جيئن ئي يروشلم ۾ آمريڪي سفارت خاني جي والاريل بيت المقدس منتقلي ٿي آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ ويتر ئي وڌي وئي آهي. ان حوالي سان غزا ۾ احتجاج دوران اسرائيلي فوج جي فائرنگ سبب شهيد ٿيندڙ فلسطينين جو انگ 58 ٿي ويو.
انهن ۾ 16 معصوم ٻارڙا به شامل آهن جڏهن ته 2700 ماڻهو زخمي به ٿيا. ڪالهه غزا جي پٽي تي والاريل بيت المقدس ۾ آمريڪي سفارتخاني جي منتقلي جي فيصلي خلاف احتجاج ۾ هزارن جي انگ ۾ فلسطينين حصو ورتو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گريٽ مارچ آف ريٽرن ۾ شرڪت لاءِ فلسطنين جو وڏو تعداد غزا ۾ موجود هو جنهن اسرائيل قائم ٿيڻ جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي احتجاج ڪيو.
فلسطيني صدر محمود عباس ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪندي چيو ته: ”اسان جي ماڻهن خلاف قتل عام ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.“
ٻئي پاسي گڏيل قومن ۾ آمريڪا پنهنجو ويٽو پاور استعمال ڪندي اسرائيلي فوج جي ظلمن جي آزادانه جانچ پڻ روڪرائي ڇڏي آهي.
جڏهن ته اسرائيلي وزير اعظم بن يامين نتن پنهنجي فوج جي حمايت ۾ بيان ڏيندي چيو آهي ته: ”اسان جي فوج پنهنجي حفاظت ۾ حماس خلاف اها ڪاروائي ڪري رهي آهي.“
بي بي سي جي ٿورن سان