شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 25 - مئي - 2019ع

زينب ڀيو ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي ڦاهي ۽ هڪ کي جنم ٽيپ جي سزا ٻڌائي وئي

تازھ ترين

قديم سنڌ ۽ شاهه حيدر رحمت الله عليه جو دور


صبح 11 لڳي 41 منٽ -اربع 23 مئي 2018  164 

ڊاڪٽر سيد ضياءُ شاهه

image-1

سنڌ پنج هزار سالن کان تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز رهي آهي. جنهن تي مختلف دورن ۾ ڌاريان قابض ٿيندا رهيا آهن. پر انهن دورن جي تاريخ چٽي نه آهي شايد وقت گذرڻ جي ڪري يا ته ضايع ٿي وئي آهي يا وري ان کي تحرير ڪري محفوظ نه ڪيو ويو. تقريبن پنج هزار سالن کان به اڳ سنڌ ۾ رهندڙ دراوڙ  قوم کي مغرب کان آيل آرين اچي ختم ڪيو ۽ پوري برصغير تي قابض ٿيا. مها ڀارت جو زمانو جيڪو (1500_1000ق.م) جي وچ وارو زمانو چئجي سنڌ جي قديم تاريخ چئي سگهجي ٿي جنهن دور ۾ سنڌ جي راجھ جئدرٿ ، ڪورون جي طرفان مهاڀارت ۾ حصو ورتو ۽ چوڻ آهي ته پانڊون جي زال دروپتي کي ڀڄائي سنڌ وٺي آيو جنهن جو پيڇو ڪندي پانڊون سنڌ ۾ آيا ۽ جئدرٿ کي ماري زال موٽائي ويا. (19_518 ق.م) ۾ ايران جي شهنشاهه دارا هستاپس پنهنجي پهرين فتح ۾ سنڌ کي شامل ڪيو جنهن کانپوءِ ايشيا ۽ يورپ ڏي رخ ڪيو. انجي نقشقدم تي هلندي سڪندر اعظم (326 ق.م) ۾ڪابل کان ٿيندو سنڌو ماٿري ڏي آيو. اشوڪ اعظم (60_250 ق.م) ۾ سنڌ کي پنهنجي ماتحت ڪيو ۽ ٻڌ ڌرم سنڌ ۾ نافض ٿيو.(232 ق.م) اشوڪا جي وفات کانپوءِ به سنڌ تي موريا گهراڻي جا گورنر رهندا آيا جي (185 ق.م) ۾ سنگا گهراڻي جي حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ ختم ٿيا. سنگا گهراڻي 225ع تائين حڪومت ڪئي. ان دوران ايراني شهنشاهه بهرام گور فوجون موڪلي سنڌ کي پنهنجي زير اثر ڪيو. 319ع ، عيسوي ڌاري چندر گپت جو راڄ سڄي گنگا نديء جي ماٿري تي قائم ٿي ويو ۽ گپتا گهراڻي جو راڄ وڌي سنڌ تي به اثرانداز ٿيڻ لڳو پر ٻڌ ڌرم سنڌ مان نه ختم ڪري سگهيا. جنهن کانپوءِ راءِ گهراڻي دور (632ع_450ع) جو بنياد راجه ديو اجي (ديوائچ يا ڏياچ) وڌو. ان زماني ۾ ئي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم مڪي ۾ پيدا ٿيا هئا. جنهن کانپوءِ سنڌ تي برهمڻ دور (662ع_632ع) جو بنياد چچ بن سيلاج وڌو. ۽ ان دور ۾ پهريون عربن جو حملو عمان مان ( 15هه بمطابق 637ع) تي ٿيو پر ڪامياب نه ٿيا. پوءِ (93هه بمطابق 712ع) ۾ محمد بن قاسم الثقفي سنڌ تي حملو ڪري راجا ڏاهر کي شڪست ڏئي قابض ٿيو. اهو بنو اميا جي خليفي وليد بن عبدالمالڪ بن مراون جو دور هو.

عربن جو دور تقريبن 313 سال رهيو جنهن ۾ مختلف گورنر سنڌ تي حڪمران رهيا. ان وقت عراق ۾ بنو عباس خليفه هئا پر ڏهين صدي عيسوي تائين هو ڪمزور ٿيندا ويا ۽ مصر ۾ فاطميد (اسماعيلي) (1171ع _ 909ع) حڪومت ڪرڻ لڳا جن جو اثر ملتان ۽ سنڌ تي به هو. سومرا دور (1351ع _ 1011ع) ۾ فاطمير جو اثر هو جنهن کي خطرو سمجهي محمود غزنوي (26_1025ع) برهمڻ آباد (منصوره) تي حملو ڪري ساڙي ڇڏيو هو. سومرا دور ۾ ئي سنڌ ۽ هندستان ڏي محمود غزنوي کانپوءِ عالم ۽ بزرگ آيا لال شهباز قلندر (1274ع_1177ع) ، بابا فريد گنج شڪر (1266ع_1173ع) ، بهاوء الدين ذڪريا (1267ع_1170ع)، شمس ٿبريز (1248ع_1185ع)، داتا گنج بخش وغيره آيا ۽ فاطميد (شيعه) اثر ختم ڪرائي سني اثر آندائون. جنهن جو مثال سومرن کانپوءِ سمن حاڪم آيا جي سني حاڪم هئا ۽ بغداد جي خليفي سان لاڳاپيل رهيا. سمن جي دور تائين هندستان ۾ چشتي ، قادري ، سهروردي ۽ نقشبندي طريقا اچي چڪا هئا. پر سنڌ تي اڪثر سهروردي طريقو غالب هو.

مخدوم بلاول ۽ ان جا شاگرد جي بلاولي تحريڪ جو حصو هئا سي سڀ به سهروردي طريقت جي ڪبرويه شاخ سان وابسته هئا. شاهه حيدر سنائي رحمت الله عليه (936_1436هه) بمطابق (1530ع_1470ع) جي دور ۾ سنڌ تي ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو (1508ع_1461ع) جي حڪومت هئي جنهن کانپوءِ سندس فرزند ڄام فيروز سمون حڪومت تي ويٺو جو 1520ع ۾شاهه بيگ ارغون جي سنڌ تي قبضي کانپوءِ ارغون دور حڪومت رهيو. شاهه حيدر سنائي رحمت الله عليه جي دور ۾ سنڌ ۾ سندن هم عصر ۾ سندن مرشد مخدوم بلاول رحمت الله عليه ۽ بلاولي تحريڪ جا ساٿي مخدوم ميان مٺو ، مخدوم ساهڙ ، مخدوم حسن بلالي ، مخدوم ساند ، مخدوم هنڱورو رحه کان علاوه لڪي ۾ ميان عبدالرزاق لڪياري ، شيخ ڀرڪيو ، محمد نوح رحه هالا (1590ع_1500ع) ۽ قاضي قاضن جو بلاولي تحريڪ جو مخالف هو ۽ مهدوي تحريڪ جو حامي هو ۽ ارغونن کان قاضي جو عهدو وٺي بلاولي تحريڪ جي بزرگن کي مارائڻ ۾ شامل هئو. شاهه عبدالڪريم بلڙي (1523ع) ڌاري ڄائو هئو جو شاهه حيدر رحه جي آخري دور  جو آهي. ان دور ۾ سنڌ جي اوڀر طرف گجرات تي محمد بيگڙو (1511ع_1458ع) جي حڪمراني هئي ۽ اتر ۾ ملتان تي حسين لانگاهه (1502ع_1460ع) جي حڪمراني هئي. هندستان تي لوڌي گهراڻي جي بهلول لوڌي (1489ع_1451ع) دهلي ۾ حڪمران هو. ڪشمير تي سلطان زين العابدين (1470ع_1420ع) جي حڪمراني ، دکن تي سلطان محمود بهتي (1518ع_1482ع) ، مانڊو تي غياث الدين خلجي (1500ع_1468ع) جي حڪمراني هئي.

ان دور ۾ جيئن ته تقريبن سڄي هندستان تي مسلمانن جي حڪومت هئي ۽ شريعت جو سختيء سان عمل ٿيندو هو. ۽ گڏوگڏ مسلمان صوفي تبليغي عمل به جاري رکندا هئا ۽ مدرسن ۾ ديني تعليمي ڏيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ پنجاب جي درياء راوي ۽ چناب جي وچ ۾ ڳوٺ تلونڊي (نانڪانه صاحب) ۾ گرونانڪ (1538ع_1469ع)  پيدا ٿيو جنهن  هندو  ۽ مسلمان درسگاهن مان پڙهي صوفي آواز اٿاريو ته ‘‘نه ڪوئي هندو نه مسلمان سڀ انسان’’. پاڻ خدا جي محبت کي مذهب جو بنيادي مقصد قرار ڏنائين ۽ ذات پات ۽ ظاهري رسمن (شريعت) جي مخالفت ڪيائين. رضا الاهي تي مڪمل توڪل کي نجات جو ذريعو قرار ڏنائين. جنهن جا پوئلڳ اڳتي هلي سک مذهب جا پيروڪار ٿيا. اهڙي طرح هندستان جي بنارس شهر ۾ بنان والدين جي هڪ ٻار (1440ع) ۾ جنم ورتو. جو وڏو ٿي صوفي شاعر ڪبير جي نالي سان سڃاتو ويو. جنهن پڻ هندو مسلم هڪ جو ڏس ڏنو ۽ هڪ خدا جي پرستش جو سبق ڏنو جنت جي خواهش بدران عشق الاهي ذريعي ذات متعلق ۾ملڻ جو ڏس ڏنو. اهڙي طرح ان ئي دور ۾ سرداس شاعر (1573ع_1483ع) ، تلسي داس شاعر (1624ع_1532ع) هندستان ۾ پيدا ٿيا. مغل بادشاهت جو بنياد وجهندڙ ظهير الدين بابر (1530ع_1483ع) ۾ هندستان تي حملو ڪري ابراهيم شاهه لوڌي کي 1526ع ۾ شڪست ڏئي دهلي تي قابض ٿيو جو مغل دور 1764ع تائين هندستان تي حڪومت ۾ رهيو.

مخدوم بلاول جو مقبرو باغبان

ٻئي طرف شاهه اسماعيل 1507ع ۾ ايران تي صفوي خاندان جي بادشاهت جو بنياد وڌو. اهڙي طرح بابر ۽ صفوي مرڪزي ايشيا ۾ ٻه وڏيون طاقتون ٿي اڀريا. چين ۾ منگولن جي يوئان بادشاهت (Yuan dynasty) (1368ع_1271ع) کانپوءِ مِنگ بادشاهت (Ming dynasty) (1644ع_1368ع) جو دور هو ۽ اهي پنهنجي علائقي ۾ محدود هئا. بغداد ۾ ڪٽپتلي خليفا المتوڪل II ۽ المتوڪل III کانپوءِ ترڪ وزير سليم خان I (1520ع_1512ع) ۾ باقائده عثمانيه سلطنت جو بنياد وڌو. ۽ سليمان I (1566ع_1520ع) عثمانيه سلطنت کي وڌائي يورپ تائين کڻي ويو.

يورپ ترڪن جي ڊپ کان دنيا جي مختلف خطن ڏانهن ڊوڙ ڪئي پرتگال مان واسڪو ڊي گاما سامونڊي جهاز رستي 1501ع ۾ اچي انڊيا جي گووا ڏي نڪتو ۽ پوءِ 1510ع ۾ پورچو گيز گووا تي قابض ٿيا. ان ئي ڊوڙ ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس (1506ع_1451ع) ۾ انڊيا کي ڳوليندي وڃي آمريڪا دريافت ڪيو. هوڏانهن ترڪ ۽ منگولن اتحاد ڪري روسي رياستن تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري ڇڏي ۽ اڳتي يورپ ڏي وڌڻ لڳا. يورپ ان وقت تعليم ۽ تدريس ۾ تمام اڳيان هو انگليند ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جو بنياد اڳم ئي 1096ع کان هو ۽ 1209ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي به قائم ٿي چڪي هئي. يونيورسٽي آف پيرس ان کان به اڳ فرانس ۾ قائم هئي. 1423ع يورپ چائنيز طريقي تحت ڪتاب ڇاپڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. 1450ع ۾ اخبارون ڇاپڻ شروع ڪيون. 1464ع ۾ فرانس جي بادشاهه پوسٽ جو سسٽم آڻي ڇڏيو. 1495ع ۾ انگلينڊ ۾ پيپرمل ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 1500ع تائين 35000 ڪتابن جي ڏهه لک کان مٿي ڪاپيون ڇاپي چڪا هئا اٽلي ۾ مصور ۽ آرٽسٽ زور هئا. مشهور پينٽنگ مونا ليزا ۽ لاسٽ سَپر پينٽنگ ليو نارڊو ڊاونسي (Leonardo Da Vinci) (1519ع_1452ع) تخليق ڪري چڪو هو. مائيڪل انجيلو (Michael Angelo) (1564ع_1475ع) ۾ روم ۾ پنهنجي مجسمن جا شاهڪار ٺاهي چڪو هو. ٻئي پاسي فلارنس ۾ ميڪاولي (1527ع_1469ع) پنهنجي شاطرانه دماغ سان سياست ۾ ٺڳي تي (Prince)ڪتاب لکيو جو اڄ تائين حڪومت ڪرڻ جو بائبل سمجهيو ويندو آهي ۽ سڀ ڊڪٽيڪٽر حاڪم ان ڪتاب تحت ئي حڪومتون هلائيندا آهن.

ٿامس مور (Thomas Moore) (1535ع_1478ع) يوٽوپيا (Utopia) لکي سوسائٽي ڪيئن هجڻ گهرجي جو ڏس ڏئي چڪو هو ته ڪابه  Perfectسوسائٽي نه ٿيندي آهي  ادب ۽ ڊرامي ۾ انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر (1616ع_1564ع) پنهنجا شاهڪار ڏئي چڪو هو. جرمني ۾ مذهبي انتهاپسندي کان تنگ ٿي، جرمني جي وٽنبرگ يونيورسٽي جي پروفيسر مارٽن لوٿر (1546ع_1483ع) پروٽيسٽنٽ رفارمس (Protestant Reforms)آندا ۽ چرچ جي احڪامن جي مخالفت ڪري يورپ ۾ مذهبي انتهاپسندي جو انت آندو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو يورپ اڳتي وڌي ويو هو کي ۽ مذهب ۽ سياست کي الڳ ڪري پنهنجي سڀ طاقت علم ۽ ادب ۽ سائنس تي لڳائڻ لڳا ان جي برعڪس ايشيا ۾ قائم مسلم رياستون عيش وعشرت ۽ مذهبي انتها پسندي ۾ هڪ ٻئي سان وڙهندا رهيا. هندستان جي بي انتها دولت محلن ۽ مقبرن تي خرچ ٿيڻ لڳي ۽ يورپ جو پئسو ترقي لاءِ خرچ ٿيندو رهيو. اهڙي طرح سنڌ ۾ لکڻ لاءِ مس ۽ قلم استعمال ٿيندو هو ڇپائي جو ته ڪو تصور ئي ڪونه هو . مذهبي لحاظ کان به شريعت ۽ طريقت ۾ ڦاٿل رهيا ۽ مغل ارغون ، ترخانن جي غلامي ۾ وقت گذاريندا رهيا جيستائين شاهه عبدالطيف ڀٽائي (1752ع_1689ع) ۾ سچل سرمست (1829ع_1739ع) اچي مذهبي انتهاپسندي کي للڪاريو. پر افسوس جو اڄ به سنڌ ۾ تاريخ مان سبق سکڻ بجاءِ ميڪاولي جي ڏسيل طريقيڪار حڪومت کي (Reconciliation) مفاهمت جو نالو ڏئي سياست کي اخلافيات کان پري ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سنڌي سماج اڃان پٺيان پوندو وڃي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment