شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

کاروڇاڻ: جتي سنڌو جي لٽ ڇڻي ٿي


صبح 06 لڳي 11 منٽ -جمعو 15 جون 2018  211 

عثمان راهوڪڙو

image-1

 

 سنڌو درياءَ جي ڇوڙ واري علائقي مان جڏهن سڪندر مقدوني حملو ڪيو هو، تڏهن سنڌو جو ڇوڙ پٽيالا هو. جتان سنڌو درياءَ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويندو هو. درياءَ جي ٻنهي حصن کي سنڌو چيو ويندو هو ۽ لکيو پڻ ويو آهي.

سنڌو جو ڇوڙ وارو علائقو ليکڪ جنرل هيگ جي ڪتاب جو عطا محمد ڀنڀرو پاران ڪيل سنڌي ترجمي واري ڪتاب ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر فهميده حسين لکي ٿي ته ”سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، ان جي درياءَ ۽ ڍنڍن، ڍورن جي ڪنارن تي وسيل آبادين جي باري ۾ ڪا باقاعدي ۽ مستند لکت نه هئڻ ڪري اڪثر مشرقي ۽ مغربي سياحن ۽ تذڪره نگارن جي احوالن ۽ بيانن مان سلسلا جوڙيا ويندا آهن. ان حساب سان جڏهن انگريزن 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي ته انهن 1877ع تائين ٻه ڀيرا سمنڊ جي جانچ ۽ پڙتال ڪئي. ڪيل جانچ مان هي نتيجو اخذ ڪيو ويو ته سنڌو درياءَ ڏاڍي تيز رفتاري سان سمنڊ ڏانهن وڌي رهيو هو. جنهن مان پتو پيو ته سنڌو درياءَ جي مکي ڇوڙن وٽان 10 سالن اندر ساڍا ٽي ميل سمنڊ ڏانهن ڌرتي وڌي آهي. ان ليکي سان هڪ سال ۾ هڪ ميل جو ٽيون حصو ڌرتي سمنڊ ڏانهن وڌي رهي آهي. اتي ڪن ڦاڪن تي ڌرتي جي اڳتي وڌڻ واري رفتار گهٽ به نظر آئي آهي ۽ ڪي اهڙا حصا به آهن، جتي سمنڊ پنهنجو وڃايل حصو ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڌرتي سان ڇولين ذريعي ويڙهاند ۽ ڏي وٺ ڪندي به اڳتي وڌندي نظر آيو آهي. سنڌو درياءَ سال ۾ 217 ملين گز لٽ سمنڊ ۾ ڇڏيندو آهي. جڏهن ته نيل درياءَ ڇوڙ واري علائقي ۾ سال ۾ اڳتي وڌڻ جي رفتار 4 ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. پر هن وقت نه ته سڪندر مقدوني واري دور دوران سنڌو جو اهو وهڪرو ۽ ڇوڙ آهي. نه وري گذريل 10 سالن کان ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ سنڌو درياءَ ۾ گهربل مقدار تحت سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ ٿئي ٿو.

تصوير: عثمان راهوڪڙو

 ڏهاڪو سالن کان وٺي سنڌو درياءَ جو ڪوٽڙي کان هيٺ سمنڊ ۾ پاڻي صرف سال جا ٽي مهينا وڃي ٿو. جنهن ڪري ڇوڙ واري علائقي جا ماهگير سياسي ۽ سماجي پارٽين جا ڪارڪن مختلف وقتن تي پاڻي نه ڇڏڻ بابت هلچل هلائي رهيا آهن. اتي پاڪستان جي سينيٽ طرفان سنڌو درياءَ جي ڇوڙ واري علائقي ۾ پاڻي جي مقدار معلوم ڪرڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي ميمبر ڪريم خواجه سينيٽ جي فلور سميت ميڊيا ذريعي اهو چئي چڪو آهي ته سنڌو جو پاڻي سمنڊ ۾ نه وڃڻ سبب سمنڊ مٿي چڙهي ڌرتي پائي رهيو آهي ۽ ڪوٽڙي کان هيٺ لکين ايڪڙ زمين مياڻون، ٻيلا ۽ قدرتي ماحول پڻ تباهه ٿي ويو آهي.“

تصوير: عثمان راهوڪڙو

 سنڌو درياءَ جڏهن 1758ع ۾ پنهنجو وهڪرو نصرپور کان تبديل ڪيو ته ان ڪري بگاڙ ڦاڪ، ڪلري ڦاڪ، ستا ڦاڪ، گونگڙو ڦاڪ، پڃاري ڦاڪ، ريڻ ڦاڪ، پٽيهل ڦاڪ، سانگرو ۽ پراڻ وارا دريائي ڦاڪ سڪي ويا. جنهن ڪري پراڻو ڇوڙ وارو علائقو پنهنجي پراڻي حالت ۾ جتي برقرار رهي نه سگهيو آهي. اتي اڄ تائين به تاريخ نويس متفق ناهن ته ديبل بندر ڀنڀور وٽان گهاري واري ڦاڪ تي هو يا پير پٺو وٽان بگاڙ واري دريائي ڦاڪ تي هو. اهو ڊگهو بحث پنهنجي جاءِ تي پر هن وقت سنڌو جو ڇوڙ کاروڇاڻ کان پيو سمنڊ ۾ ٿئي.

تصوير: عثمان راهوڪڙو

مرزا شاهه حسن ترخان جي دور ۾ حڪومتي ڪاروهنوار ۾ اسماعيل ٻهارو ۽ عربي ڳاهو اڳيان اڳيان هئا. اسين جڏهن ٻهارا شهر کان گذرون ٿا ته اسماعيل ٻهارو ياد اچيو ٿو وڃي. اتي ٻهارا شهر وٽان محمد صديق ۽ مولابخش نظاماڻي ۾ پوليس جي حدبندي جيان رستو وٺي هلڻ لاءِ تڪرار ٿو ٿئي پر اسين مولا بخش جي اسرار تي جڏهن پاڻي جي پوڄا طور مشهور اڏيري لال جي درگاهه وٽ پهچون ٿا ته اتي صاحب ڏنو ڳاهو جي نالي واري بورڊ کي ڏسي عربي ڳاهو به ياد اچي ويو.

تصوير: عثمان راهوڪڙو

ٽٽل رستو ڏيئي جڏهن اڳتي وڌجي ٿو ته رستي جي ٻنهي ڪنارن تي ڳاڙهيون ۽ مينهون نظر آيون جن کي مالدار ڀاڳيا ولرن جي صورت ۾ ڪاهي وڃي رهيا هئا. انهن جو سفر جنگي سر، کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر جي ٻيٽن ڏانهن هو. جيئن جيئن اڳتي وڌجي ٿو ته زمين جو لينڊ اسڪيپ ۽ موسم به تبديل ٿيندي پئي وئي. ڳاڙهي شهر ڀرسان معشوق پيروزاڻي جي ڳوٺ وٽ ذوالفقار آباد جي پيڙهه جو پٿر نظر آيو. ذوالفقار آباد ڳاڙهي کان وٺي جاتي تائين اٽڪل ساحلي پٽي جي پنجن تعلقن جي ايراضي ۾ جديد بنيادن تي ٺهڻو هو. پر ان جو رڳو پيڙهه جو پٿر ئي رکيل آهي.

تصوير: عثمان راهوڪڙو

سامونڊي وير چڙهيل هئي. ٻنگهاڻ کان کاروڇاڻ تائين روڊ جي هڪ طرف پاڻي ئي پاڻي هو. ٻئي طرف پان، ڪيلن، انبن، ناريلن جا باغ ۽ ڪمند پوکيل هئا. انهن مان گذرندي جڏهن کاروڇاڻ اچي ٿو. جتي هن وقت شينهن درياءَ سنڌو پاڻ کي سمنڊ ۾ سمائي ٿو ۽ سندس لٽ اتي ڇڻي ڪيئي ٻيٽ ٺاهي ڇڏيا آهن. واهوندو وريل هو، ڇوليون هڪ ٻئي سان پئي ٽڪرايون، مالدار مينهون درياءَ مان پار اڪاري مينهن جي پڇن ۾ جهلي مينهن سان گڏ تري رهيا هئا.

تصوير: عثمان راهوڪڙو

اهي مالدار برسات وسڻ بعد پنهنجا ڍور سامونڊي ٻيٽن تي چارڻ لاءِ ڪاهي وڃي رهيا هئا. زندگي جو اهو پهريون تجربو جو معلوم ٿيو ته جڏهن برسات وسي ٿي ته سامونڊي سوين ٻيٽن تي قسمين قسمين گاهه ۽ ٻوٽا ڦٽن ٿا. جتي ٺٽي ۽ سجاول جا ڀاڳيا مينهون، ڍڳا، اُٺ، ٻڪريون ۽ رڍون چارڻ لاءِ ڪاهي وڃن ٿا. ڀاڳيا تيستائين سامونڊي ٻيٽن تي ڍور چارين ٿا، جيستائين سامونڊي کارين ۾ مٺو پاڻي ختم نٿو ٿئي. جڏهن کارين مان مٺو پاڻي ختم ٿئي ٿو ته ڀاڳيا واپس پنهنجي ماڳن ڏانهن ورن ٿا.

تصوير: عثمان راهوڪڙو

 کاري ڇاڻ جي سماجي ڪارڪن ايوب سهتي جو چوڻ آهي ته ڪوٽڙي بئراج ٺهڻ کان پوءِ آهستي آهستي سنڌو جو پاڻي ڊائون اسٽريم ۾ بند ٿيندو رهيو. جنهن ڪري اڏيري لال جي درگاهه وٽان نڪرندڙ اوچتو ڦاڪ به 1960ع کان 1965ع تائين سڪي ويو. جنهن ڪري ڳاڙهو، ٻگهاڻ، ٻهارا ۽ ڪيٽي بندر جون سبز زمينون ويران ٿي ويون ۽ 1947ع ۾ هندن جي لڏپلاڻ سبب کاري ڇاڻ سامهون سوکي بندر به ويران ٿي ويو.

 هي علائقو عربن جي ڪاهه کان وٺي مغلن جي حاڪميت تائين ڌارين جي آمد جو لنگهه ۽ سياست جو محور به رهيو ۽ هتان کان ڪڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپني جا فلوڊيا جهاز به هاڪاريندا هئا ته ڪڏهن آر ماڙ به گذرندا هئا. پر هاڻي خشڪي واري رستن ۽ جهاز راني سبب نه اهي دريائي وڻج ۽ واپار وارو رستو ته ويران ٿي ويو آهي پر اڄ به ماهگير مڇي ماريندي سنڌو جي کاري ڇاڻ سميت مختلف بندرن ۽ مياڻن تي نظر اچن ٿا. سنڌو جي ڇوڙ واري علائقي ۾ هاڻي جڏهن پاڻي اچي ٿو ته ان ۾ پلو به سمنڊ مان چڙهي ٿو ۽ ماهگيرن جي منهن تي مرڪون به نظر اچن ٿيون. 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment