Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

عَلم جي تاريخ، اهميت ۽ ان جي ٺهڻ جو عمل


2018-05-16 08:30:26  775 
User Image

ماجد جاگيراڻي

image-1

دنيا ۾ هر مذهب، قوم ۽ قبيلي وٽ پنهنجي سڃاڻپ لاءِ شروع کان ئي وٺي ڪي خاص نشانيون رهيون آهن، جيڪي انهن جي سڃاڻپ جو اهڃاڻ هونديون آهن. علم به انهن نشانين مان هڪ نشاني آهي. جيڪڏهن تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسجن ته جڏهن به ڪن به ٻن ڌرين ۾ جن به سببن جي ڪري (چاهي اهي مذهبي لحاظ کان هجن يا پنهنجي ڌرتي ۽ قوم جي بچا خاطر) جيڪي به جنگيون لڳيون ته انهن وٽ پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ لاءِ الڳ الڳ قسم جا قومي/مذهبي جهنڊا (Flags) هوندا هئا. انهن جهنڊن جي خوبصورتي ۽ نواڻ لاءِ هر قوم پنهنجي سڃاڻپ خاطر رنگ ۽ نشانين جي چونڊ پنهنجي ثقافت، مذهب ۽ سماجي طور طريقن کي نظر ۾ رکندي ڪندي هئي، جيڪو سلسلو اڄ ڏينهن تائين جاري ۽ ساري آهي.

تصوير - ماجد جاگيراڻي

موجوده وقت ۾ هر ملڪ جو پنهنجي سڃاڻپ لاءِ هڪ جهنڊو آهي. ان ۾ الڳ الڳ قسم جون نشانيون، هڪ ملڪ کي ٻئي ملڪ کان جداگانه حيثيت ڏيارين ٿيون. اهڙي ئي ريت اسلام جي شروعاتي دور ۾ به مسلمانن جي سڃاڻپ خاطر هڪ مخصوص قسم جو جهنڊو هوندو هو ۽ جڏهن وري اسلام جي بقا خاطر حضرت امام حسين (عليه السلام) پنهنجن 72 ساٿين ۽ اهلِ بيت سان گڏ ڪربلا جي سرزمين تي اسلام جي سربلندي ۽ بقا لاءِ جيڪا لازوال قرباني ڏني، ان قربانيءَ جي عيوض ئي اسلام کي بقا ملي. ان سڄي ڪربلا جي سفر ۾ اسلام جو جهنڊو حضرت غازي عباس جي هٿن ۾ هو ۽ ان عظيم قرباني کانپوءِ اسلام جو اهو جهنڊو اهلِ تشيع جي پوئلڳن محبت ۽ عقيدت وچان حضرت غازي عباس سان منسوب ڪري، غازي عباس جي علم جي مشابهت طور علم پنهنجن گهرن، امام بارگاهن ۽ پڙن تي سوار ڪرڻ شروع ڪيا، جيڪو سلسلو صدين کان وٺي هلندو پيو اچي. گهرن، امام بارگاهن ۽ پڙن تي علم سوار ڪرڻ جو مقصد ڪربلا جي شهيدن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ آهي. تنهنڪري صدين کان وٺي سنڌ ۾ عَلم سوار ڪرڻ جو اهو دستور نسل در نسل منتقل ٿيندو پيو اچي.

تصوير - ماجد جاگيراڻي
تصوير - ماجد جاگيراڻي

سنڌ ۾ عَلم جي تاريخ:

عَلم جي تاريخ ايتري ئي قديم آهي، جيتري ڪربلا جي عظيم ترين قرباني. جيئن ته ڪربلا جي واقعي کان پوءِ جلد ئي آهستي آهستي مومنن ۽ اهلِ بيت جي پوئلڳن، امام حسين عه ۽ ان جي اهلِ بيت سان محبت ڪندڙن طرفان عزاداري جي شروعات ٿي. عزاداري جي شروعات کان وٺي اڄ تائين ان ۾ وقت جي تقاضائن، ثقافتن جي اثر، ملڪن جي قانون ۽ اتان جي سماجي ۽ ثقافتي ريتن رسمن جي اثر ڪري عزاداري ۾ نيون نيون رسمون وجود ۾ اينديون ويون ۽ ائين عزاداري دنيا ۾ پکڙجندي وئي. سنڌ ۾ عزاداري جي تاريخ تمام پراڻي آهي، ٽالپرن جي دور ۾ مير نصير خان ٽالپر پڪي قلعي جي گيٽ تي هڪ تمام وڏو ڪاٺ سان ٺهيل عَلم نصب ڪرايو ۽ ائين گهرن، امام بارگاهن ۽ پڙن تي عَلم نصب ڪرڻ جو رواج عروج وٺندو ويو.

تصوير - ماجد جاگيراڻي
تصوير - ماجد جاگيراڻي

اهلِ تشيع سان جيڪو به واڳيل هوندو آهي، ان جي گهر ۾ هڪ عَلم، غازي عباس جي عَلم جي علامت طور نصب ڪرڻ اهلِ تشيع جي پوئلڳن لاءِ محبت جو بنيادي جُز آهي. ڇاڪاڻ ته اها امام غازي عباس سان مومنن جي اڪير ۽ محبت جو ئي ثبوت آهي جو ساڍيون 14 صديون گذري وڃڻ کانپوءِ به پنجتن پاڪ سان محبت نسل در نسل مومنن ۾ منتقل ٿيندي رهي ٿي.

تصوير - ماجد جاگيراڻي
تصوير - ماجد جاگيراڻي

عَلم جا رنگ:

عزاداري جي ماتمي پڙن دوران جلوس ۾ سڀ کان اڳيان هلندڙ مومنن جي هٿن ۾ عَلم پاڪ هوندا آهن، جيڪي ڊگها بانس جا ٺهيل هوندا آهن ۽ انهن جي مٿان ڪارو ڪپڙو اوڍيل هوندو آهي ۽ ان ڪپڙي جي مٿان پنجتن پاڪ، 12 امامن، 14 معصومن جا اسم مبارڪ تمام بهترين ڪاريگري سان نقش ڪيل هوندا آهن. مجموعي طور عزاداري ۾ استعمال ٿيندڙ علم جي ڪپڙي جا 4 رنگ هوندا آهن. (1) ڪارو (2) ڳاڙهو (2) سائو (4) اڇو (ان تي ڳاڙهي رنگ جا نشان). (1) ڪارو ڪپڙو: ڪارو ڪپڙو مجموعي طور مسلمانن ۾ غم، رنج، تڪليف ۽ پيڙاءَ جي علامت طور استعمال ٿيندو آهي، خاص ڪري محرم جي چاليهي تائين اهلِ تشيع سان وابسطه مومن ۽ مومنياڻيون ڪارا ڪپڙا ئي پائيندا آهن ۽ عزاداري ذريعي ڪربلا جي شهيدن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندا آهن. (2) ڳاڙهو ڪپڙو: ڳاڙهي رنگ کي رَت سان مشابهت ڏني ويندي آهي، اڪثر عاشور جي ڏينهن يعني 10 محرم الحرام جي ماتمي جلوسن ۾ سوار ڪيل عَلم پاڪن ۾ ڪاري ۽ ڳاڙهي رنگ جو ڪپڙو استعمال ڪيو ويندو آهي.  ان ۾ ڳاڙهي رنگ کي شهيدن جي رت سان مشابهت طور استعمال ڪندا آهن. (3) سائو ڪپڙو: سائي رنگ کي زهر سان مشابهت ڏني ويندي آهي، ڇاڪاڻ ته حضرت امام حسن (عليه السلام) کي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو، اڪثر ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي تي نڪرندڙ ماتمي جلوسن ۾ علم پاڪ ۾ سائي رنگ جو ڪپڙو استعمال ڪيو ويندو آهي. (4) اڇو رنگ: اڇو رنگ مجموعي طور امن جي علامت آهي ۽ ان ۾ ڳاڙهي رنگ جا نشان اهڙي نموني هنيا ويندا آهن، جيڪي ڪنهن رتوڇاڻ جو ڏيک ڏيندا آهن، اڇي رنگ جي علم ۽ ان تي ڳاڙهن نشانن جو مطلب آهي ته حضرت امام حسين عه امن جو پيغام کڻي نڪتا هئا، جيڪڏهن حضرت امام حسين عه کي جنگ ئي ڪرڻي هجي ها ته پنهنجا معصوم ٻارڙا ۽ اهلِ بيت ڪڏهن به ساڻ وٺي نه وڃن ها.

تصوير - ماجد جاگيراڻي
تصوير - ماجد جاگيراڻي

امام حسين (عليه السلام) جنگ جي ارادي سان نه پر امن جو پيغام کڻي نڪتا هئا، جنهن امن ڀري پيغام کي يزيد پنهنجي طاقت جي نشي ۽ غرور ذريعي اسلام جي نقشي کي ئي تبديل ڪرڻ جي ارادي سان ظلم ۽ بربريت جا سڀ ليڪا لتاڙيندي، معصوم ٻارڙن، پاڪ بيبين ۽ مجموعي طور سڄي امام حسين عه جي قافلي جو پاڻي به بند ڪرائي ڇڏيو ۽ امام حسين کي يزيد جي بعيت ڪرڻ يا وري جنگ ڪرڻ جا ٻه آپشن ڏنا ويا، جن مان امام حسين عه يزيدي لشڪر سان جنگ ڪرڻ کي فوقيت ڏني ۽ ائين امام حسين 72 ساٿين ۽ پنهنجن ڪٽنب جي شهزادن سميت پنهنجي جان جي قرباني ڏئي اسلام کي جيئندان ڏنو.

تصوير - ماجد جاگيراڻي
تصوير - ماجد جاگيراڻي

واڍن جو پڙ:

حيدرآباد ۾ واڍن جي پڙ تي ڪاٺ مان تمام بهترين ڪاريگري سان علم، تعزيه ۽ جهولا ٺاهيا ويندا آهن. واڍن جي پڙ جا واڍا پنهنجي هنر، فن ۽ ڪاريگري جي ڪري سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻا مشهور آهن. زوار علي ڏنو وگهيو واڍن جي پڙ جو ڪوآرڊينيٽر آهي، سندس چوڻ آهي ته واڍن جي پڙ تي انهن جي ابن ڏاڏن 1930ع ۾ علم، تعزيه ۽ جهولا ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين نسل در نسل اهو ڪم ساڳي جنون، محبت ۽ لگن سان جاري آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته، ساگوان، ديال، چلگوزو، لوهيڙو، پِيڻ ۽ ٽالهي جي وڻن جي ڪاٺ مان تمام اعليٰ قسم جا علم، تعزيه ۽ جهولا تيار ڪيا ويندا آهن. ساگوان وڻ جو ڪاٺ تمام عمدي قسم جو ۽ مهانگو آهي، جيڪو خاص ڪري انڊيا مان خريد ڪري گهرايو ويندو آهي. لوهيڙي وڻ جو ڪاٺ تقريبن هاڻ اڻلڀ ٿي ويو آهي. زوار علي ڏنو وگهيو وڌيڪ ٻڌايو ته، واڍن جو پڙ سڄي سنڌ ۾ علم، تعزيي ۽ جهولي ٺاهڻ جو مرڪز آهي، اها سنڌ جي ماڻهن جي امامن سان اعليٰ قسم جي محبت ۽ عقيدت ئي آهي جو جهڙي حُب ۽ اُڪير سان جهڙي قسم جا مهانگا ۽ خوبصورت علم، تعزيه ۽ جهولا هتي تيار ڪيا وڃن ٿا، ٻئي ڪنهن به خطي ۾ ان جو اهڙو مثال نٿو ملي. واڍن جو پڙ سڄي سنڌ ۾ پنهنجي منفرد ڪم ۽ ڪاريگري جي ڪري مشهور آهي، سڄي سنڌ مان عقيدتمند آرڊرز بُڪ ڪرائيندا آهن ۽ واڍن جي پڙ جا ڪاريگر سڄي سنڌ ۾ به ويندا آهن، جتي انهن کي آرڊر ملندو آهي.

جهوني علم جي تبديلي جو عمل:

جهوني علم جي جڳهه تي نئون علم سوار ڪرڻ عزاداري جي بنيادي عنصرن مان هڪ آهي. علم تبديل ڪندڙن کي ناخا چيو ويندو آهي، جيڪي بنا ڪنهن اجورو وٺڻ جي اهو ڪم سرانجام ڏيندا آهن. وڏي ۾ وڏي علم کي 8 کان 10 ناخا آساني سان تبديل ڪندا آهن. علم جي اها تبديلي مرثيه نگاري، نوحه خواني ۽ يا حسين عه جي صدائن ۾ ٿيندي آهي، جهونو علم لاهي ان کي تمام اونهي وهندڙ پاڻي ۾ وهايو ويندو آهي ۽ ان علم جو ڪپڙو تبرڪ طور مومن ۽ مومنياڻيون استعمال ڪندا آهن.

عَلم کي نهر ۽ ٻيهر سوار ڪرڻ جو عمل:

عيدالاضحيٰ جي شام کان ئي ڏک ۽ درد وچان نغارا وڄائي، يزيد، يزيدي سوچ ۽ يزيدي طاقتن خلاف جنگ جو طبل وڄائي انهن خلاف احتجاج جي شروعات ۽ ڪربلا جي شهيدن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ لاءِ شروعاتي تياري ڪئي ويندي آهي. ان کانپوءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ جيڪي به اهلِ تشيع سان وابسطا مومن هوندا آهن، اهي امام بارگاهن، گهرن ۽ پڙن تي جيڪي علم مبارڪ سوار ٿيل هوندا آهن، انهن کي نَهر ڪري، انهن جي نئين سر مرمت ڪرائي، رنگ روغن ۽ لائيٽنگ جو ڪم ڪرائي محرم جي پهرين تاريخ کان 5 تاريخ تائين نئين سري سان علم سوار ڪيا ويندا آهن.

اعجاز علي وگهيو 30 سالن کان وٺي، واڍن جي پڙ تي واڍڪي جو ڪم ڪري رهيو آهي، جيڪو علم جي هر ڪم جو ماهر ڪاريگر آهي، هي ننڍا ننڍا علم پنهنجن پئسن سان تيار ڪري کپائڻ لا پنهنجي دڪان تي رکندو آهي، جنهن مان هڪ اهو به فائدو آهي ته جنهن به مومن کي ايمرجنسي بنيادن تي علم ضرورت ۾ هجي ته بنا ڪنهن دير جي ان کي مهيا ٿي سگهي. ڇاڪاڻ ته علم جي تياري ۾ ڪيترن ئي مهينن جو وقت گهربل هوندو آهي. اعجاز علي وگهيو موجب، هر علم جي رقم ان جي ڪاٺ، سائيز ۽ آرٽ مطابق هوندي آهي، گهٽ ۾ گهٽ ننڍو علم 10 هزار تائين ملندو آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ان جي حد 50 لک تائين به وڃي پهچي ٿي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته علم ٽن قسم جا هوندا آهن. (1) اسٽيل جا علم (2) لوهه جا علم (3) ڪاٺ جا علم.

اعجاز علي وگهيو ٻڌايو ته، علم جا ڪُل 7 حصا ٿين ٿا، جيڪي ترتيبوار هن ريت آهن (1) نيزو (2) چوڪ (3) شمعدان (4) مور/مدن (5) رنگ سيٽ (6) ڪونڊي (7) ڪٽيرا.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته، ڪاٺ جو علم، مختلف ۽ ترتيبوار مرحلن مان گذرندو آهي. سڀ کان پهرين رندي جو ڪاريگر ڪاٺ کي رندي ذريعي سڌو ۽ بيلنس ڪندو آهي، ان کانپوءِ اهو ڪاٺ ڊرائنگ ماسٽر ڏانهن شفٽ ٿيندو آهي، جيڪو ان ڪاٺ تي مختلف ٺهيل فريمن جي ذريعي پينسل سان ڊزائن ٺاهيندو آهي، پوءِ اهو ڪاٺ مشين آپريٽر ڏانهن ويندو آهي، جيڪو ڇَپڪ مشين ذريعي ان ڊزائين ٿيل ڪاٺ جي ڪَٽائي ڪندو آهي، ان کانپوءِ اهو ڪاٺ رنگ ڪندڙ آرٽسٽ ڏانهن ويندو آهي، جيڪو انهن تي رنگن جي مدد سان خوبصورت ڊزائنون ٺاهيندو آهي.

تصوير - ماجد جاگيراڻي
تصوير - ماجد جاگيراڻي

طاهر علي سومرو جو چوڻ آهي ته هو گذريل 20 سالن کان وٺي آل رائونڊر ڪاريگر طور واڍن جي پڙ تي ڪم ڪري رهيو آهي، هي هڪ هزار روپين جي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ آهي. هن وڌيڪ چيو ته، حڪومت طرفان اسان جي ڪنهن به قسم جي ڪابه سهائتا نٿي ڪئي وڃي.

انتخاب علي، واڍن جي پڙ تي ڪلر آرٽسٽ طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن ٻڌايو ته رنگ ٻن قسمن جا ٿيندا آهن، (1) پرائمري رنگ (2) سيڪنڊري رنگ. پرائمري ۽ سيڪنڊري رنگن جي ميلاپ سان نوان رنگ ٺاهيا ويندا آهن. اصل ۾ رنگن جو آرٽ ئي علم، تعزيي ۽ جهولي جي خوبصورتي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ٿو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته، علم، تعزيي ۽ جهولي جي سجاوٽ واري آرٽ ۾ ڦڪو، بلو، ڳاڙهو، اڇو، ناسي، سائو، آسماني، گلابي ۽ ڪارو رنگ تمام گهڻو استعمال ٿيندو آهي.

تصوير - ماجد جاگيراڻي

واڍن جي پڙ تي ممتاز علي، جنڊي جي ڪاريگر طور گذريل 40 سالن کان ڪم ڪندڙ آهي، هن ٻڌايو ته، علم، تعزيي، جهولي ۽ ڪنهن به قسم جي ڪم ڪرڻ دوران پاڪائي جو تمام گهڻو خيال ڪيو ويندو آهي. ڪنهن به قسم جي ناپاڪي دوران ڪاريگر شين کي ڇهندا به ناهن، اهو انهن جي محبت ۽ عقيدت جو عظيم مثال آهي.

تصوير - ماجد جاگيراڻي

جميل حسين وگهيو تمام عمده قسم جو آل رائونڊير ڪاريگر آهي، هن ٻڌايو ته علم، تعزيو ۽ جهولو مختلف ننڍن ننڍن حصن ۾ ورهائي تيار ڪيا ويندا آهن ۽ آخر ۾ اهي پاڻ ۾ ڳنڍيا ويندا آهن. سڀ کان پهرين علم، تعزيي ۽ جهولي جو نقشو تيار ڪيو ويندو آهي. گراهڪ جي ڏنل آرڊر موجب ڪاٺ جي فريمن جي ڪٽائي ڪري ۽ ان تي ڊرائنگ فريمن ذريعي ڊزائين ڊرائنگ ڪري ۽ ان ڊزائين ٿيل ڪاٺ جي فريمن کي ڇپڪ مشين (Cutting machine) ذريعي ڪٽائي ڪري، ان کانپوءِ اهي ٽڪرن جي صورت ۾ ٻئي واڍي ڏانهن وڌيڪ ڪم لاءِ منتقل ڪيا ويندا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته، ڪاٺ جي فريمن جي ڪٽائي جو ڪم تمام گهڻو سنجيده ۽ پيچيده آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ننڍي ۾ ننڍي غلطي سڄي فريم جي ڊزائين ۽ ان جي نقشي کي بگاڙي سگهي ٿي. هر شيءِ الڳ الڳ ٽڪرن ۾ تيار ٿيندي آهي، پوءِ آخر ۾ اهي ٽڪرا پاڻ ۾ ترتيبوار جوڙيا ويندا آهن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment