شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 18 - جولاءِ - 2019ع

مذهبي جنونيت کان ڪئين جان ڇڏائي سگهجي ٿي


صبح 11 لڳي 37 منٽ -آچر 20 مئي 2018  137 

خدا بخش جويو

image-1

 “ توهان آزاد آهيو، توهان پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو، توهان هن رياست ۾ پنهنجي مسجدن ۽ ٻين عبادت گاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. توهان ڪنهن به مذهب، رنگ يا نسل سان تعلق رکندا هجو، رياستي معاملن جو ان سان ڪو به سروڪار ناهي” “ هاڻ منهنجي خيال ۾ (انگلستان جي سيڪيولر رياست) کي آئيڊيل سمجهڻ گهرجي ۽ اوهان ڏسو ته وقت گذرڻ سان گڏ (رياستي معاملن ۾ ) نه ڪو هندو رهندو ۽ نه مسلمان، مسلمان رهندو. مذهبي نقطي نظر سان نه ڇو ته اهو ( مذهب) هر انسان جو ذاتي معاملو آهي پر سياسي لحاظ سان توهان سڀ پاڪستان جا شهري آهيو.”

 هي لفظ قائد اعظم محمد علي جناح جا آهن  جيڪي هن 11 آگسٽ1947ع تي پهرين آئين ساز اسيمبلي کي خطاب دوران چيا هئا.

 هئڻ ته ايئن گهرجي ها ته پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي جي پهرئين اجلاس ۾ قائد اعظم محمد علي جناح جيڪو خطاب ڪيو.  ان مطابق رياست جا بنياد وڌا وڃن ها. پرنه وڌا ويا.

 ڏٺو وڃي ته  قانون ساز اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير ۽ عوامي جلسن ۾ ڪيل تقريرن جي حيثيت مختلف ٿئي ٿي. سياسي جلسن ۾ ڪيل ڳالهين جي مقابلي ۾ آئين ساز اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير جي اهميت تمام گهڻي هوندي آهي.

 يارهين آگسٽ جي ان تقرير  جي  متن کي ڪڏهن به اسان  نصاب جو حصو نه بنايو  آهي. اهو ئي سبب آهي جو نوجوان نسل ان اهم تاريخي دستاويز کان بي خبر آهي.

پاڪستان ٺهڻ کان گهڻو اڳ  هندستان ۾ عالمن “ جميعيت علماءِ هند” جي نالي سان هڪ الڳ پارٽي جو بنياد وڌو، ان سان لاڳاپيل سڀئي عالم سڳورا مسلم ليگي قيادت ۽ تحريڪ پاڪستان جا زبردست مخالف هئا، جماعت اسلامي ۽ مجلس احرار پاڪستان جي مطالبي کي مڃڻ کان  صاف انڪار ڪيو هو. انهن پاڪستان جي لاءِ “ نو پاڪستان” ۽ قائد اعظم کي “ ڪافر اعظم” جو خطاب ڏنو.

 جيڪڏهن قائد اعظم پاڪستان کي حقيقت ۾ هڪ مذهبي رياست ( theocratic state) بنائڻ  ٿي چاهيو  ته  پوءِ هندستان جي جيد عالمن ۽ مذهبي جماعتن ان تحريڪ جي مخالفت ڇو ڪئي هئي؟

اڄ جيڪا انتها پسندي جي باهه ڀڙڪي رهي آهي، ان کي جن قوتن ٺاهيو ۽ هٿي ڏني سي به ان باهه  ۾ سڙي رهيا آهن .

 پاڪستان جي آئين ۾ محمد علي جناح جي 11  آگسٽ تي تقرير ،  جي ابتڙ آبجيڪٽ رولز ( مذهبي ۽ رياستي معاملن کي ڪٺو هلائڻ ) جو بنياد وڌو ويو.

محمد علي جناح جي وفات کان پنج مهينا بعد  12 مارچ1949ع تي ڪنهن ٻئي نه پر وزير اعظم لياقت علي خان، سيد ابو الاعليٰ مودودي ۽ عالم دين ديوبند علامه شبير احمد عثماني جي فڪري رهنمائي مان فيضياب ٿيندي، پاڪستان جي پهرين دستور ساز اسيمبليءَ مان قرارداد مقاصد منظور ڪرائي، هڪ  مذهبي رياست جي حيثيت ۾ پاڪستان جي نظرياتي رخ جو آئيني بنياد وجهي ڇڏيو.

 “قراردادِ مقاصد” جي منظوري کانپوءِ پاڪستان جي عوام کي قائد اعظم جي 11 آگسٽ 1947ع واري ان تقرير کان اڻ ڄاڻ رکيو ويو. جنهن ۾ هن ملڪ جي هر فرد کي برابري جا حق رکندڙ شهري بنائڻ جو واعدوڪيو هو.

ظاهر آهي ته مذهب انسان ۽ خدا جي وچ جو مسئلو آهي  ۽ رياست جو ڪم ملڪي ڪار وهنوار هلائڻ ، ماڻهن جو تحفوظ، ترقي ۽ سڀني لاءِ برابري وارو قانون ٺاهڻ هوندو آهي .

جڏهن  پاڪستان 5 سالن جو ٿيو ته (1952ع ۾ ويانا ۾ عالمي امن ڪانفرنس ٿي. جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جي سربراهيءَ ۾ پاڪستاني وفد پڻ شريڪ ٿيو. سائين جي ايم سيد جيڪا تقرير اتي وفد جي اڳواڻ واري حيثيت ۾ ڪئي. اڄوڪين حالتن جي نشاندهي ڪري ٿي.

 هتي سڄي تقرير نقل ڪرڻ بجاءِ ڪجهه اقتباس پيش ڪجي ٿو.

“جناب چيئرمين! هن ڪانفرنس جو مقصد دنيا ۾ امن جي قيام کي هٿي ڏيڻ آهي ۽ آئون هن ڪانفرنس جي عيوضين کي عام طور ۽ برطانيه ۽ آمريڪا جي عيوضين کي خاص طور اها ڳالهه چوان ٿو ته مسلمان ملڪن کي انهن جي نام نهاد مذهبي عقيدن جي بنياد تي گڏ ڪرڻ وارين برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتن جون ڪوششون خطرناڪ امڪانن سان ڀريل آهن انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته انهن طاقتن جي سرپرستي جي ڪري ئي مذهبي تعصب، ڪٽرپڻي ۽ فاشسٽ رحجانن کي هٿي ۽ تقويت ملي رهي آهي ۽ اها ئي سرپرستي آهي جنهن جي ڪري وچ اوڀر جا ملڪ جمهوريت ۽ هڪ منظم سماج جي تصور کان ڏينهن به ڏينهن پري ٿيندا وڃن. مون کي اهو چوندي پڻ تمام گھڻو افسوس ٿو ٿئي ته ڪيترائي مسلمان ملڪ سامراجي طاقتن جي فوجن لاءِ پنهنجي ملڪ جا اڏا وڪڻي رهيا آهن. اسان جي ”قومي حڪومتن“ جي اهڙن معاهدن جا ڪهڙا نتيجا نڪرندا تنهن جو اندازو ڪرڻ ڪو گھڻو مشڪل ڪونهي. ڌارين طاقتن جي فوجن جي سندن سرزمين تي اچڻ سان اسان جا اهي ملڪ بي وس ٿي ويندا ۽ سندن قومي خودمختياري ختم ٿي ويندي. اسان کي اهو ڏسي تمام گھڻو شرم ٿو محسوس ٿئي ته اسان جي ملڪن جون حڪومتون قومي عزت ۽ وقار جو سودو ڪري رهيون آهن.بهرحال، خواتين وَ حضرات! انهن سمورن رجحانن جو نتيجو اهو ٿيو آهي ته اسان جا حڪمران ملڪ ۾ آئيني حدن اندر مخالفت جي به اجازت نٿا ڏين. اهڙن خيالن ۽ جذبن جي اظهار جي پاداش ۾ ماڻهن کي جيلن حوالي ڪيو ٿو وڃي جيڪي حڪمرانن جي (خيالن جا) مخالف آهن ۽ جيڪي نام نهاد مذهبي گروهن جي ناراضگي جو سبب بڻجي سگھن ٿا. ان ڏس ۾ سڀ کان اهم مثال صوبي سرحد مان عبدالغفار خان ۽ بلوچستان مان عبدالصمد خان اچڪزئي جا آهن جيڪي پنجن سالن کان بغير ڪنهن ڪيس جي جيل ۾ سڙي رهيا آهن.جناب چيئرمين ۽ شريڪ ساٿيو! آءُ توهان کي ياد ڏيارڻ چاهيندس ته اهي ئي ماڻهو آهن جن سالن تائين انگريزن سامراج سان ٽڪر کاڌو ۽ آزاديءَ جي جنگ ۾ اهي صفِ اول جا رهنما هئا.. ۽ ڌارين حڪمرانن جي هٿان هنن کي ڪيڏيون نه مصيبتون برداشت ڪرڻيون پيون!! اسان جو ملڪ پنهنجي زندگي جي ڏکي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اسان کي دنيا جي امن پسند قومن جي همدردي ۽ مدد جي ضرورت آهي. آئون هن ڪانفرنس ۾ شريڪ سڀني عيوضين کي گذارش ڪندس ته مذهب جي نالي ۾ گڏ ٿيندڙ اونداهه جي طاقتن خلاف مهاڏو اٽڪائڻ ۾ اسان جي مدد ڪن.”

سنڌ جي سماج تي هزارين سالن کان حاوي رهندڙ رجحان ‘امن پسندي’، انسان دوستي’ ۽ ڪثرت ۾ وحدت) Unity In Diversity) جي فڪر ۽ مزاج کي لڳندڙ ان ڪاپاري ڌڪ کان بچڻ لاءِ 1955ع کان پوءِ ون يونٽ خلاف مزاحمت دوران روشن خيال اڪابرين سنڌيت ،امن پسندي، انسان دوستي، جي پرچار جاري رکي. اهڙيءَ طرح سائين جي ايم سيد جي قيادت ۾ 1966ع ۾بزم صوفياِ سنڌ جو بنياد رکيو ويو. سائين جي ايم سيد، سنڌ جي قومپرست ۽ ترقي پسند اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن کي ساڻ کڻي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪانفرنسون ڪوٺايون. قومي سجاڳي ۽ جديد قوم جي تصور ۽ “مذهب کي سياست کان ڌار ڪرڻ” بابت صوفي بزرگن جي درگاهن تي خطبا ڏنائين. جنهن جو لب لباب اهو هو ته ”سنڌي هڪ قوم آهن ۽ سندن سرزمين سنڌ وٽ اتحادِ انساني، سموري عالم لاءِ امن  ۽ انسان ذات جي ترقي لاءِ خاص پيغام آهي.“

نه رڳو اهو پر “جيئن ڏٺو آ مون ” جهڙو ڪتاب لکي سنڌ ۾ روشن خياليءَ ۽ سيڪيولر سوچ جا بنياد پختا ڪيائين ۽ رجعت پسندن کي بدترين شڪست ملي.

1952ع ۾ ويانا ۾ عالمي امن ڪانفرنس ۾سائين جي ايم سيد ڪانفرنس  دوران مذبهي جنونيت واري جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي پوءِ به  انهن طاقتن جي سرپرستي جي ڪري ئي مذهبي تعصب، ڪٽرپڻي ۽ فاشسٽ رحجانن کي هٿي ۽ تقويت ملندي رهي ۽ اها ئي سرپرستي آهي جنهن جي ڪري وچ اوڀر جا ملڪ جمهوريت ۽ هڪ منظم سماج جي تصور کان ڏينهن به ڏينهن پري ٿيندا پيا وڃن ۽ اڄ اها اڳڪٿي سچ ثابت ٿي چڪي آهي.

فائيل فوٽو

 هن وقت دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو بنجي چڪو آهي، دهشتگردن جا منظم نيٽ ورڪ سڄي دنيا ۾ موجود آهن. اهي مربوط ۽ جديد هٿيارن ۽ انتهائي جديد سازو سامان کين آساني سان مليو وڃي  ۽ پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندڙ ٽولا به عالمگير نيٽ ورڪ سان ڳنڍيل آهن.

  مذهبي انتهاپسندي هن ملڪ جو مقدر ان ڪري ٿي  آهي جو اسان رياست جي معاملن ۾ مذهب کي ڳنڊي ڇڏيو آهي. ان جي ذميوار اسان جي رياست آهي، جنهن  مذهبي بنائي، تنگ نظر سوچ کي هٿي ڏني. جهڙيءَ طرح قائد اعظم جي خيال کي پوئتي ڪري، 1940 جي قرارداد کان انڪار ڪري مسلمانن جو خون وهائيندڙ نادر شاه، اقتدار لاءِ ڀائرن جا سر قلم ڪندڙ اورنگ زيب عالمگير، احمد شاه ابدالي جهڙن حملا آور ڦورن ۽ قاتلن کي نصاب ۾ سورمو ڪري پڙهايو پيو وڃي. انتها پسندي ان جو نتيجو آهي. نام نهاد ملن پنهنجي مفادن کي برقرار رکڻ لاءِ مذهب جي غلط سمجهاڻي ڪري ۽ معاشري کي تنگ نظريءَ طرف ڌڪي ڇڏيو آهي. جيتوڻيڪ اسلام رواداري ۽ ٻين مذهبن جو احترام ڪندڙ مذهب آهي پر هتي مذهب جو تعارف زور زبردستي ۽ تلوار جي ذريعي ٻين کي پنهنجي تابع بنائيندڙ ڪري پيش ڪيو ويو آهي .

 حقيقي اسلام خدا ۽ مذهب جي نالي ۾ انسانيت کي ورهائڻ ۽ وڙهائڻ جي بلڪل به اجازت نٿو ڏئي. مسلمان ملڪن کي انهن جي نام نهاد مذهبي عقيدن جي بنياد تي گڏ ڪرڻ وارين برطانوي ۽ آمريڪي حڪومتن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ملڪ ۾ هميشه اقتدار ڳولي ڳولي اهڙين ڌرين جي حوالي ڪيو ويندو رهيوآهي جيڪي ملڪي مفادن کي ڇڏي ٻين آقائن جي تابعداري وارو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ مصروف رهيا آهن.. نتيجي ۾ اقتدار جون سڀ صلاحيتون ان  فرض نڀائڻ تي خرچ ٿينديون رهيون آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سياسي اڳواڻ سياسي بصيرت کان وانجهيل رهڻ ڪري، هر وقت اسٽيبلشمينٽ کي ريجهائڻ ۾ مصروف هوندا آهن. جڏهن ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي سبب عام شهرين جي زندگي جو ڪار وهنوار اجڙڻ لڳو آهي،تخريب ۽ دهشت سبب عوام ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي، سماج انتشار ۽ اضطراب جي ڪيفيت ۾ وٺجي ويو آهي، هر طرف خوف ۽ دهشت ڇانيل آهي. تڏهن ته حڪمرانن جي سوچ ۽ عوام جي تحفظ لاءِ اپائن وارا فيصلا غيرسنجيدگي جي عڪاسي ڪن ٿا.

مثال طور: موجوده حڪمران تاثر ڏيندا آهن ته منجهن ماڻهن جي حفاطت ڪرڻ واري اهليت ناهي تنهن ڪري ماڻهن کي پنهنجي حياتي جي حفاظت پاڻ ڪرڻ گهرجي.نه صرف اهو پر حڪومت عوام کي ڀتي خورن کان بچائڻ جي ذميواري به نٿي نڀائي سگهي.

  پشاور آرمي پبلڪ اسڪول واري واقعي کان پوءِ خيبر پختون خواه جي حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته استادن کي هٿيار ڏنا وڃن ته جيئن هو ڪنهن به امڪاني حملي ۾ دهشتگردن جو مقابلو ڪري سگهن، حيرت آهي ته استاد جي ذمي “شعور جي آبياري” هوندو آهي، ان کان چوڪيداري جو ڪم وٺڻ دانشمندي ته نه چئبي؟

اهڙيءَ بصيرت سنڌ حڪومت جي به آهي. سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه سان ڪراچيءَ ۾ دهشتگردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز جي نشاني تي آيل ڊاڪٽرن سيڪورٽي خدشن بابت ملاقات ڪئي ته صاحب موصوف به ساڳيو مظاهرو ڪندي فرمايو ته “ ڊاڪٽر پريشان نه ٿين، هاڻ کين هٿيارن جا لائسنس ڏنا ويندا !” جڏهن ته هر شهري کي پنهنجي جان جي حفاظت لاءِ قانوني طور هٿيار رکڻ جو حق اڳئي مليل آهي ته پوءِ حڪمران اها نشاندهي ڪري پاڻ تان بار لاهي ڇا ٿا ثابت ڪن، سا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندڙ  آهي. ياد رهي ته ڪراچي ۾ سال 2014ع ۾ 17ڊاڪٽر ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي جي واقعن ۾ مارجي ويا ۽ 2015ع جي پهرين مهيني ۾4 ڊاڪٽر قتل ٿي چڪا هئا.

 حڪمران، دهشتگردن جا رستا سوڙها ڪرڻ، سندن لاءِ ڌرتي ٽامو بنائڻ ۽ کين ناس ڪري ساهه پٽڻ جا جذباتي بيان ڏين ٿا. رياستي ادارا ، ڪنهن به دهشتگردي کي آبگهاتي قرار ڏئي وڌيڪ خفي ۾ نٿا پون ۽ جانچ کي بند گلي ۾ آڻي فائل بند ڪري ڇڏين ٿا.

شڪارپور سانحي کان پوءِ ان وقت جي وفاقي گهرو وزير فرمايو هو  ته “ شڪارپور انتها پسندن ۽ دهشتگردن جي گذرگاه آهي. افغانستان ۽ خيبر پختونخواه کان دهشتگرد شڪارپور جي رستي بلوچستان ۽ ڪراچي وڃن ٿا” گهرو کاتو ايتري خبر رکي ٿو پر پوءِ به اهي لنگهه، گهٽ گهيڙ بند نٿا ڪيا وڃن !

حقيقت ۾ پاڪستان ترقي پسند ۽ انساني برابري تي مشتمل معاشري جي قيام جو خواب هو نه ڪي هڪ ملائيت تي مبني رياست جو. يورپ هزارين سالن کان رياست ۽ مذهب کي گڏ هلائڻ جا خطرناڪ نتيجا ڏٺا ۽ 19، 20 هين صدين ۾ رياست ۽ مذهب کي جدا ڪيو. ڇاڪاڻ ته انساني سماج هڪ جهڙي عقيدي، نظريي ۽ سوچ جو نه هوندو آهي ۽ جي ڪنهن هڪ مذهب کي رياستي مذهب جو درجو مليل هوندو ته فرقيواراڻه ڏڦيڙ ضرور پيدا ٿيندا.

اڄ به جيڪڏهن اسان  حقيقتن کي تسليم ڪريون ۽ پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻيون ته پاڪستان امن جو گهوارو ٿي سگهي ٿو.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment