Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


مخالف ڌر جماعتون حڪومت خلاف متحد، گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق

17 - - جنوري - 2019ع تازه ترين

سُڌيرڻ جو ٺُلهه : جيڪو هاڻ آخري پساهن ۾ آهي 


2018-05-18 09:42:11  205 
User Image

  علي ڀاءُ

image-1

 

هينري ڪزنس بقول ڏکڻ سنڌ ماضيءَ ۾ ٻُڌ مت جو اهم ترين مرڪز هئي. ٻڌ مت جيڪو راجا ڪنشڪ جي زماني کان به اڳ شروع ٿي سنڌ تي عربن جي ڪاهه واري وقت تائين پنهنجي پوري اوج ۽ عروج سان قائم رهيو. جنهن ڪري ڏکڻ سنڌ خاص ڪري سيوهڻ کان وٺي سمنڊ ڪناري تائين واري علائقي ۾ آباد سمورا ماڻهو گهڻو تڻو ٻُڌ مت جي پوئلڳي ڪندڙ ۽ ٻڌ مت جي ڌرم ۾ ايمان رکندي پنهنجو جيون گهاريندا هئا. ڏکڻ سنڌ مان ٻڌ مت جو زور ٽوڙڻ لاءِ راجا ڏاهر جي پيءُ راجا چچ جيئن ئي راءِ ساهسي جي موت کان پوءِ واڳون سنڀاليون ته هن جو پهريون ٽارگيٽ ئي اهو هو ته ڏکڻ سنڌ مان ٻڌن جي سگهه کي ختم ڪجي ۽ کين ماري مڃائي ساري سنڌ تي هڪ سريکو ڪنٽرول ڪجي.

تصوير- علي ڀاءُ

ان سلسلي ۾ چچ نامي تي نظر ڪنداسين ته اگهم ڪوٽ جو اگهم لهاڻو جيڪو مذهبي عقيدن جي حساب سان هندو ڌرم کان وڌيڪ ٻُڌڌرم ۾ ويساهه رکندڙ ماڻهو هو ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ سندس ئي اثر هو اهوئي ڪارڻ هو جو چچ کي ساڻس ويڙهه ڪرڻي پئي.

تصوير- علي ڀاءُ
تصوير- علي ڀاءُ

ميرپور واري ڪاهوءَ جي دڙي کان وٺي جوهي جي ٻڌن جي ڏيورين ۽ اسٽوپائن تائين ۽ ٽنڊي محمد خان جي شڌيرڻ جي ٺُل کان ڪاٺ ٻانڀڻ جي ڏيوري، ڌاڌرڪو يا ڪاڪيجاڻي جي دڙي کان وٺي موريو لغاري واري ڏيوري ۽ گهرام خان نوحاڻي جي ٻُڌ اسٽوپا تائين ڏکڻ سنڌ ۾ اسان کي ٻڌن جا آثار ملن ٿا. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ٻڌن جا آثار هاڻ ڪي ايترا گهڻا ڪونهن بچيا جن مان ايندڙ نسل ڪا مام پروڙي سگهن. پر اسين هتي سڌيرڻ جي ٺل جي حوالي سان ڪجهه ذڪر ضرور ڪنداسين، جيڪو لاڙ ۾ ٻڌ مت جي پيروڪارن جي هڪ وڏي آباديءَ جي غمازي ڪرڻ سان گڏوگڏ هاڻوڪي زماني تائين بچي ويل ڪنهن وڏي مڙهيءَ جي چٽي شاهدي ضرور ڏئي ٿو.

 اوهين جيڪڏهن حيدرآباد ٽنڊو محمد خان واري مکيه رستي تان پڃاري شاخ جو اولهه وارو ڪپ وٺي ڏکڻ طرف هلندو ته ڪجهه ڪلوميٽرن جي پنڌ کان سعيد پور ٽڪر واري پُل کي پاري ڪري، ڪجهه ڪلوميٽر اوڀر طرف پنڌ ڪرڻ کان پوءِ گنجي ٽڪر کان ڇڄي ڌار ٿيل هڪ ٽڪري جنهن کي سعيد پور ٽڪر چيو وڃي ٿو. ان ڳوٺ وٽان وري اوهان کي اتر طرف مڙي هلڻو پوندو. ڪجهه ڪلوميٽرن جو پنڌ لتاڙي هڪ پوٺي مان گذرندي اوهان کي مٽيءَ جو هڪ مينار نظر ايندو. ها اهوئي آهي ”سُڌيرڻ جو ٺل“. جيڪو ماضيءَ ۾ يقينن پنهنجي عروج تي رهيو هوندو.

جڏهن نه رڳو، سنڌ مان پر ڏيساورن مان به ڪهي ماڻهو اچي هن ٺل ۾ عبادتون ڪندا هوندا. جڏهن هن ٺل جي ڀرسان ڪافي ساريون مڙهيون جن ۾ٻڌ مت جا پوڄاري الائي ڪيترو وقت رهيا پيا هوندا هئا. تاريخ جي ڪتابن جي ورق گرداني ڪرڻ کان پوءِ اها پروڙ ته پوي ٿي ته جڏهن گوتم ٻڌ جي پرلوڪ پڌارڻ کانپوءِ سندس سوين عقيدتمند هزارين ميلن جو پنڌ پنهنجي پيرن سان لتاڙي سندس هڏين جي خاڪ جي زيارت ڪرڻ ويندا هئا ته کين ان سفر ۾ گهڻيون تڪليفون پيش اينديون هيون. جنهن ڪري راجا ڪنشڪ ٻڌ زيارتين جون تڪليفون دور ڪرڻ ۽ سندن سفر سوکو ڪرڻ لاءِ، کين مهاتما گوتم ٻڌ جون ڪجهه شيون سنڌ جي مکيه ٻڌ اسٽوپائن ۾ رکڻ ۽ انهن جي اتي ئي زيارت ڪرڻ جو بلو ڪري ڏنو هو. تنهنڪري هڪ اندازو اهو به آهي ته هيءُ ٻڌ اسٽوپا راجا ڪنشڪ جي زماني جو ئي هوندو. ڊاڪٽر غُلام علي الانا پنهنجي ٿيسز واري ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”ڀَنڊارڪر جڏهن هن سائيٽ جي کوٽائي ڪئي ته هتان هڪ ’ڊاگوبا‘ مليو هو، جيڪو زمين جي هيٺين تَهه ۾ هو، اِهو هڪ سماڌي يا نَنڍي قبر جي طِرز تي هو، هن جي اوچائي ڇهن کان نَون فوٽن تائين هُئي ۽ اهو سَڄو ڪچي مٽي جي سرن مان تمام سهڻي نموني سان ٺهيل هو. ڊاگوبا مُتعلق ڀنڊارڪر جي خيال ۾، هن جي حفاظت لاءِ ڪاٺين جي ڪنهن ڇٽيءَ جهڙي ڇِت ٺاهي ويئي هُوندي. ’ڪزنس‘ مطابق: ممڪن آهي ته، گوتم ٻُڌ جُون هڏيون هن ڊاگوبا جي تهه ۾ رکيون ويون هُونديون. سندس خيال ۾ ” جُهوناڳڙهه جي ’بوريا اسٽوپا‘ ۾ گوتم ٻڌ جي هڏين جو پائوڊر اهڙي ڪيفيت ۾ مليو هو، جهڙو هتان مليو هو، اِن لاءِ هي اسٽوپا (ٺُلهه) راجا ڪنشڪ جي زماني (78 عيسوي) جو ٿي سگهي ٿو ۽ هن جي تعمير پهرين صدي عيسوي ۾ ٿي هُوندي.“هينري ڪزنس پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ” سنڌ جا قديم آثار“ ۾ لکي ٿو، ”منهنجو خيال آهي ته هي ڊاگوبا ڪنهن تبرڪ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ئي ٺاهي وئي هوندي بلڪل اهڙي نموني جيئن ميرپور خاص واري اسٽوپا ۾ اهي تبرڪ هڪ سنهيءَ سرنگهه وسيلي مٿان کان هيٺ لاٿا ويا هوندا.“ هن ماڳ جي کوٽائي ڪرڻ کان اڳ  انگريزن کي هن ماڳ متعلق اهو ٻڌايو ويو هو ته ”اهو روشنيءَ جو مينار هو. جيڪو ڪافر بادشاهن جي وقت کان اڳ هتي بني اسرائيل جي نبين پاران جوڙايو ويو هو، جڏهن سمنڊ گونيءَ تائين هوندو هو. جيمس برنس جي ڪتاب موجب هن ٺُلهه جي ماپ کوٽائي کان اڳ 20 فوٽ ويڪري ۽ اوچائي 137 فوٽن تائين هئي. هن جي مهاڙي ڪٿي ڪٿي مڃتا وارين گلن چٽن جي سرن سان سينگاريل هوندي هئي. هن جي  ڏکڻ اوڀر واري پاسي ٻڌ ڀڪشوئن جون مڙهيون هونديون جن جا آثار چڱي خاصي ايراضيءَ تائين اڄ به پکڙيل نظر اچن ٿا. هن تسيانگ جي نظر ۾ هيءُ ماڳ اهو هو جتي ٻڌ مت جي تعليم سان نوجوانن جي ذهنن جي آبياري ڪئي ويندي هئي. سُڌيرڻ جي ٺُلهه وارو هي ماڳ ان علائقي ۾ واقع هو، جتي گنجي ٽڪر تائين هڪ وسيع ۽ وڏو شهر آباد هوندو هو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو راورٽي جو خيال آهي ته نيرون ڪوٽ به ڪو هن ماڳ کان ڪجهه وٿيرڪو گنجي ڪوهه جي دامن ۾ هوندو. ڇاڪاڻ ته راورٽي ۽ جيمس برنس کان برٽن تائين تاريخي ماڳن تي ڪم ڪندڙ انگريزن کي هن ماڳ کان ٻڌڪا ٽڪر جي وچ تي هڪ مڪمل ۽ وڏي شهر جا آثار ۽ سرون نظر اينديون رهيون. سڌيرڻ جي ٺُلهه سان وابسطه هڪ ڪٿا جنهن برٽن جهڙي لکاريءَ کي اڻ تڻ ۾ آڻي وڌو هو، ”راجا نيرون هڪ بهادر ۽ زنده دل راجا هو. جيئن اڪثر بادشاهن جي حرم ۾ گهڻيون راڻيون ۽ ڪنيزن وارا قصا مشهور آهن تيئن راجا نيرون جي محل اندر به ڪيئي راڻيون ۽ پٽ راڻيون موجود هونديون هيون. ڪنيزن ۽ ٻانهين جي ته ڳالهه ئي ٻي هوندي هئي. ايئن راجا نيرون پنهنجي ويندڙ وهيءَ ۾ به پنهنجي دل کي پوڙهو ٿيڻ ڪونه ڏنو. هن هڪ نئين نويلي ۽ پنهنجي ملڪ جي سهڻيءَ نينگريءَ سان لائون لهي کيس محل جي زينت بنايو. راجا نيرون کي پنهنجي ڪنهن اڳينءَ راڻيءَ مان سُڌيرڻ نالي هڪ شهزادو به هو جيڪو شڪل صورت جو گهڻو ڀلو هو. جنهن ڪري راجا جي نئين آيل راڻي اندر ئي اندر ۾ کيس پنهنجو ڪري ويٺي. پر هن پنهنجي اندر جي ڳالهه شهزادي سڌيرڻ سان اڃان سلي ئي ڪونه هئي جو هڪ ڏينهن تير اندازي جي مشق ڪندي شهزادي سڌيرڻ جو تير اتفاق سان راجا جي نئين آيل ڪنوار جي ڪمري ۾ وڃي ڪريو. شهزادو جيئن تير کڻڻ ويو ته راڻيءَ موقعو ڏسي ساڻس اندر جي عشق ۽ آنڌ ماند جو اظهار ڪري وڌو. پر سڌيرڻ به هو ڪو راڄ جو رکپال ۽ ننگائتو جوان تنهن کيس سمجهائيندي چيو ته تون ته منهنجي جيجل ماتا آهين... مون کان اهو پاپ هرگز ڪيو ڪين ٿيندو. راڻي شهزادي جي انڪار کي پنهنجي دل تي ورتو سو جيئن ئي راجا ڪنهن شڪار تان واپس وريو ته راڻيءَ سارو قصو الٽو ڪري راجا کي کڻي ٻڌايو ته تنهنجي شهزادي منهنجي تن ۾ اکيون وڌيون آهن. جيئن ٻڌندا پيا اچون ته راجا ۽ بادشاهه اڪثر ڪنن جا ڪچا هوندا آهن سو راجا به دير کان بنا اهو فيصلو ڪري پنهنجي سپاهين کي سڌيرڻ کي مارڻ جو حڪم ڏئي هٿ ۾ ننگي تلوار کڻي شهزادي کي قتل ڪرڻ لاءِ محل جي ڪنڊ ڪڙڇ ڳولا شروع ڪئي. شهزادي جو پنهنجي پيءُ کي اگهاڙي تلوار هٿ ۾ کڻي مينهن واچ ڪندي پاڻ ڏي ايندي ڏٺو ته ماجرا جي مام پروڙي ورتائين ڏٺائين ته شيخن کي ڀتُ مليو ڪي مليو. سو کڻي ڌڻيءَ در ٻاڏايائين ته مالڪ بس ان کان اڳ جو ويندڙ وهيءَ سان گڏ مت ڇڏي ويل راجا جي تلوار منهنجي گردن کي ڪپي ان کان اڳ منهنجي جسم مان ساهه ڪڍي ڇڏ.“ سو ٿيو به ايئن. ان کان اڳ جو راجا جي تلوار شهزادي کي ڇهي ان کان اڳ ئي شهزادو پرلوڪ پڌاري ويو. راجا کي به قصو سمجهه ۾ اچي ويو ته ٻيلي شهزادو بيڏوهي هو. سو وري به تڪڙ ۾ پنهنجي نئين نويلي پٽ راڻيءَ کي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. تنهنڪري ڄاڻايل لوڪ ڪٿا موجب ته شهزادي کي ان ئي ٺُلهه جي ڀرسان ڪنهن وڏي دڙي تي دفنايو ويو ۽ راڻيءَ کي ڀرپاسي ۾ دفنايو ويو ڪي ساڙيو ويو. تنهن جي خبر خدا کي.

تصوير- علي ڀاءُ
تصوير- علي ڀاءُ

باقي انگريزن جي ڪتابن مان اهو پتو ضرور پوي ٿو ته ويساک مهيني ۾ هن ماڳ تي هندو ياتري اڇي پهريان هن اسٽوپا کي ساڄي کان کاٻي طرف ست ڀيرا طواف ڪندا هئا ۽ طواف کان پوءِ ست پٿريون هڻندا هئا. جنهن مان اهو اندازو لڳايو ويو ته هن ماڳ جي مذهبي اهميت سان گڏ هتي ماضيءَ جي ڪنهن شيطان صفت ماڻهوءَ جي ڪردار سان نفرت جو اظهار به ايئن ڪيو ويندو هجي متان.

انگريزن جي دور ۾ هن ماڳ جي خوبصورتي يقينن ڏسڻ وٽان رهي هوندي جو هيءُ ماڳ گوني ۽ ڦليلي جي ميلاپ واري جاءِ کان رڳو معمولي پنڌ جيترو وٿيرڪو هوندو هو. هاڻ هن سموري علائقي جي گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگ واري ساوڪ به ماضيءَ جو وسري ويل هڪ باب بنجي رهجي وئي آهي. هاڻ ته هيءُ سمورو ماڳ اجڙي بس ڪجهه سئو فوٽن تي باقي وڃي رهيو آهي.

تصوير- علي ڀاءُ
تصوير- علي ڀاءُ

 ٺُلهه جي اردگرد ٻڌ ڀڪشوئن ۽ شاگردن جي رهائش وارا سمورا ماڳ ۽ مڙهيون کوٽي تباهه ڪري انهن جون سموريون سرون الائي ڪيڏانهن استعمال ڪيون ويون. اسين پيرو کڻڻ کان ان ڪري به قاصر آهيون جو ٽنڊو محمد خان کان نورائي ۽ حيدرآباد ويندڙ ريل جي پٽڙيءَ تي جيڪي سرون وڇايل آهن، اهي شايد هن ئي ماڳ جي آثارن جون هجن. اهڙو اظهار جيمس برنس به پنهنجي ڪتاب ۾ ڪري چڪو آهي.

تصوير- علي ڀاءُ
تصوير- علي ڀاءُ

گذريل سال جي ئي ڳالهه آهي ته هن ماڳ جي باقي بچي ويل آثارن کي هنڌ هنڌ تان کوٽيو ويو هو. جنهن مان چٽيل ۽ ڪوريل سرن جا ڀڳل ٽڪرا ظاهر ٿي رهيا هئا. جڏهن ته لاڙ ۾ ٻڌ دور جي هن اڪيلي يادگار جي جياپي کي تمام گهڻو خطرو آهي. ڇاڪاڻ ته نه اسان جي عام ماڻهو کي ماضيءَ جي هنن آثارن جي اهميت جي پروڙ آهي نه ئي وري اسان جي قديم آثارن واري کاتي ۾ ڪم ڪندڙن کي اونو. جيستائين اسان جي قديم آثارن واري کاتي جي اک کُلي تيستائين هن ماڳ جي ڀرپاسي رهندڙ عام ماڻهن کي اپيل ئي ڪري سگهجي ٿي ته هنن آثارن کي ڀڃڻ ۽ ڀورڻ کان پاسو ڪجي ان ڪري جواهي اسان جي هن زمين جي هزارين سالن جي سڃاڻپ آهن. 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment