شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

- 21 - مارچ - 2019ع

آصف زرداري ۽ بلاول نيب آڏو پيش، پوليس ۽ ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون، ڪيترائي گرفتار

تازھ ترين

نئن گاج: برساتن واري ندي


صبح 05 لڳي 53 منٽ -اڱارو 15 مئي 2018  259 

ساجده چنا

image-1

پٿريلن جبلن، ميدانن ۽ پاڻيءَ جي وهندڙ نئن وارو جوهي جو علائقو ضلعي دادو جو هڪ ننڍڙو شهر آهي. جتي زندگي انهن ميدانن ۽ جبلن ۾ صدين کان ساهه کڻي رهي آهي. ڪئين قبيلا هتي ورهين کان آباد آهن، اتي ئي کير ٿر جو جابلو سلسلو به آهي. کير ٿر جبل مان کوڙ ساريون نئيون وهن ٿيون پر نئن گاج اها واحد نئن آهي، جيڪا بلوچستان مان وهندي سنڌ ۾ داخل ٿئي ٿي. اها ئي نئن جوهي کان 38 ڪلوميٽر جي فاصلي تي آهي.

تصوير- ساجده چنا

بلوچستان جي شهر خضدار کان اتر اوڀر ۽ اتر اولهه ۾ ڪوهه سليمان ۽ هربوئي جابلو سلسلي ۾ وڏيون وڏيون نئيون آهن. جتان کان نئن مولا، نئن نال ۽ نئن ڪولاچا وهن ٿيون. هربوئي جبل ۾ نئن ڪولاچي وهي جبل جو ڪنارو وٺي، جمورو، پٽ راڙ ٽڪرين کان ڪجهه مٿي راڙ لڪ اتر ۾ کير ٿر جبل جي ٻن ساين ٽڪرين يعني گورک ۽ ڪچرڪ جي وچ مان هڪ سوڙهي ٽڪري جنهن کي لوڙهه لَڪُ چون ٿا، اتان کان جبل کي ڪَٽي سنڌ جي سرحد ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ اتان کان ئي ان گاج کي نئن گاج چيو وڃي ٿو.

جتان کان نئن گاج داخل ٿئي ٿي، انهي جاءِ تي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ جي وڏي کڏ آهي، جنهن کي ڪنڀ چيو وڃي ٿو. مقامي ماڻهو به انهي کي ڪنڀ ئي چوندا آهن. انهي جاءِ تي مانگر مڇ ۽ مڇي ججهي انگ ۾ ملي ٿي. انهي جي ڀرسان ئي هڪ وڏي غار آهي. نئن گاج سنڌ ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ جوهي تعلقي کان ٿيندي، منڇر ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي آهي. سنڌ ۾ ان جو سفر لڳ ڀڳ 50 ميل آهي. نئن جي معنيٰ گجگوڙ سمجهي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته برساتن جي مند ۾ اهي نئيون گجگوڙ ڪنديون وهنديون رهنديون آهن. نئن گاج جا ٻه اهم ترين وهڪرا آهن. هڪ وهڪرو اوڀر کان سڪ نئن کان ٿيندو پٽ گل محمد کان ٿيندو پيارو ڳوٺ کان اچي درياهه ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. جڏهن به ٻيو ڊرگهه بالا جوهي، ڀان سعيد آباد کان ٽلٽي جي ويجهو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندو آهي.

تصوير- ساجده چنا
تصوير- ساجده چنا

1930ع ۾ سکر بيراج جي سروي ٿيڻ تي اها ڳالهه سامهون آئي ته نئن گاج دادو ڪئنال ۽ شاخن کي هر سال نقصان ڏيندي، ان ڪري آبپاشي نظام جو تحفظ ڪرڻ لاءِ نئن گاج جي وهڪري کي تبديل ڪرڻ ضروري هو. 1933ع ۾ بئراج تعمير ٿيڻ کان پوءِ نئن گاج جو رخ مستقل بنيادن تي تير ڀت واري جاءِ کان منڇر ڍنڍ ڏانهن موڙيو ويو. تير ڀت 31 هزار فوٽ ڊگهي ۽ 25 فوٽ اوچي آهي. تير ڀت مان 10 شاخون ڪڍيون ويون آهن، جن مان ڪارو واهه جيڪو سدائين وهندو رهي ٿو ۽ اهو ٻارنهن مليل ڊگهو آهي ۽ پندرهن هزار ايڪڙ زمين آباد ڪري ٿو. نئون واهه به سدائين وهندو رهي هو. انهي جي ڊيگهه تيرنهن ميل آهي ۽ اهو ڏهه هزار ايڪڙ زمين کي آباد ڪندو آهي. ان کانسواءِ گل محمد واهه به هڪ اندازي موجب چوڏنهن ميل تائين پهچي ٿو. انهي واهه تي ڳوٺ شڪر خان، ولي محمد ڳنڊو ۽ پٽ گل محمد آباد آهن. 

تصوير- ساجده چنا
تصوير- ساجده چنا

پر ان کانسواءِ جيڪي ٻيا واهه آهن، انهن ۾ سڪ نئن پاٺ، پنج لاهي موري، حاجي خان واهه به شامل آهن. انهن واهن جي ڪري ئي هتي آبادي وڌڻ لڳي ۽ تير ڀت جي ٺهڻ سان نئن گاج پنهنجو رخ ڏکڻ ڏانهن موڙيو آهي. اهڙي ريت نئن سول وجود ۾ آئي. انهي جي ڏکڻ ڏانهن ويندڙ ٽي نئن (نئن تڪي، نئن سوري ۽ نئن تلي) جو پاڻي به وهي انهي وهڪري ۾ پوڻ شروع ٿيو، جيڪو اڳيان هلي ڇني ڳوٺ کان ٿيندو منڇر ڍنڍ ۾ ڪري ٿو.

1932ع ۾ جڏهن تير ڀت ٺهي ته انهي وقت امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ايف پي فلڊ پروٽيڪشن بند تعمير ڪيو ويو. اهو به چيو وڃي ٿو ته انهي جو افتتاح ممبئي جي ان وقت جي گورنر ڪيو هو. جيڪو گاج جي ويجهو گاج بنگلي ۾ ٽڪيو هو.

تصوير- ساجده چنا
تصوير- ساجده چنا

نئن گاج جو پاڻي پيئڻ ۽ زراعت لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. گاج سنڌ ۾ واحد باراني ندي آهي، جنهن جو قديم زماني کان يونيڪ اريگيشن سسٽم رهيو آهي. ڪلهوڙا حڪمرانن جي دور ۾ نهري نظام جوڙيو ويو هو، جنهن کي انگريزن سنواريو ۽ بهتر ڪيو. اڄ به انهي پاڻيءَ سان ميداني علائقن ۾ واهن وسيلي آباد ڪيو ويندو آهي ۽ مقامي ماڻهن جابلو علائقي ۾ گاج جي وهڪري تي مڏ سسٽم وسيلي ٻنيون آباد ڪندا آهن. مڏ سسٽم ۾ ڪانن، وڻن جي ٽارين، ڪکن ۽ مٽيءَ کي گڏايو ويندو آهي.

مڏ ٺاهڻ لاءِ نئن جي پاڻي جي سطح ڪجهه مٿي ٿي ويندي آهي، جتي هڪ تڏي يا توريءَ ۾ واريءَ کي گڏائي ننڍيون ننڍيون ناليون ٺاهيون وينديون آهن، اهڙي ريت اهو پاڻي زمين کي سيراب ڪندو آهي. نئن گاج ڪافي ڀيرا بند ٽوڙي ٻوڏ آڻي چڪي آهي. 1955ع ۾ گاج جي ڪري سمورو علائقو ٻوڏ جي ور چڙهي ويو هو. جڏهن ته ان وقت ايتريون برساتون نه ٿيون هيون. پر بلوچستان ۾ پوندڙ برساتن نه فقط بلوچستان جي ضلعي خضدار کي متاثر ڪيو هو پر اهو پاڻي نئن گاج ۾ داخل ٿيو ته جوهي جو سمورو علائقو خطرناڪ ٻوڏ جي وڪڙ ۾ اچي ويو هو. ان وقت نئن گاج جو وهڪرو 4 لک ڪيوسڪ هو.

تصوير- ساجده چنا

ڪجهه سال اڳ جڏهن 2010ع ۾ ٻيهر گاج بنهه وڏي تباهي ڪئي، جنهن کان پوءِ حڪومت تير ڀت جي پچنگ ڪري انهي کي بهتر ڪيو.

پر برساتن جي پاڻيءَ کي ڪارائتو ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن انهي کي زيان ٿيڻ کان بچائي سگهجي، انهن جبلن جي دامن ۾ آباد انهن ماڻهن کي پاڻي جهڙي نعمت جو فائدو ڏنو وڃي، جن کي پاڻي تڏهن ئي ملندو آهي، جڏهن برساتون پونديون آهن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment