شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 29 - نومبر - 2020ع

سُرن جو بادشاهه علڻ فقير 18 سال اڳ وڇڙيو هو


صبح 02 لڳي 38 منٽ -اربع 04 جولاءِ 2018  264 

علي مراد چانڊيو

image-1

سُرن ۽ سازن جي بادشاهه علڻ فقير کي وڇڙئي 18 سال گذري ويا آهن، سندس ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي. علڻ فقير جو تعلق سنڌ جي ڪوهستان واري علائقي جي شهر آمري (اڳوڻي ضلعي دادو ۽ هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري) جي هڪ مڱڻهار گھراڻي سان هو، سندس وڏن جو ڳائڻ وڄائڻ سان ورهين کان واسطو هو.

علڻ فقير آمريءَ ۾ پنهنجي وقت جي مشهور دهلاريءَ ۽ ڍولڪ نواز ڌمالي فقير جي گھر ۾ 1932ع ڌاري جنم ورتو. علڻ فقير پنهنجي ننڍپڻ ۾ ئي اسڪول وڃڻ بدران دادو کان ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ هلندڙ ريل گاڏين ۾ مسافرن کي مزاحيا شاعري ۽ چرچا ٻڌائي پنهنجو پيٽ پالڻ لڳو، انهن ئي ڏينهن ۾ هن ڀٽائي سرڪار جي درگاهه تي به ڪثرت سان حاضريون ڀرڻ شروع ڪيون ۽ هو ڀٽ ڌڻيءَ جو مستقل پانڌيئڙو بڻجي ويو.

فائيل فوٽو

علڻ فقير شروعاتي ڏينهن ۾ مزاح سان ڀرپور هڪ ڪردار هو، اڪثر ميلن ملاکڙن تي پنهنجي پيء ڌمالي فقير سان واڄو ڪرڻ مهل دهل کي هڪ پاسي رکي، وڏي لٺ کڻي ملاکڙي جي ميدان تي لهي پوندو هو. سندس ملھ ڪنهن پهلوان سان نہ هوندي هئي، سندس ملھ ان لٺ سان هوندي هئي.

 

علڻ فقير، ڀٽائي جي راڳ ۽ خاص طور تي وائيءَ کي ايترو ته گهرائيءَ سان پروڙيو، جو ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ شاهه جي وائي ۽ شاهه سائين جو ايجاد ڪيل الهامي ساز تنبورو سندس سڃاڻپ بڻجي ويا.

فائيل فوٽو

علڻ فقير کي فن جي اعتراف ۾ صدارتي ايوارڊ براءِ حسنِ ڪارڪردگي ٻه ڀيرا 1992ع ۽ 1996ع ۾، لطيف ايوارڊ ٻه ڀيرا 1987ع ۽ 1997ع ۾، پاڪستان ٽيليويزن جو ايوارڊ، شهباز ايوارڊ 1996ع، مصري شاهه ايوارڊ، گورنر سنڌ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ڏيهي توڙي پرڏيهي ايوارڊ مليا. علڻ جي ڳايل مشهور ڪلامن ۾ ”جيڪي ميهار ميهار ڪن ڙي اديون، يار ويکو رنگ لايا هي، ٽڙي پوندا ٽارئين، جڏهن ڳاڙها گل، پاڻ تو پيدا ڪيو، ٻولي منهنجِي ٻانڀڻياڻي، تن ۾ الا من ۾ الا ۽ ٻيا ڪيترائي ڪلام شامل آهن.

علڻ فقير ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج کانسواءِ سنڌي فلمن لاءِ پڻ ڳايو. سندس لاڏاڻو 4 جولاءِ 2000ع تي ٿيو، علڻ فقير جي آخري آرامگاهه سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ڪالونيءَ ۾ آهي. کيس مداحن کان وڇڙئي 18 سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به چاهيندڙن جي دلين ۾ جيئرو آهي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment