شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

ڪارونجهر جبل، پنندڙ ٻارڙا ۽ مقامي سياحت


شام 06 لڳي 24 منٽ -جمعو 13 جولاءِ 2018  643 

ممتاز ڪنڀر

image-1

ننگر پارڪر جي ڪارونجهر جبل ۽ جابلو سلسلو پنهنجي اندر ۾ وڏي معدنڳات ۽ تاريخي پڻ رکي ٿو روزانو سوا سير سون جيتري رقم ڏيندڙ هي جابلو سلسلو قدرتي شاهڪار ۽ سياحت سان لاڳاپيل ماڻهو لاءِ هيل به نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي.

هيلوڪيون وقتائتيون بارشون توڙي جو سڄي ٿر لاءَ خوشي آهريح توڙي معاشي هبوالي سان خوشي جون خبرون کڻي آحيون آهن گڏوگڏ ڪارونجهر جبل کي سائي چادر پهرائي خوبصوتي جو شاهڪار بڻائي ڇڏيو آهي ۽ وئڪيشن، عيد ۽ عيد وران موڪلن ۾ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن سفر ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.مٺي واري گڊي ڀٽ به هيل وڌيڪ سيدو تفريح ڪندڙ کي خوشي ۽ مسرت جو سامان فراهم ڪري رهي آهي ۽ ڪارونجهر جبل کي ڏسندڙ مداح انهي گڊي ڏانهن پڻ دلچسپي سان اچي رهيا آهن.

ميلن جي روايت توڙي و سنڌ ۾ وڏي تاريخ رکي ٿي انهن ميلن کي متطم طريقي سان مينيج ڪري جيڪڏهن منعقد ڪيو وڃي ته هونر سنڌ جي ثقافت، هنر، تاريخ، ادب کي آڪسيجن ملي پوي.

گذريل دفعي اسلامآباد ۾ هڪ دوست جڏهن سبي، ڪالاش، سوات مينگوره اَمن ميلو وغيره بابت تفصيل ٻڌايا تڏهن حيران ٿي ويس، اُهن مشهور رسالن جي رپورٽنگ جيڪا انهن ميلن بابت ٿيل هئي تن جو ذۡر ٻڌي سنڌ جي ميلن جي رپورٽنگ جي سوال تي پڻ سوچڻ تي مجبور ٿيس. هُن سبي ميلي بابت ٻڌايو ته انهن ميلي جو افتناح اڪثر وزيراعليٰ بلوچستان ئي ڪندو آهي باقي وزير مشِر ڪمشنر وغيره خوشي سان شرڪت ڪندا آه جتي مقامڳ پٽي جي اعلي! نسل جا جانور سڄي ملڪ مان آندا ويندا.ويندا آهن 4 کان 5 ڏينهن تائين هبلندڙ انهي ميلي ۾ وڏڻ ننڍن شاگردن فلاور شو پيش ڪيا اسڪائوٽنگ جي جٿن رقعد،ٽيليبوز، هارس اينڊ ڪيٽل شوز مقامي رقع، اسڪون ۽ ڪاليجن پنهنجا اسٽال پڻ لڳايا – انهي موقعي تي وفاقي وزير انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين کي انعام ڏنا پر گڏوگڏ مبي شهر جي ترقي لاءَ ڪم ڪندڙ ادارن کي پڻ ايوارڊ ڏنا.

ننگر پارڪر گهمڻ لاءَ گائيڊ طور ڪم ڪندڙ مقامي ڏيوجي، نانجي، مگهجي، سامجي، سومون ڪولهي ڪارونجهر جي ورن وڪڙن ۽ اڙانگهن پيچرن تان گهنندڙن کي ائين وٺي ويندا اهن ڄڻ انهن جي ذهنن ۾ اهي شيون فيڊ ٿيل هجن. انهن کي مقامي خڀرناڪ جيتن کان وٺي ڀٽنُ ۽ نانگن جي به خبر هوندي آهي ۽ گهمند ڏجي ذهن ۾ انهن بابت ڪئين سوال هوندا آهن پر ڪارونجهر جا ڪوڏ يا اصل وارث مسڪين جهان خان جا صداح اڪثغر اهي کيس (مهاڏيو) ڪوٺيندا هئا.

ننگر کان ڪاڇٻي چوڙيي تائين آباد هي ڪولهي برادري جا ماڻهو آهن اڪثر غريب تعليم ۽ شغور کان وانجهيل اڪثر ٻارڙا ۽ عورتون ڪارونجهر تي گهمڻ ايندڙ ماڻهن کان خيرات گهرن ٿا وسڪاري بعد هي ماڻهو ٻنهي ٻاري تي گذارو ڪن ٿا. ننگر جي جبلن وٽ ٺهيل ڊيم ڀرجي وڄڻ جي صوررت ۾ پاڻي جبلن تان لهي رڻ ڪڇ ۾ رائيگان وڃي ٿو جنهن کي ڏسندي ڪيترائي ورهيح ٿيا آهن سرڪاري سطح تي ڪي خاص اپاءَ نه وٺڻ جي ڪري اهو پاڻي ڪنهن ڪم جو نٿو رهي ماهرن جو خيال آهي ته اهو پاڻي جيڪڏهن اسٽور ڪيو وڃي ته ويهه کان مٿي چيڪ ڊيم ٺهي سگهن ٿا جنهن مان ذرعي مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي ٿو ۽ مقامي ويجهن کوهن جو پاني به نه سڪندو.مقامي ڊيم ٺاهڻ جي شروعات ٻانهه ٻيلي ڪئي وئي تنهن بعد ارادو تنظيم به هڪ ڊيم ٺاهيو آهي.

مقامي 03 يونين ڪائونسلن جي اها آبادي جيڪا مقامي بصر ۽ مرچ ۽ ڀاڄيون استعمال ڪري ٿي اهو پڻ مقامي واٽر پونڊس ۽ ڊيمن جي پاڻي تي پوکين ٿا هي پاڻي مقامي وسيلن کي پروپوز موبلائيز ڪري مستعقبل ۾ روزگار ۽ سياحت جي وڏن موقعن ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. وسڪاري جي صورت ۾ مقامي وسيلن کي وڏي پعماني تي منظم طريقي سان مقامي هنرن ۽ کاڌن کي پروموٽ ڪرڻ سان روزگار جا ذريعا پيدا ڪري سگهجن ٿا مقامي ٻوٽين، گاهن، کي وڪڻندڙن لاءَ پڻ روزگار وڌي سگهي ٿو ۽ سياحتي پاليسي جوڙي حڪومت چڳو ناڻو حاصل ڪري سگهي ٿي.

شيهن گڙو، مسڪين جهان خان کوسو ۽ راڻپور جي پاڻي ننڍن منصوبن کي وڏن منصوبن ۾ تبديل ڪري هزارن جي انساني آبادي کي فاعدا ڏئي سگهجن ٿا. سبي سوات ۽ مينگورا جتي امن جو مسعلو موجود آهي تنهن هوندي به ميلا لڳن ٿا. ته پوءِ ننگر پارڪر ۾ سياحت ۽ روزگارکي فروغ ڏين لاءَ ننگر پارڪر امن ميلو وغيره لڳاي مقامي هنر ثقافت کاڌن پيتن ۽ سياحت کي پروموٽ ڪري روزگار جا وسيلا پيدا ڪري سگهجن ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment