومانوي دور جي غيرمعمولي شاعرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو، جنهن شاعريءَ جا ڪئين شاهڪار تخليق ڪيا ۽ ادب ۾ پنهنجا اڻمٽ نشان ڇڏي ويو. سندس عظمت کي گهڻو پوءِ مڃيو ويو. سندس دوست ۽ نامياري رومانوي شاعر شيلي سندس موت هڪ مرثيو لکيو هو:

his fate and fame shall be 

An echo and a light unto eternity!"

”سندس تقدير ۽ شهرت، ابديت ۾ هڪ گونج ۽ هڪ روشني بڻجندا“

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment