شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

جمعو - 18 - آڪٽوبر - 2019ع

ڪتاب تي تبصرو: وڃايل وارث


صبح 03 لڳي 42 منٽ -اڱارو 15 مئي 2018  583 

ڪليم ٻُٽ

image-1

صنف: ناول

ليکڪ: ايوب کوسو

ڇپائيندڙ: ڪويتا پبليڪشن

سال: 2016

صفحا: 177

اڪثر مونکان دوست سوال ڪندا آهن ته مون سنڌ جي تاريخ تي چار ناول ڇو لکيا آهن؟ مان کين جواب ۾ چوندا آهيان ته ڇو جو مون ان قسم جا ناول پڙهڻ ٿي چاهيا. منهنجو خيال آهي ته ليکڪ اهو ئي لکندو آهي جيڪو هو پڙهڻ چاهيندو آهي ۽ جڏهن کيس پڙهڻ لاءِ پنهنجي پسند جو مواد نه ملندو آهي ته هو لکڻ شروع ڪندو آهي.

ايوب کوسي جو نالو سنڌي ادب ۾ ڪو نئون نه آهي، هو پنهنجي شاعريءَ ۽ مضمون نويسيجي ڪري سنڌ واسين کان ڀرپور مڃتا ماڻي چڪو آهي، پر ايوب جي ناول “وڃايل وارث” سان منهنجي واقفيت دير سان ٿي، اها واقفيت بلڪل ائين هئي جئين ماڻهو ڪنهن ويڳاڻي شخص سان ملي ۽ پوءِ اهو هميشه لاءِ ساٿي بنجي وڃي، ايوب جو هي ناول به مونکي بلڪل ائين ئي مليو. جيڪڏهن هي ناول مونکي ٻه سال اڳ ملي ها ته مان سنڌ جي پسمنظر ۾ ڪجهه ڪهانيون ڪڏهن به نه لکان ها، هن ناول پڙهڻ سان مون تي هڪ سحر ۽ وجد طاري ٿي ويو، ائين لڳو ڄڻ ناول جي ڪهاڻي ۽ ڪردار منهنجي آڱر پڪڙي چوندا هجن ته اڳتي پڙهه، پوءِ وري شايد حياتي اهڙي خوبصورت ناول پڙهڻ جو موقعو نه ڏئي ۽ ناول هڪ ساهي ۾ پڙهي پورو ڪيم، مون اهڙا گهٽ ناول پڙهيا آهن جن کي پورو ڪرڻ کان اڳ دل نه چوندي آهي ۽ انهن ناولن مان هڪ هي ناول به آهي. هن ناول جو مرڪزي ڪردار ساحل نالي هڪ ليکڪ آهي، جيڪو سنڌ ڌرتي جي حالتن تي سنجيدگي سان سوچي ٿو ۽ لکي به ٿو، مُک ڪردار برکا نالي هڪ وڪيل تي عاشق آهي، پر هن ناول ۾ رومانيت کان هٽي ڪري سنڌ جي تاريخ، سياست، صوفي مت، سنڏ جي شعور تي دل لڀائيندڙ بحث ٿيل آهي ۽ ايوب جو وڏو ڪمال ته وري سندس سنڌوءَ جيان اڇل کائيندڙ ٻولي آهي. ناول ۾ هڪ سياسي سوچ تي خوب تنقيد ڪئي وئي آهي ته وري سنڌيت جو درس به ڏنل آهي، مثال طور ناول جي باب 3 ۾ ايوب لکي ٿو ته:

“برکا الميو اهو آهي ته هن سماج ۾ ٻن قسم جا ماڻهو رهن ٿا. هڪڙا مٽي جا ماڻهو آهن، ٻيا ڪاغذي ماڻهو آهن! ٻنهي جو انگ گهٽ ناهي، پر ڪاغذي ماڻهو ڪجهه ججها آهن! مٽيءَ جا ماڻهو اڻ ڳڻيا هوندي به بي اثر ۽ لاوارث آهن! زندگيءَ جي خفن انهن کي کائي ڇڏيو آهي معاشي مونجهارن انهن جا هنيان چڀاڙي ڇڏيا آهن!”

اهڙي ريت ناول جي 5 ۽ 6 باب ۾ ساحل ۽ پروفيسر نظر جو موجوده سنڌ جي سياسي صورتحال تي بحث به دل ۾ گهر ڪري وڃي ٿو. حيدرآباد ۾ سوشلزم جي حوالي سان ٿيندڙ هڪ سمينار ۾ ٻئي گڏيا آهن، جنهن بعد هنن جي وچ ۾ ڪجهه هنن قسم جو بحث ٿي ٿو:

“سوشلزم جا دعويدار رڳو ڪوڙ جا سندرا ٻڌيو هلن! ڪوڙ جا ڪمبل پيا رڳو ورهائين! حد ٿي وئي! هنن جي ئي دور ۾ حيدرآباد مان تڙجي وياسين، وڃي قاسم آباد وسايوسين، اڃا ساڳيا پير کنيو اچن.” ناول کي 50 مختصر بابن ۾ ورهايو ويو آهي ۽ هر سٽ پڙهي لڳي ٿو ته سنڌ جي دردن جي صدا آهي، تاريخ سان ٿيل ويساهه گاتي سڌي آڱر کنيل آهي. 

جيڪڏهن ناول جي ڪمزورين جي ڳالهه ڪجي ته هن ٻه اهم ڪمزوريون آهن، هڪ اها ته بيان دوران شاعريءَ جي ضرورت ئي ڪونه هئي، پر ان هوندي به ليکڪ ڪيڏي مهل شاهه سائين ته ڪيڏي مهل شيخ اياز يا وري فيض احمد فيض ۽ حبيب جالب جي شعر استعمال ڪيا ويا آهن ۽ اهي به وري اهڙا جيڪي هر ماڻهو کي ياد هوندا آهن، پر پوءِ به نظمون وغيره پوري جون پوريون ڏنيون ويون آهن جن جي بدران سندن حوالي ڏيڻ سان ئي پڙهندڙ کي ڳالهه سمجهه اچيو وڃي، مثال طور، ليکڪ هڪ هنڌ لکيو آهي ته: شيخ اياز کي سنڌ جي قومي تراني ۾ لاٿو ويو ۽ ان کانپوءِ وري نظم ڏنل آهي، ان جي بنهه ضرورت نه آهي. ناول ۾ ٻي وڏي ڪمزوري منظر ڪشي جو بنهه گهٽ هجڻ آهي، ناول ۽ شاعري ۾ فرق ئي اهو هوندو آهي ته ناول ۾ اوهان مڪمل سين جوڙيندا آهيو، هر شيءَ کي وضاحت سان بيان ڪندا آهيو، جڏهن ته شاعري ۾ اوهان ڪم جي ڳالهه ڪري نڪري ويندا آهيو.

پوءِ به هي ناول ضرور ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي، جيڪر ائين ٿي پوي ته سنڌي ناول به مٿائين سطح تي ٻين ٻولين جي ناولن سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي بيهڻ لائق ٿي پوندو. هن ناول جو پيش لفظ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ليکڪ قاضي خادم لکيو آهي.

مونکي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي هي ناول 2016ع ۾ ڇپيو آهي ۽ شايد سنڌي ٻوليءَ جي ڪجهه بهترين ناولن مان هڪ هوندو، پوءِ اهڙي شاندار ناول جو ذڪر ادبي محفلن ۾ ڇو ڪونه ٿو ڪيو وڃي. اسان ناول جي کوٽ وارو رٽيل جملو ته ورجايون ٿا، پر هن قسم جي ناولن تي هڪ لفظ به نٿا ڳالهايون....!!

بهرحال ايوب کوسي کي اهڙي شاندار ناول لکڻ تي جس هجي ۽ اميد ٿي ڪجي ته هو شاعري سان گڏ ناول ۾ به پنهنجو قلم وهائيندو رهندو ۽ جس لهي موهن مدهوش جنهن همت ڪري اهڙو خوبصورت ناول ڇاپيو آهي. 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment