شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

بابر جو انڌو پُٽ جيڪو ٻن سالن تائين فتح باغ جي ڪوٽ ۾ رهيو


صبح 06 لڳي 22 منٽ -اربع 13 جون 2018  346 

ابوبڪر شيخ

image-1

 

هُمايون ڪابل ۾، مارچ 1508ع ۾ بابر جي گهر ۾ پيدا ٿيو. بابر پنج سال هندوستان تي حڪومت ڪئي ۽ محلاتي سازشن ڪري کيس کاڌي ۾ سلطان ابراهيم جي ماءُ، جنهن کي بابر به ماءُ جو درجو ڏنو هو, اُن ماءُ، پورو هڪ تولو زهر جو کيس کاڌي ۾ کارايو جنهن سبب شديد پيٽ جي تڪليف ۾ بابر هي جهان ڇڏيو.

بابر جون چار شاديون هُيون پر سڀني کان وڌيڪ هُو ’ماهم بيگم‘ کي چاهيندو هو جنهن مان کيس  ’هُمايون‘ هو، جڏهن ته ٽيون نمبر زال ’گل رُخ بيگم‘ هئي جنهن مان ’ڪامران مرزا‘ هو ۽ چوٿين زال مان ’هندال مرزا‘ ۽ ”هُمايون نامه“ جي مصنفه گلبدن بيگم هئي.

 هُمايون مجموعي طور هڪ بهتر ۽ ڪُونئري دل جو مالڪ هو, ان ڪري شفقت هن جي سُڃاڻپ هئي. پر هو اهڙا نصيب کڻي آيو جو هُن جڏهن 1556ع ۾ هي جهان ڇڏيو ته هن جون انيڪ تمنائون پوريون نه ٿي سگهيون هيون.

بابر جيڪا پنهنجي خاندان کي گڏ رکڻ جي سُتي پنهنجي سڄي خاندان کي پياري هُئي، اُن تي سڀني عمل ڪيو سواءِ ’ڪامران مرزا‘ جي، ڪامران شروع کان منفي سوچ جو رهيو. اُن جو بنيادي سبب اهو هو جو بابر جو ورتاءُ سندس ماءُ سان اُن حساب جو ڪونه هو جهڙو ٻين راڻين سان يا خاص ڪري ماهم بيگم سان جنهن تي هوُ جان پيو قُربان ڪندو هو ۽ انهيءَ مان هُمايون هو، شايد ڪامران جي پنهنجي خاندان خاص ڪري هُمايون سان ان ڪري نه لڳندي هُئي، هن سڄي حياتي همايون کي پريشان ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي. اُها ٻي ڳالهه آهي ته مڪافات عمل جو اهڙو ڦيرو آيو جو هو آخر ۾ انڌو ٿي ماتليءَ ڀر ۾، فتح باغ جي ڪوٽ ۾ زندگي جا آخري سال گذاريائين.

تصوير: ابوبڪر شيخ
تصوير: ابوبڪر شيخ

 اسين جڏهن هُمايون کي 1542ع ڌاري سنڌ ۾ ڏسون ٿا ته اتي اسان کي ’هندال مرزا‘ جو نالو ته نظر اچي ٿو پر ڪامران مرزا جو نه، ان حد تائين جو هن سنڌ واري سفر تي پنهنجي اڳي ڀيڻ ’گُلبدن بيگم‘ کي  هُمايون سان گڏ سنڌ وڃڻ جي اجازت نه ڏنائين. سڄو همايون نامه جيڪو اسان اڳيان آهي اهو سفر تي ويل خاندان کان پڇي ياگيرين جي بنياد تي گُلبدن بيگم تحرير ڪيو هو.

تصوير: ابوبڪر شيخ

هُمايون لوڌيءَ کان ڀڄندو راوي پار ڪندو، ملتان مان ٿيندو ’ٻٻرلو‘، اُتان کان ’پاٽ‘ اچي پهتو جتي، مرزا هندال جي ويجهي عزيز ’شيخ علي اڪبر جامي‘ جي ڌيءَ ’حميده بانو بيگم‘ سان  سيپٽمبر 1541ع ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان ’اڪبر‘، عمرڪوٽ ۾ ڄائو پر سنڌ جو آسمان  اڪبر ، جوڻ ويجهو فتح باغ جي ڪوٽ جي اڱڻ مان ڏٺو هو.

هُمايون جيستائي فتح باغ ۾ رهيو، مرزا شاه حسن لاءِ پريشاني جو سبب ئي رهيو، آخر مرزا شاه حسن جان ڇڏائڻ لاءِ ڪجهه اُٺ، گهوڙا ۽ خوراڪ ڏيئي همايون کي فتح باغ مان روانو ڪيو ۽ هُمايون 1543ع ۾ هتان کان روانو ٿيو تڏهن مرزا شاه حسن وڃي سُک جو ساهه کنيو.

تصوير: ابوبڪر شيخ
تصوير: ابوبڪر شيخ

مرزا ڪامران خانداني رنجشن جي ڪري ابتدا کان ئي همايون ۽ پنهنجن ٻين ڀينرن ڀائرن سان نه ٺهيو، همايون هن کي سمجهائڻ ۽ مثبت راهه وٺڻ جا ڪيترائي موقعا ڏنا، پر ڪامران تي ان جو ڪو اثر ڪونه ٿيو. همايون جڏهن سنڌ کان عراق روانو ٿيو ته، ڪامران، ميرالله دوست ۽ بابا چوچڪ کي سنڌ موڪلي، مرزا شاهه حسن کان سندس ڌيءَ جو سڱ پنهنجي لاءِ گهُريو  ۽ مرزا شاه حسن اهو رشتو قبول ڪيو.

تصوير: ابوبڪر شيخ

اتفاق ڏسو، همايون سنڌ جي ’پاٽ‘ شهر ۾، 1541ع ۾ حميده بانو بيگم سان شادي ڪئي هُئي، ٽن سالن کانپوءِ انهيءَ شهر ۾، همايون جي اڳي ڀاءُ، ڪامران مرزا، شاه حسن جي نياڻي ’چوچڪ بيگم‘ سان شادي ڪئي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته، شاديءَ کانپوءِ همايون هتي ٽي ڏينهن رهيو البت ڪامران مرزا هتي ٽي مهينا رهيو. ٽن مهينن کانپوءِ هو پنهنجي باغياڻي طبيعت کڻي وري ڪابل ويو.

تصوير ابوبڪر شيخ

ڳالهه جڏهن تخت ۽ تاج جي هجي ته پوءِ،  ڪيفيتون ۽ رشتا ثانوي حيثيت تي وڃي بيهن ٿا. ايندڙ نون ڏهن سالن تائين ڪامران مرزا  جون عَجيب قسم جون حرڪتون ۽ سياسي ناڪاميون جنم وٺنديون رهيون، ’حرم بيگم‘  سان هن جي عشق جا افواه به پنهنجي وقت ۾ چوٽ تي پهتل هُئا.

تصوير : ابوبڪر شيخ

ڪامران مرزا جڏهن انهيءَ دوران ڪابل تي قبضو ڪيو ته، ’اڪبر‘ انهي قلعي ۾ هو، جڏهن هُمايون قلعو وٺڻ لاءِ محاصرو ڪيو ۽ قلعي تي بمباري ڪرائي ته ڪامران، اڪبر کي قلعي جي ديوار تي بيهاري ڇڏيو ۽ ماهم انگهه، جنهن ماءُ بنجي اڪبر کي پاليو هو، اُها اڳيان ٿي بيهي رهي. ٻنهي ڀائرن کي پاڻ ۾ ٺاهڻ لاءِ هيءَ تجويز به رکي ويئي ته، ’اڪبر‘ ۽ مرزا ڪامران جي ڌيءَ جي پاڻ ۾ مڱڻي ڪري، ڪابل انهن ٻنهي جي حوالي ڪيو وڃي، پر مرزا ڪامران ان ڳالهه تي به اتفاق نه ڪيو.

آخر جنگ ٿي ۽ فتح هُمايون کي ملي. پر ڪامران شڪست جي باوجود شاهي فوج تي راتاهو هنيو، جنهن ۾ ’مرزا هندال‘ قتل ٿي ويو، مرزا هندال، گلبدن بيگم جو ڀاءُ هو ۽ همايون کي تمام گهڻو ويجهو هو، انهيءَ وقت هندال جي عمر 32 سال هئي، هن پٺيان هڪ نياڻي ڇڏي جنهن جو نالو ’رُقيه‘ هو، جيڪا اڪبر جي پهرين گهرن واري بني. هن قتل، ڪامران مرزا لاءِ پنهنجي خاندان ۾ موٽڻ جا سڀ رستا بند ڪري ڇڏيا، خانداني طور اهو فيصلو ڪيو ويو ته، کيس قتل ڪيو وڃي، پر هُمايون کيس قتل ڪرڻ جي حامي نه ڀري، بس فقط سندس اکين ۾ گرم سُرمي جي ڪاني ڦيرائي انڌي ڪرڻ جو حُڪم ڏنو. انڌي ٿيڻ کانپوءِ، مرزا شاه حسن جي نياڻي هن جو مڪمل ساٿ ڏنو ۽ هن کي وٺي سنڌ پهتي.

تصوير: ابوبڪر شيخ

مرزا شاه حسن پنهنجي بي نُور ناٺيءَ کي فتح باغ جي ڪوٽ ۾ رهائش ڏني ۽ بورچي خاني جي خرچ  هلائڻ لاءِ ميرپور بٺورو جي آمدني انهن جي حوالي ڪئي. فتح باغ  ۾، هُمايون جي نوڪرن مان هڪ ’چلمه بيگ‘ ڪامران مرزا جي خدمت تي مقرر هو. ٻن سالن تائين ڪامران فتح باغ جي ڪوٽ ۾ رهيو. ٻن سالن کانپوءِ هن جڏهن حج ڪرڻ جي سنڀت ڪئي ته سندس گهرن واري چوچڪ بيگم به ساڻس گڏ هلڻ لاءِ تيار ٿي، جنهن تي سندس پيءُ مرزا شاه حسن گڏ وڃڻ جي سختي سان منع ڪئي پر چوچڪ بيگم پنهنجي پيءُ سان سهمت نه ٿي. ٻيئي زال مڙس گڏجي روانا ٿيا ۽ مڪي ۾ ئي رهيا جتي هنن ٽي حج ڪيا.  5 آڪٽوبر 1557ع ۾ ڪامران مرزا بي نُور اکين سان مني  ۾ دم ڏنو ۽ ستن مهينن کانپوءِ چوچڪ بيگم هي جهان ڇڏيو.

 

 

 

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment