شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 26 - مئي - 2020ع

جي ايم سيد جي ڪتب خاني تي ڊاڪيومنٽري


صبح 11 لڳي 52 منٽ -اڱارو 05 جون 2018  440 

خدا بخش جويو

image-1

 سائين جي ايم سيد جو ڪتب خانو، موجوده دور ۾ اهم ۽ وڏن ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿو. سياست، علم ۽ ادب جي سڌاري ۽ واڌاري واري جذبي، سن جي سيدن کي ڪتب خاني لاءِ حد بنديون مقرر ڪرڻ نه ڏنيون، جنهن جي ڪري ڪارڪنن کان وٺي، عام ماڻهو، ڏينهن جا ڏينهن رهي، ڪتب خاني جي مواد منجهان فائدو حاصل ڪندي، پنهنجي پسند جا ڪتاب کڻندا رهيا.

ڪتب خاني جي هڪ الڳ عمارت، جيڪا سائين جي ايم سيد جي رهائش گاهه لڳ سن ۾ آهي،  هڪ هال ۽ ٻن ورانڊن تي  آهي. هال تقريبن 18 باءِ 20  فوٽن تي ٿيندو. جيڪو پڙهندڙن جي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. اتي هڪ هالن جي جنڊيءَ تي ٺهيل فرنيچر سيٽ به موجود آهي. ٻه آرام ڪرسيون ۽ هڪ ٽيڪ واري ڪرسي جنهن تي سائين جي ايم سيد اڪثر ڪري ويهي مطالعو ڪندو هو. هڪ وڏي ميز ۽ ڪتابن لاءِ ڪاٺ جا 30 ڪٻٽ  ۽ 4 اسٽيل جون الماريون موجود آهن. تحقيق ڪندڙن لاءِ  هر سهولت جو بندوبست ٿيل هوندو آهي، جهڙوڪ هڪ گهرو ملازم، ڪتب خانو کولي ڏيڻ ۽ ماني، پاڻي، چانهه ۽ شربت جو بندوبست ڪري ڏيڻ لاءِ موجود هوندو آهي. تحقيق ڪندڙن جي رهائش جو به بندوبست ٿيل آهي. جنهن جو ذمو ۽ خرچ سيد جي حويلي برداشت ڪري ٿي. ان بندوبست لاءِ سائين جي ايم سيد جي لائق پوٽن سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد ضياءُ شاه جو اهم ڪردار آهي.

ڪتب خاني جي ڀتين تي چوڌاري فريمن ۾ بند ٿييل فوٽو  لڳل آهن، جن ۾ پير صبغت الله شاهه راشدي، مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، خان عبدالغفار خان، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سر غلام حسين هدايت الله، شهيد الله بخش سومرو، سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، سيٺ عبدالله هارون، جمشيد نسروانجي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس، حسين شهيد سهروردي، شيخ مجيب الرحمان، ذالفقار علي ڀٽو، مير غلام علي ٽالپر، محمد هاشم گذدر، حاتم علي علوي، عبدالستار پيرزادو، خانبهادر حسن علي آفندي، سيد ميران محمد شاهه، مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر هوتچند، مولچند گربخشاڻي، لال چند امر ڏنو مل، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، وغيره جا فوٽو شامل آهن.

15 جنوري 2003ع تي حيدرآباد ۾ ”جي ايم سيد سنڌ جا علمي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي بنياد“ جي عنوان سان ٿيل هڪ ڏينهن واري  ادبي ڪانفرنس  جي صدارت ڪندي نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ  سائين جي ايم سيد جي ڪتب خاني  متعلق چيو ته: ”سائين جي ايم سيد ان ڪتب خاني جي سنڀال پاڻ ڪندا هئا. جيڪا فقط ڪو عالم ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. سا اها ته جيڪو به ڪاغذ ايندو هو سو پاڻ وٽ حفاظت سان رکندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪو خط يا ڪاغذ هو، نوڪر کي چيائون ته سنڀالي رکو. نوڪر پڇيو ته هِتي يا هُتي رکجي. چيائون ته اهو کڻي فلاڻو فائيل آهي، ان ۾ وڃي رکو. يعني جيڪو سندن ڪتب خانو هو. سو باقاعده سنڀاليل هو ۽ هر فائيل اتي محفوط هو. اهڙي سنڀال ڪو عالم ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. ٻيو نه ڪري سگهندو.“

  جي ايم سيد کي 14 سالن جي عمر کان علم ۽ ادب سان شوق هو. ان ڪتب خاني ۾ گڏ ٿيل ان ذخيري ۾ سڀ کان وڌيڪ برصغير جي لڳ ڀڳ مڙني سياستدانن، اديبن، عالمن، اسڪالرن، سماجي ڪارڪنن، وڏيرن، پيرن، آفيسرن، شاگردن، عام ملازمن، دوستن احبابن ۽ مٽن مائٽن  جا اهي سمورا خط، پوسٽ ڪارڊ ۽ تارون شامل آهن. جيڪي  عمر جي آخري حصي تائين سائين جي ايم سيد کي مختلف مقصدن، ڪمن ڪارين، ۽ ڪن پروگرامن واري حوالي سان موڪليا ويا هئا. هن ڪتب خاني ۾ ادارن ۽ سياسي جماعتن جو نه رڳو جڙڻ وارو رڪارڊ پر مقصد ۽ مول متن وارو  مواد به موجود آهي.

تصوير: خدا بخش جويو

ڪتب خاني ۾ اهم ادارن ۽ انجمنن جي ميٽنگن  اندر ٿيل بحث جو رڪارڊ، طئه ٿيل ڳالهين ۽ ظاهر ڪيل پاليسين جو پڻ مواد موجود آهي. سائين جي ايم سيد جون 1982ع کان 1985ع تائين باقائدگيءَ سان ۽ ان کان اڳ ايڪڙ ٻيڪڙ لکيل ذاتي ڊائريون پڻ قابل ذڪر  موجود آهن. سائين جي ايم سيد جي ڪتب خاني ۾ فوٽن جو  پڻ چڱو خاصو ذخيرو موجود آهي. سنڌ اندر هر قسم جا شايع ٿيل بي انداز پمفليٽ ۽ اشتهار پڻ ڪتب خاني ۾ موجود آهن. ان لائبريري ۾ علم دنيا، برصغير ۽ سنڌ جو تاريخي مواد مختلف انسائيڪلوپيڊيائن کان سواءِ مختلف مذهبن، مختلف ملڪن ۽ قومن جي ثقافتي ورثن، علم ۽ ادب، تعميراتي علم، سوشيالاجي، سائڪالاجي، علم فلڪيات، سميت زندگي جي هر شعبي سان لڳاپيل مواد موجود آهي. گهڻو ذخيرو علم سياست ۽ مذهب جي مواد جو آهي.

1993ع ۾ نواز شريف جي وفاقي حڪومت لکپڙهه جي ڏي وٺ کان پوءِ صوبائي حڪومت سنڌ کي سائين جي ايم سيد جي سن ۾ قائم لائبريري جي مائڪرو فلمنگ ۽ سندس حياتي بابت دستاويزي وڊيو فلم ۽ سندس ساروڻين تي مشتمل هڪ طويل انٽرويو ڪرڻ جي اجازت ڏني. ان کان اڳ ۾ سنڌ حڪومت سائين جي ايم سيد کي سندس تاريخي لائبريري خريد ڪري ڏيڻ لاءِ ڪروڙين روپين جي آڇ ڪئي هئي پر سائين جي ايم سيد پنهنجي لائبريري سنڌ حڪومت کي ڏيڻ کان انڪارڪري ڇڏيو هو. 

سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت طرفان سائين جي ايم سيد جي لائبريري  ۽ انٽرويو جي حوالي سان  اجازت ملڻ کانپوءِ صوبائي ثقافت کاتي پاران تاريخي لائبريري ۾ موجود هزارين ڪتابن، قلمي نسخن جي مائڪرو فلمنگ ڪرڻ لاءِ مارچ 1993 ۾ اسٽاف پهچي ويو جن اچي پنهنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو.

 ان وقت سيد جي لائبريري ۾ نادر ۽ ناياب فوٽن کانسواءِ قائد اعظم سميت ننڊي کنڊ جي سياسي شخصيتن جي خطن تي مشتمل چو ونجاهه فائيل شامل هئا، ان کان سواءِ سيد جون ذاتي ڊائريون، جيڪي هو 1920ع کان 1986ع تائين باقاعده روزانه لکندو پئي آيو سي پڻ موجود هنيون. ان وقت ثقافت کاتي طرفان مقرر ٿيل اسٽاف جي ماڻهن کي سائين جي ايم سيد جي نظر بندي هوندي ، سندس خلاف هلندڙ بغاوت ڪيس جي فرد جرم جي جواب ۾ لکيل سائين جي ايم سيد جو جواب جيڪو 250 صفحن تي مشتمل هو ، ان جو نقل پڻ مائڪرو فلمنگ واسطي ڏنو ويو. ان کان سواءِ سيد جي ذاتي زندگي تي پڻ دستاويزي وڊيو فلم به تيار ڪئي وئي. سيد جي ساروڻين تي مشتمل وڊيو انٽرويو رڪارڊ ڪرڻ لاءِ هڪ پينل جنهن ۾ سنڌ ثقافت کاتي جو سيڪريٽري حميد آخوند، ڊائريڪٽر جنرل ممتاز مرزا ۽ ڊان گروپ آف پبليڪيشن جو سرواڻ حميد هارون سن ۾ اچي سيد جو ڪيترن ڏينهن تائين انٽرويو رڪارڊ ڪيو هو.وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت وچ ۾ ان سلسلي ۾ جيڪا لکپڙه جي ذريعي اها اجازت ملي هئي ان ۾ ان وقت جي گورنر محمود اي هارون جي ذاتي دلچسپي ۽ ڪردار هو. ثقافت کاتي پاران مقرر ٿيل اسٽاف ۽ ٻين مهمان جي رهائش ، کاڌي پيتي جو پورو انتظام سيد جي حويلي سر انجام ڏنو . انهن سان گڏ نظر داري لاءِ وقتن بوقتن ماستر غلام قادر هوندو هو. ۽ مستقل طور تي سندن حاضري ۾ ٻه نوڪر ۽ سن جي نوجوان سيد علي حيدر شاهه جي پڻ ڊيوٽي هئي. تان جو لائبرري جي فلمبندي سميت سيد جو مڪمل انٽرويو ڪيو ويو هو، پر ان کي ڪڏهن به پبلڪ نه ڪيو ۽ هاڻي اها به پڪ نه آهي ته اهو تاريخي مواد ثقافت کاتي جي آرڪائيز ۾ محفوظ به آهي يا نه...؟

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment