شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

سڪريڊ گيمز ھندستان ۾ سياسي باھ ٻاري ڇڏي آھي


شام 06 لڳي 24 منٽ -آچر 15 جولاءِ 2018  287 

پيچرو ٽيم

image-1

06 جولائي 2018ع تي ھندستان جي پھرين اورجنل ويب سيريز سڪريڊ گيمز رليز ٿي آھي جنھن کي جڳ مشھور پليٽ فارم نيٽفلڪس پيش ڪيو آھي. ھي ويب سيريز وڪرم چندرا جي جڳ مشھور ناول سڪريڊ گميز تان ٺاھي وئي آھي. جنھن ۾ ممبئي جي ڏوھ جي دنيا، پوليس ۽ سياستدانن جي ڪرپشن، پنھنجي مفادن لاءِ مذھب جي باھ کي ڀڙڪو ڏيڻ جھڙن موضوعن کي مرڪز بڻايو ويو آھي. 

سڪريڊ گيمز ۾ مشھور اداڪار سيف علي خان سردار پوليس انسپيڪٽر سرتاج سنگھ جو ڪردار ڪندي نظر اچي ٿو، جڏھن تھ جڳ مشھور اداڪار نواز الدين صديقي ممبئي جي ڊان گنيش گائٽونڊي جي ڪردار ۾ نظر اچي ٿو، اھڙي طرح راڌيڪا آپٽي را ايجنٽ جي ڪردار ۾ ۽ ڪوبرا سيٺ ڪوڪو جي ڪردار ۾ نظر اچي ٿي. ھن ويب سيريز کي ھندي فلمن ۾ الڳ سڃاڻپ رکندڙ ڊارئيڪٽر انوراگ ڪشپ ۽ وڪرم آديتيا موٽواڻي ڊارئيڪٽ ڪيو آھي. 

ريلز ٿيڻ سان ئي ھر زبان تي سڪريڊ گيمز جا ئي چرچا آھن ڪو اداڪارن جي اداڪاري تي پيو ڳالھائي تھ ڪو وري ويب سيريز ۾ ڏيکاريل اگھاڙپ ۽ گار گند جا چرچا ڪري رھيو آھي. ھي سيريز جي پھرين سيزن آھي ۽ ان ۾ پنجاھ پنجاھ منٽن جو اٺ قسطون آھن. تان جو ھي سيريز ممبئي جي ڏوھ واري دنيا جو اصل چھرو ٿي ڏيکاري، پر ان جي خلاف ھاڻي وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي آھي، خاص ڪري نواز الدين صديقي جي ڪردار (گنيش گائٽونڊي) جي خلاف.

فائيل فوٽو

شروع کان ئي ھي ڪردار اھڙا ڊائلاگ ٿو ھڻي جو انھن کي ٻڌي حيرت بھ ٿئي تھ عجب بھ. مثال طور ھو چئي ٿو:

”ڪبھي ڪبھي مجھي لگتا ھي اپن ھي ڀگوان ھي (ڪڏھن ڪڏھن مونکي لڳندو آھي مان ئي ڀڳوان آھيان)“. يا وري ھڪ ھند ھو پنھنجي گينگ وارن کي چئي ٿو:

”آج سي اپن ھي تمھارا اڪيلا شڪتي شالي ڀڳوان ھي (اڄ کان مان ئي اوھان جو ھيڪلو طاقتور ڀڳوان آھيان.“ تان جو ھنن مذھب جي خلاف ڊائلاگن کي سڪيولر ھندستان برداشت ڪري ويو، پر انھي سڪيولر ھندستان کان گينش گائٽونڊي (نواز الدين) جا ٽي ڊائلاگ برداشت کان ٻاھر ٿي ويا آھن ۽ ان تي سمورو ھندستان شديد ردعمل ڏيکاري رھيو آھي، ايتري تائين جو ويسٽ بنگال جي ھڪ ڪانگريسي سياستدان راجيئو ڪمار سينا تھ نواز الدين صديقي سميت ٻنھي ڊارئيڪٽرن انوراگ ڪشپ ۽ وڪرم آديتيا تي پوليس ۾ پرچو ڪٽرايو آھي.

فائيل فوٽو

اھي ٽئي ڊائلاگ ھندستان جي سياسي سماجي حالتن تي ٺٺولي آھن ۽ انھن ۾ ڪانگريس جي اڳواڻن کي نشانو بڻايو ويو آھي. انھن ۾ پھريون ڊائلاگ 1977ع ۾ اندرا گانڌي جي لڳايل ايمرجنسي تي آھي. ڊائلاگ ڪجھ ھن ريت آھي:

گنيش گائٽونڊي: ”1977 مين ديش مين اندرا گاندھي ڪي ايمرجنسي چالو تھي، سرڪار لوگون ڪا ڪاٽ ڪر لي جا رھي تھي. ممبئي سب سي تيزي سي بھاگ رھي تھي، يھان سب ڪي ليئي ڪام تھا. اپن ڪو براھمن ھوني ڪا فائدا ملا.“

اھڙي ريت ٻيو ڊائلاگ ڪانگريسي اڳواڻ راجيئو گانڌي جي بيفورڊ اسڪيم جي حوالي سان آھي، ھي ڊائلاگ بھ نواز الدين صديقي جو آھي.

گنيش گائٽونڊي: ”مان مري تو بيٽا پي ايم بن گيا، پي ايم بن ڪر وھ بيفورڊ گھوٽالا ڪيا، اپن سوچا جب ديش ڪي پي ايم ڪا ڪوئي ايمان نھين تو اپن سيڌي راستي چل ڪر ڪيا ڪريگا.“

اھڙي ريت ٽيون ڊائلاگ بھ راجيئو گانڌي جي حوالي سان شاھ بانو ڪيس تي آھي، شاھ بانو ھڪ مسلمان عورت ھئي جنھن کي سندس مڙس1986 ۾ ٽي طلاقون ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو ھو، جنھن تي ھوءَ عدالت وئي ھئي ۽ عدالت ھن جي حق ۾ فيصلو ڏنو ھو پر راجيئو گانڌي فرقي واري سياست ڪرڻ لڳو ۽ شاھ بانو کي مُلن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ھي ڊائلاگ بھ نواز الدين جو ئي آھي.

گنيش گائٽونڊي: ”1986 مين شاھ بانو ڪو تين طلاق ديا اسڪا پتي وھ ڪورٽ مين ڪيس لڙي اور وھ جيتي ليڪن وھ پرڌان منتري راجيئو گانڌي فٽو سالا وھ بولا چپ بيٺ عورت، ڪورٽ ڪا فيصلا الٽا ڪرديا اور شاھ بانو ڪو مُلون ڪي سامني ڦينڪ ديا، اس پر اسڪو ھندون سي بھت گالي پڙي اور ان ڪو خوش ڪرني ڪي ليئي ٽي وي پر رامائڻ شروع ڪيا، ھر سنڊي صبح پورا ديش چيپڪ ڪر ٽي وي ديکني لگتا تھا.“

ھي آھن اھي ٽي ڊائلاگ جن جي ڪري نوازالدين، انوراگ ۽ وڪرم خلاف پرچو ڪٽيو آھي. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي تھ ھندستان ان خلاف سخت ردعمل ڏيندو يا ان کي آرٽ ۽ فڪشن سمجھي ڇڏي ڏيندو. ياد رھي تھ اڪثر انوراگ جو ھندستان جي سينسر بورڊ سان جھڙو ھلندو رھندو آھي ۽ سندس اڪثر فلمن تي سينسر جي ڪاتي لٽڪندي آھي، پر نيٽفلڪس اھڙو پليٽفارم آھي جتي ھو بنا سينسرشپ جي خوف جي پنھنجي ڳالھ چئي سگھي ٿو. 

(ھي اسٽوري پيچرو ٽيم جي ڪيل آھي)

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment