Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

مادري ٻولي دل ۽ دماغ جي ٻولي


2018-05-30 03:26:45  390 
User Image

سهيل صديقي

image-1

دنيا جڏهن کان وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان انسان پنهنجي ۽ دنيا جي ترقي، تعليم، تحقيق ۽ ايجادن ۾ هڪٻئي کان اڳرو رهيو آهي ۽ هر ايندڙ نسل پنهنجي پنهنجي دور جي حساب سان انسان، دنيا، معاشري، تعليم ۽ تحقيق ۾ جدت آڻي ترقيءَ جا نوان ڏاڪا طح ڪيا آهن. اها ترقي، تحقيق ۽ ايجادون هزارين سالن جي جدوجهد جو نتيجو آهن ۽ انهن هزارين سالن جي ان جدوجهد جي پويان هزارين اهڙا ڏاها، مفڪر، سائنسدان ۽ علم ڌڻي آهن جن اسان جي هٿن ۾ علم فلڪيات، علم ڪيميا، فزڪس، رياضي، معاشيات، علم طب، فلسفو، سياست، تاريخ ۽ سوين ٻين علمن جا بنيادي اصول رکيا. انهيءَ علم جي جاکوڙ ۾ سڄي دنيا جي هزارين ڏاها مصروف عمل رهيا جن ۾ عرب، آفريڪن، برٽش، اسڪاٽش، آمريڪين، چيني، ڪرسچن چرچ، رومي، مصري، جرمن، فرينچ، فارسي ۽ مسلمان سائنسدان، ماهر، ڏاها ۽ مفڪر شامل آهن. هاڻي سوال اِهي آهن ته دنيا جي عظيم ڏاهن، مفڪرن، سائنسدانن جڏهن پنهنجي تحقيق ذريعي دنيا کي نوان موڙ ڏنا ته انهن ڪهڙي ٻوليءَ کي وسيلو ٺاهي دنيا جون عظيم ايجاون ڪيون؟ گيليلو گليلي جڏهن ڪائنات جا راض ڄاڻڻ لاءَ دنيا جي پهرئين ٽيل اسڪوپ (هبل) پئي تيار ڪئي ۽ هن اهو نظريو پئي دنيا اڳيان رکيو ته سج دنيا جي چوئڌاري نه بلڪه دنيا سج جي چوئڌاري ڦري ٿي ته هن ڪهڙي ٻوليءَ ۾ سوچيو هوندو ۽ فڪر ڪيو هوندو؟ نيوٽن جڏهن صوف کي ڪرندي زمين تي ڏٺو هوندو ته هن ڪهڙي ٻوليءَ ۾ سوچيو هوندو؟ ۽ Law of Gravity جو خيال دماغ ۾ آندو هوندو. جڏهن البرٽ آئنسٽائين فزڪس جي اصولن جي باري ۾ سوچيندو هوندو ته ڪهڙي ٻولي هن جي دماغ ۾ اُهي سوچون فراهم ڪنديون هونديون؟ دمتري مينڊيلوو جنهن جو تعلق روس سان هو ۽ علم ڪيميا ۾ پيراڊڪٽ ٽيبل ٺاهي رهيو هوندو ته ڪهڙي ٻولي سندس دماغ ۽ دل تي حاوي رهي هوندي؟. اهڙي سڀئي سوال اسان کي ان ڳالهه تي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ته ايڏن وڏن سائنسدانن جڏهن ڪائناتي سائنس جا اصول پئي طح ڪيا ۽ نوان نظريا پئي ڏنا ته انهن ڪهڙي ٻوليءَ کي استعمال ڪندي علم جي گهراين ۽ اونهاين کي سلجائي سنواري ماڻهن اڳيان پيش ڪيو هوندو.

آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي جي پروفيسر جو ڪجهه ڏينهن پهريئن هڪڙو مضمون نظر هيٺ گذريو جنهن جو عنوان هو ”مادري زبان دل ۽ دماغ جي ٻولي“ ان وقت مونکي اهڙن سوين سوالن جا جواب مليا هئا. منهنجي دماغ سوچڻ شروع ڪيو ته گيليلو جڏهن ڪائنات جي وسعتن ۽ فلڪياتي اصول جوڙي رهيو هو ته هن جي دماغ ۾ فلڪيات جا سڀئي قانون جيڪي هن شايد ٻين ٻولين ۾ پڙهيا هجن پر ان وقت سندس ذهن ۾ سندس دل ۽ دماغ جي ٻوليءَ ۾ ڊيڪوڊ پئي ٿيا هوندا. ائين ئي دنيا جي انهن سوين عظيم انسانن پنهنجي تخيل کي تخليق ۾ بدلائڻ لاءِ پنهنجي مادري زبان جو ئي استعمال ڪيوهوندو. مان نٿو سمجهان ته پاسڪل جيڪو فرينچ سائنسدان هئو ان عربي يا فارسي ٻولي ۾ سوچو هوندو ۽ الفريد نوبل سوئڊش ڇڏي هندي يا جرمن ۾ سوچي ڪا تخليق ڪئي هوندي.

انهيءَ سڄي گفتگو کي مان هيٺين سطح تي کڻي اچڻ چاهيان ٿو ۽ مان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اسين پنهنجي معاشري جي ترقي اوستائين نه ڪري سگهنداسين ۽ نه ئي ڪي وڏا ماڻهو پيدا ڪري سگهنداسين جيستائين اسان پنهنجي تعليم (خاص طور تي بنيادي تعليم) پنهنجي مادري زبان ۾ حاصل نه ڪنداسين. اڄڪلهه جي دور ۾ ڏٺو اهو ويو آهي ته نوانوي سيڪڙو والدين پنهنجي ٻارن کي پنهنجي مادري زبان نه بلڪه ٻيئن ۽ ٽين ٻولين ۾ تعليم ڏيارين ٿا. جيڪا پنهنجي جاءِ تي ضروري آهي ۽ وقت جي تقاظا پڻ اها ئي آهي ته اڄڪلهه جي جديد ۽ رائج ٻولين کي سکڻ گهرجي. پر اسين انهن کي سکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ملڪ ۽ مادري زبان کي پاسيرو ڇڏي ٿا ڏيون. هڪ سائنسي تحقيق مطابق هڪ ٻار ڏهن سالن جي عمر تائين 7 ٻوليون باآساني سکي ۽ ڳالهائي سگهي ٿو. پر اسين اڄڪلهه فقط هڪ يا ٻن ٻولين تي ڌيان ڏيندي پنهنجي مادري زبان کي اهو چئي ٻارن کان پري ٿا رکون ته وقت جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم حاصل ڪرڻ سان مسقبل ٺهي سگهندو. هڪ طرف اسين پنهنجي ٻارن کي بهتر تعليم ڏيڻ خاطر دنيا جون ٻوليون ته پڙهائي رهيا هونداآهيون ۽ پنهنجي پر ۾ انهن جي ذهني نشونما ڪري رهيا هونداآهيون پر دراصل اهڙي طريقيڪار سان ٻار جي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پرورڻ جي صلاحيت کي تمام گهڻو نقصان ڏئي رهيا پهچائي رهيا هونداآهيون. 

ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ اسين ٿورو وڌيڪ گهرائي تي وڃي ڏسون ته اسان رابطي لاءِ ضروري ٻولين تي زور ڏيندي پنهنجي مادري زبانن کي ترجيحن آخري نمبر تي رکي ڇڏيون ٿا. انهي سڄي ڪچهري کان پوءِ پاڻ کي اهو ڏسڻ به ضروري آهي ته مادري زبان جو بنيادي ڪم ڇا آهي ۽ ٻار جي اوسر ۾ ڪيئن مددگار ثابت ٿئي ٿي. مادري زبان دراصل Medium of Thought ۽ اصل ۾ توهان جي خيالن جي وسعتن ۽ حدن کي وڌائي ٿو ۽ توهان جي سمجهڻ، سوچڻ ۽ پروڙڻ جا طريقا طح ۽ تيار ڪري ٿو. مادري زبان توهان جي خيالن جي پرورش جو ابتدائي عمل آهي ۽ اهو ڪنهن به ٻار توڙي فرد جي زندگيءَ ۾ انتهائي اهم عمل آهي. هاڻي اچو ته ڏسون ته اڄڪلهه جا والدين ڪهڙي طرح مادري زبان کي اهميت نه ڏئي رهيا آهن. ڪو به والد يا ماءُ جيڪڏهن پنهنجي ٻار سان اُن ٻوليءَ ۾ نه ٿا ڳالهائين جنهن ٻوليءَ جا پندرنهن کان ويهه هزار لفظ ان جي ذهن جو ذخيرو آهن بلڪه والدين ان ٻوليِءَ ۾ ڳالهائي رهيا آهن جنهن ٻوليءَ جو ذخيرو ٻه يا ٽي سو لفظن جي تعداد کان وڌيڪ ٻار وٺ نه آهي ته جنهن جي ڪري جيڪو ٻار جي زندگيءَ ۾ اظهار جو سانچو آهي اهو تمام گهڻو مصنوئي تمام گهڻو ڪچو ۽ کوکلو تمام گهڻو سطحي ۽ خالي قسم جو رهجي وڃي ٿو.

جيڪڏهن والدين پنهنجي ٻار سان ان زبان ۾ ڳالهائين/پڙهائين جنهن ٻوليءَ جي لفظن جو ذخيرو ٻار جي ذهن ۾ پندرنهن هزار کان ويهه هزار لفظن تائين موجود آهي ۽ جنهن کي سموري ثقافت، ماحول ۽ تهذيب جي مدد حاصل آهي ۽ پنهنجي آس پاس جو منظر نامو ان اڳيان موجود آهي ته شايد اسان جي ٻارن جي سوچڻ، سمجهڻ ۽ پروڙڻ جي صلاحيت مصنوئي، خالي ۽ ڪچي نه رهي. جيڪڏهن اسين پنهنجي ٻارن جي بنيادي تعليم مادري زبان ۾ نٿا ڏياريون ته هو ٻي ڪنهن به ٻوليءَ کي سکي ۽ جلد ئي ڳالهائي به وٺندا پر انهن جي سوچ جي شايد اها نشونما نه ٿي سگهندي هجي جيڪا شايد ڪنهن هڪ سائنسدان، تحقيقدان، تاريخدان ۽ ماهر جي ضرورت هجي. ڇو ته ڪنهن به ڳالهه کي سمجهڻ ۽ ان جي گهرائي تلاش ڪرڻ فقط تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن اسين پنهنجي مادري زبان ۾ بنيادي تعليم حاصل ڪريون. 

ان سڄي گفتگو مان اسان اهو به قطحي نتيجو نه ڪڍون ته اسان کي ڪنهن به ٻي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ/تعليم حاصل جي ضرورت نه آهي پر اهو نتيجو ضرور اخذ ڪرڻ کپي ته ٻين سڀني ٻولين سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ بنيادي تعليم اسان کي پنهنجي مادري زبان ۾ ئي حاصل ڪرڻ گهرجي پوءِ اها ڀلي ڪهڙي به ٻولي ڇو نه هجي. ڇو ته دنيا سان رابطو رکڻ ۽ اڳيان هائر ايجوڪيشن لاءِ ٻيون ٻوليون ضروري پڻ آهن پر پنهنجي ذهني اوسر ۽ سوچ جي وسعتن کي بيحد وڌائڻ لاءِ مادري ٻولي ضروري آهي. 

دنيا ۾ اهڙيون تمام گهڻيون قومون ۽ ملڪ آهن جن دنيا جي ترقي ۾ نه صرف هٿ ونڊايو آهي پر جدت جي ميدان ۾ دنيا کي اڏيندڙ به ثابت ٿيا آهن جن ۾ رومي، فارسي، جرمنس، فرينچ، عرب، ترڪ ۽ انگريز شامل آهن جن پنهنجي مادري زبان کي ئي پنهنجي تعليم، لٽريچر ۽ تحقيق جو وسيلو بڻايو.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment