شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 09 - اپريل - 2020ع

سنڌ جي سورمي نواب دلها درياهه خان جي اوطاق تباهي جي ڪناري تي


صبح 02 لڳي 04 منٽ -سومر 21 مئي 2018  854 

ڪليم ٻُٽ

image-1

فوٽو: ڪليم ٻُٽ

سمن جي دور ۾ نواب دلها درياهه خان کي ٽلٽي جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
نواب صاحب سنڌ جي حاڪم ڄام نندو گورنر هو ۽ سنڌي ماڻهن اندر هلندڙ ڪيترن ئي ڏڦيرن کي پنهنجي حڪمت ۽ دانائي سان نيبريائين.

فوٽو: ڪليم ٻُٽ

نواب دلها درياهه خان ارغونن جي ڪاهه خلاف سنڌ وطن جي حفاظت لاءِ جنگ جو اعلان ڪيو ۽ اغونن کي پهرين حملي ۾ منهن جي کائڻي پئي ۽ قابض ارغون هٿئين خالي موٽي ويا. ڪجهه عرصي کانپوءِ ارغونن وري سنڌ ڌرتيءَ تي حملو ڪيو جنهن دوران نواب دلها درياهه خان شهيد ٿي ويو ۽ سنڌ ارغونن جي قبضي هيٺ اچي وئي.

فوٽو: ڪليم ٻُٽ

نواب دلها درياهه خان جي هي اوطاق گوپانگ اسٽيشن، ضلعو ڄامشورو ۾ آهي، اڳ ان کي نواب صاحب جي مزار سمجهو ويندو هو، پر تحقيق کانپوءِ اهو نتيجو نڪتو ته هي نواب صاحب جي اوطاق هئي.
هن وقت هي تاريخي عمارت پستي جو شڪار آهي ۽ سنڌ جو ثقافت کاتو وڏي عرصي کان عمارت کي نظر انداز ڪري رهي آهي.

فوٽو: ڪليم ٻُٽ

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment