شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 17 - سيپٽمبر - 2019ع

ڪالاباغ ڊيم منصوبو: ڪجهه حقيقتون


صبح 11 لڳي 01 منٽ -آچر 27 مئي 2018  262 

خدا بخش جويو

image-1

9 مئي کي انساني تاريخ ۾ نسلي مت ڀيد جي خاتمي واري ڏينهن طور ياد ڪيو ويندو  آهي، جو ان ڏينهن تي صدين کان گورن جي امتيازي سلوڪ جي ور چڙهيل ڏکڻ آفريڪا جي ڪارن آپاٿيڊ حڪومت جو انت آڻي  پنهنجو صدر چونڊيو هو. ڪيپ ٽائون ۾ نئين چونڊيل گهڻ نسلي پارليامينٽ، مڪمل اتفاق راءِ سان اي اين سي (آفريڪن نيشنل ڪانگريس) جي سربراه ڊاڪٽر نيلسن منڊيلا کي جهموري ڏکڻ آفريڪا جي صدر طور چونڊيو  جيڪو گورن جي امتياز واري مدي خارج نظام خلاف جدوجهد جي علامت هو  ۽ هن27 سالن تائين جيل جي سزا ڀوڳي هئائين.

هڪ پاسي ڏکڻ آفريڪا ۾ نيلسن منڊيلا جي قوم ساڍن ٽن صدين تائين اقليتي گورن جي جبري  حاڪميت هيٺ غلام رهي ۽ ڪيترن ئي نسلن تائين هلندڙ آزادي جي اها جدوجهد ويهين صديءَ جي  آخري سالن ۾ سوڀاري ٿي.  رنگ نسل جي مت ڀيد سبب انسانيت جي چهري تي لڳل داغ ڌوپجي ويو ۽ ڏاڍ واري حڪومت پنهنجي منتقي انجام تي پهتي.

 ٻي پاسي وري ويهين صديءَ  جي انهن پڇاڙڪن سالن ۾ هتي سنڌ جي آجاپي  جي ڳالهه ڪندڙ جي ايم سيد کي قيد  ۽ بند جي ديوارن ۾ جڪڙيو ويو هو ۽ کيس اهو به موقعو نه ڏنو ويو ته هو پنهنجو بيان ڪورٽ ۾ ڏئي سگهي...!

انهن ئي ڏينهن ۾ هتي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت، ڪالاباغ ڊيم سميت ٻين ڊيمن جي رٿائن جو اعلان ڪيو هو. پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير ملڪ غلام مصطفيٰ کر هر هر اهڙا اعلان ڪندي اهو چيو هوته: ” مان اهو مشن کڻي وزارت ۾ داخل ٿيو آهيان، شهيد ٿيان يا غازي، ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺهندو ۽ سنڌ ۾ ان جي مخالفت ڪندڙن جو ڄمي مقابلو ڪنداسين، ڪالا باغ ڊيم جو منصوبو حڪومت وٽ ويچار هيٺ آهي. جنهن جو اعلان صدر ۽ وزير اعظم محترمه بي نظير ڀٽو ڪندي.“

فائيل فوٽو

هر قيمت تي تڪراري منصوبي ڪالاباع ڊيم اڏڻ جي اعلان کان پوءِ سنڌ جي قومپرستن ۽ وطن دوست ڌرين ان خلاف سخت ردعمل ظاهر ڪيو .ڪراچيءَ ۾ رسول بخش پليجو جي رهائش گاهه تي عبدالواحد  آريسر، ڊاڪٽر قادر مگسي، گل محمد جکراڻي ۽ ٻيا گڏ  ٿيا ۽ سندن گڏيل آواز   اڀريو ته ”کر کي ڪنهن اختيار ڏنو آهي، پيپلز پارٽي حڪومت منافقي بند ڪري واضح اعلان ڪري  ته  ڊيم نه ٺهندو“  سندن اهڙي موقف حڪمرانن کي چيڙائي وڌو، اها 1994ع جي مئي جي 16  تاريخ هئي جو رسول بخش پليجي  جي انهي گهر اي 14 تي جيڪو گلستان جوهر ۾ هو ،  فجر مهل   پنجاهه کن قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار گهر جو مک دروازو  ڀڃي  اندر  داخل ٿيا ۽ هنن ان وقت  گهر ۾ موجود سنڌي مزدور تحريڪ جي صدر هادي بخش ڀٽ ۽ بورچي مريد کي ننڊ مان اٿاري سندن هٿ متي ڪرائي کين هڪ ڪمري ۾ بند ڪيو  ۽ اڌ ڪلاڪ تائين گهر جي تلاشي ورتي. پليجي صاحب جي ذاتي ڪمري ۾ ڪٻٽ مان سندس  لائيسنس واري روگر گن، کڻي ويا.

 اڳتي هلي پي پي پي حڪومت  مئي 1994ع  جي آخري هفتي ۾ پنجاب حڪومت کي گرين سنگل ڏئي ڇڏيو هو ته هو ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت جي سلسلي ۾  عام راءِ جوڙي وڃي. آبپاشي کاتي کي چيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم اڏڻ سان لاڳاپيل ”سيل، جيڪو ڪجهه وقت کان بند هو. ان کي ٻيهر کولي ڪم شروع ڪيو وڃي. اعليٰ سطحي ذريعا دعويٰ ڪري رهيا هئا ته جولاءِ جي آخري هفتي  ۽ آگسٽ جي پهرين هفتي ۾ ڪالا باع ڊيم تي ڪم شروع ٿي ويندو ۽  وفاقي سرڪار ريفريڊم واري تجويز کي رد ڪري ڇڏيو هو.  ان مسئلي تي سرحد ۽ سنڌ جي اعتراضن ڪرڻ واري ڪوشش کي مڪمل طور  چيڀاٽڻ جو طئه ڪيو ويو هو.

ڪالاباغ ڊيم بابت ڪيل اڀياس موجب ڊيم سنڌو درياهه تي تربيلا کان اٽڪل 120 ميل هيٺ ڪالا باغ  نالي  علائقي ۾  ٺاهڻو  هو. ان منصوبي  تي شروعاتي ڪم 1953ع ۾ شروع ٿيو هو ۽ باقائده  ڊيم جي اڏاوت  واري  هنڌ  جي چونڊ 1957ع  ۾ ايوبي آمريت جي دور ۾ ڪئي وئي هئي ۽ ڊيم  جو انجينيئرنگ اڀياس 1972ع ۾ باقائده شروع ٿيو، ان منصوبي  لاءِ  اقوام متحده جي اداري ”يو اين ڊي پي“ هڪ ڪروڙ چار لک پنج هزار ڊالرن جي امداد ڏني هئي ۽ مارچ 1984ع  ۾ ڊيم بابت شروعاتي اڀياس مڪمل ڪيو ويو هو. 1987ع ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي ماهرن جي تيار ڪيل مڪمل رپورٽ حڪومت آڏو  پيش ٿي چڪي هئي.

پنجاب ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حامين جو چوڻ هو ته  ڊيم  ٺهڻ سان بجليءَ جو بحران ختم ٿي ويندو ۽ زرعي مقصدن لاءِ به پاڻي موجود ٿي سگهندو ۽ گڏو گڏ سنڌو درياه ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي به ڪنٽرول ڪري سگهبو. ڊيم جي حامي پنجاب جي ماهرن اها به دعويٰ ڪئي هئي ته ڊيم ٺهڻ سان ملڪ کي ساليانو 23، ارب 20 ڪروڙ روپين جو اضافي ناڻو به ملندو . بهرحال وفاقي سرڪار سڀني ڏکيائن جي باوجود منصوبي کي شروع ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪيو هو. باوجود ان جي ته سنڌ ۽ سرحد جون اسيمبليون ٻه ڀيرا ڪالا باغ ڊيم خلاف ٺهراءَ پاس ڪري چڪيون هنيون. سرحد کي اهو اعتراض هو ته ان سان نوشهرو فيروز ضلعلو ٻڏي ويندو ۽ زمينون  سم ۽ ڪلر جي ور چڙهي وينديون پر پنجاب جا ماهر ان کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئا. وفاقي سرڪار ناڪامي جي صورت ۾ لوهي هٿ استعمال ڪرڻ جو طئه ڪيو هو ۽ ڊيم ٺاهڻ جو پڪو پهه ڪيو هو.  غلام مصطفيٰ کر کي ان سلسلي ۾ ذميواريون ڏنيون ويون هنيون.

هڪ طرف ”ڪالا باغ ڊيم، جو شو شو ٻئي طرف ننڊيون مڇيون ۽ وڏيون مڇيون“ جا شو شا ڇڏي ملڪ جي سياست ۾ سنسني ڦهلائي وئي هئي. ٽئين طرف سنڌ جي وزير اعليٰ جي اوليت  پنهنجي مخالفن  سان انتقامي ڪارواين تي مرڪوز هئي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment