Download Fonts

ويب سائٽ کي بهتر انداز ۾ پڙهڻ لاء فونٽ ڊائون لوڊ ڪريو


شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو


ڇهه نوان قانون ترت ئي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويندا: وزيراعظم

19 - اربع - ڊسمبر - 2018ع تازه ترين

رني ڪوٽ جي تاريخ


2018-05-12 15:59:58  439 
User Image

خدا بخش جويو

image-1

رني ڪوٽ سنڌجي لڪي جبل وارين قطارن تي اڏيل آهي. سنڌو درياءَ جي اولهه ۾ اتر کان ڏکڻ طرف جابلو سلسلو کيرٿر جبل آهي. سروي ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ان جي ڊيگهه اٽڪل 150 ڪلو ميٽر کن آهي. سن شهر واري ان جابلو سلسلي کي لڪيءَ سلسلو سڏيو ويندو آهي. جنهن جون ٽي قطارون آهن. جيڪي ڀڳي ٽوڙي تائين آهن. پهرين اوڀر واري قطار کي ’لنڊي‘ ، وچين قطار ’ڏاڦڙو‘ ۽ اولهه واري قطار ’ڪارو‘ آهي.. رني ڪوٽ انهن ٽنهي قطارن تي بيٺل آهي ۽ ٽنهي قطارن جون ماٿريون ڪوٽ اندر اچي وڃن ٿيون. 

رني ڪوٽ جي وچ مان جابلو نئين وهي ٿي. جنهن جو نالو نئين رني آهي. ان ڪري ڪوٽ جو نالو ’رني ڪوٽ‘ مشهور آهي. ٻوليءَ جي ماهرن مطابق رنيءَ جي معنيٰ پاڻي جو قدرتي وهڪرو آهي.. جيتوڻيڪ ٻين لفظن مان به رني جي معنيٰ ’روڻي يا روڻاءِ‘ معنيٰ، پاڻيءَ جو عارضي مقدار، ننڍو وهڪرو ۽ ’راڻ‘ يا ’ران‘ لفظ به پاڻيءَ جي وڏي وهڪري کي چيو ويندو آهي. رنيءَ جي معنيٰ پاڻي جو وڏو وهڪرو . يعني ’جابلو نئين وارو قلعو‘ .

ڪن محققن جو رايو آهي ته نيرون ڪوٽ حيدرآباد نه پر نئين رني ڪوٽ آهي. رني ڪوٽ جو گهيرو 24 ميل آهي. ڪوٽ جي انساني هٿن جي ٺهيل پٿريلي ديوار 5 ميلن تائين ٺهيل آهي. باقي سمورو حصو قدرتي طور جبل سان والاريل آهي.. ثبت ٿئي ٿو ته قلعي جي اڏاوت ڪندڙ ڪاريگرن جتي حفاظت نه هئڻ جي ضرورت محسوس ڪئي ، اتي هٿرادو ديوار کنيائون. باقي حصي کي قدرتي طور اڀڪپرين ٽڪرين ۽ جبل جي آڌار ڇڏي ڏنائون. قدرتي طور آڏو آيل جبل يا ٽڪريون ايڏيون ته اڀيون، مٿي ۽ لسيون آهن جو انهن کي، ڪو به سولائيءَ سان پار ڪري نه ٿو سگهي. اهي اڀڪپريون ٽڪريون يا جبل اٽڪل ٻه هزار ڦوٽن تائين بلند آهن. رني ڪوٽ جون ديوارون هيڊي رنگ جي چورس ريتيلي پٿر ۽ سخت چن جي پٿر جون ٺهيل آهن. اهو پٿر ساڳي جبل مان حاصل ڪيل آهي. ڪوٽ جي ديوارن جي اڏاوت ۾ گاري طور استعمال ٿيل، چن، چيرولي ۽ چيڪي مٽي آهي.

رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مکيه چار دروازا آهن. جن ۾ هڪڙو اوڀر پاسي وارو مکيه ’سن‘ دروازو آهي ۽ ٻيو اولهه پاسي وارو ’موهن دروازو‘ آهي. ڏکڻ ۾ محرابي (Arcade) شاه پر دروازو ۽ اتر ۾ ٻڌيه موري محرابي گذر گاهه طور استعمال ٿيندڙ Arcade)) آمري دروازو آهي.

سن دروازو: 

قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سن دروازو ڪتب اچي ٿو. سن دروازي تي اهو نالو ان ڪري پيو آهي، جو ’نئين رني کي نئين سن‘ ۽ ’موهن نئين‘ به چوندا آهن. اوڀر واري دروازي کان ٻاهر ’رني نئين‘ کي ’نئين سن‘ چون ٿا. ان لنگه تي ڳوڙهي غور تي ذهن تي چٽو ٿئي ٿو ته ان مٿان يعني اتان خارج ٿيندڙ نئين تي پل ٻڌل هئي، سڏجندڙ ان سن نئين دروازي جي ساڃي ڪنڌيءَ تي هڪ 34 ڦوٽ بلند گول برج ٺهيل آهي، جنهن ۾ چار مارا آهن. برج حقيقت ۾ دروازي جي چوڪيداري لاءِ ٺاهيل آهي. جتي آتشڪدي جي موجودگي هن جو دور زردشتي، يا ساساني دور ثابت ڪري ٿو. برج جي ڏکڻ طرف کان 125 ڦوٽ ڊگهي ديوار ور وڪڙ واري ڪوٽ اندر داخل ٿيڻ جو رستو آهي. دراصل اهو ئي ڪوٽ جو مکيه دروازو آهي. اهو خفيا رستو جنگي چال جي لحاظ کان اڻ سونهين ماڻهوءَ لاءِ دوکي مثل آهي. ان سن دروازي ۾ ڪاٺ جي درن جا اهڃاڻ به ملن ٿا.

موهن دروازو:

اولهه کان رني ڪوٽ ۾ داخل ٿيڻ موهن دروازو آهي جڏهن برساتون پون ٿيون تڏهن جبل کان قدرتي پاڻي يعني’نئين رني‘ ان دروازي کان ڪوٽ ۾ داخل ٿئي ٿي ان اولهه دروازي ۽ ان جي اڳئين حصي کي ’موهن نئين‘ سڏيو وڃي ٿو. هيءَ نئين جڏهن ڪوٽ اندر داخل ٿئي. ان پاسي مقامي ماڻهو ان جو نالو ’رني نئين‘ ڪوٺين ٿا. هن موهن دروازي وٽ به سن دروازي وانگر وڪڙن تي ڏهه فوٽ ويڪري ديوار ۾ ڳجهو لنگهه ڏنل آهي ساڳي سن دروازي وانگر هن جاءِ تان داخل ٿيندڙ قدرتي پاڻي يعني نئين تي مٿان پل ٻڌل هئي. هن لنگهه وٽ نئين جو پيٽ سوڙهو آهي. جيڪو اٽڪل 80 فوٽ ٿيندو ۽ مٿان ٻڌل پل کي ڪو به ٺلهه وغيره نه آهي. هيءَ پل صرف ٻن مضبوط ٺلهن، ڳاڙهن پٿرن جي چوکٽن تي بيٺل آهي. موهن در وٽ به باقاعدي سن دروازي وانگر ور وڪڙن تي ڏهه فوٽ ويڪري ديوار ۾ خفيا لنگهه ڏنو ويو آهي. هي دراصل ڪوٽ اندر ايندڙ نئين جي کاٻي ڪنڌيءَ تي وچولو در آهي. ديوار جي وچ ۾ پنڌ اچڻ وڃڻ جو رستو ڇڏيل آهي. اتر پاسي ديوار تي 52 فوٽن جو برج آهي، ٿورو اڳتي، هڪ ٻيوبرج چئن مارن وارو بيٺل آهي. هي مورچو گول آهي. اها ديوار هڪ وڏي برج وٽ ختم ٿئي ٿي. رني ڪوٽ ۾ جيڪي به گول طرز جا مورچا يا برج جوڙيل آهن تن ۾ هي برج يا مورچو سڀ کان ويڪرو ۽ سهنو آهي ڄڻ اهو ننڍڙو ڪوٽ لڳي ٿو. جي ايم سيد جي تحقيق موجب هنن سمورن برجن جا نالارکيل آهن. جهڙوڪ: ڪانپير، شاهپر وغيره.

آمري دروازو:

(ٻڌيه موري) محققن ’ٻڌيه موري‘ کي آمري دروازي جو نالو ڏنو آهي. ڪرنل رشيد کان سواءِ ٻن محققن پڻ ٻڌيه موري کي آمري دروازو چيوآهي. هيءَ موري ڪاري جبل ۽ لنڊي جي ڪنڊ تي ڪوٽ جي اتر، اوڀر ڪنڊ آهي. موري ڪوٽ کان ٻاهر ويندڙ تومنگ ڍوري تي ٻڌل آهي. هيءَ ڍوري ڏهه ميل سفر ڪري نئين سن ۾ پوي ٿي. ٻڌيه موري کان ڪوٽ جي اوڀر پاسي واري قدرتي ديوار ڏکڻ طرف سن واري دروازي ڏانهن وڃي ٿي. هي پاسو لنڊي جبل جي چوڪيداري طور آهي. ان سان گڏ اولهه طرف کان ڪاري جبل جي قدرتي ديوار به ڪوٽ وانگر آهي. هتي ڪا به ديوار ناهي ڇاڪاڻ ته لنڊيءَ واري قدرتي ديوار اهڙي آهي، جتان ڪنهن جو به لنگهه ناممڪن آهي. ٻڌيه موري کان 20475 فوٽن تي هٿرادو ديوار جوڙيل آهي. جتان ڪوٽ جي ٻاهران وسيع پوٺا آهن. هيءَ ٻڌيه موري مهاتما ٻڌ جي حوالي سان سڏجي ٿي.ڇو ته آمري کان سر اتر اوڀر نوابشاهه (هاڻي نوشهري ضلعي) جو ٻوڌي علائقو شروع ٿئي ٿو. جنهن جا مثال سن ساوڙي ٻڌڪ شاخ وغيره آهن. 

شاهه پير يا شاهپردروازو:

ڏکڻ واري ديوار برج کان هيٺ ٽوري ڊوري ڏانهن وڃي ٿي. ٽوري ڊورو رني ڪوٽ جي ڏکڻ ۾ جنهن جاءِ تان ڪوٽ ۾ داخل ٿئي ٿو، اتي ٻنهي ڪنڌين تي برج آهن. رني ڪوٽ جي ديوار هنن چوڪور برجن تان ’ وڪڙ‘ کائي لهندي چڙهندي شاهه پير دروازي تائين پهچي ٿي. 

هي حصو ڏاکڻي قلعي بندي ۾ سڀ کان هيٺاهون آهي.هن وقت عام طور تي جنهن جاءِ کي شاه پر دروازو سمجهيو وڃجي ٿو سو دروازو نه هو، پر اهو ماڻهن ديوار کي ٽوڙي سفري سهوليت خاطر لنگهه ٺاهيو. حقيقت ۾ ان کان اوڀر طرف ڪجهه قدمن تي قلعي جي ديوار هيٺان ٻڌيا موري جهڙي موري آهي. جهن مان ڏکڻ طرف کان ايدڙ قدرتي پاڻي ڪوٽ اندر داخل ٿي،ڪوٽ جي اندر نئين سن ۾ شامل ٿيندو آهي. درحقيقت اهو ئي گذرگاهه شاهه پر دروازو آهي. جي ايم سيد جو چوڻ هو ته ’شاپر‘ جي فارسيءَ ۾ معنيٰ ’وسيع ميدان‘ آهي ڇو ته هن دروازي کان ڏکڻ طرف سڌو ميدان آهي.

پکيڙ:

تازي رپورٽ موجب رني ڪوٽ جوگهيرو 108174 فوٽ يعني 20 ميل 25736 فوٽ ماپيو ويو . انهن سوا ويهن ميلن جي گهيري ۾ 26537.6 يعني 5 ميل 137.6 فوٽ هٿرادو پٿرن جي ديوار جوڙيل آهي باقي ڪوٽ جي بنا ديوار وارو حصو 81636.6 فوٽ يعني 15 ميل 2436 فوٽ آهي. ان لاءِ ايئن چئي سگهجي ٿو ته ڪوٽ جي هڪ حصي کي هٿرادو ديوار، باقي ٽي حصا قدرتي ديوار جا آهن. رني ڪوٽ جي اندر ٻيا به ڪجهه ڪوٽ ٺهيل آهن. 

ميري ڪوٽ:

ميري ڪوٽ، رني ڪوٽ جي مرڪز ۾ قائم آهي. ’ميري‘ لفظ ’مير‘ مان نڪتل آهي. جنهن جي معنيٰ ’جبل جي چوٽي‘ آهي. ميري ڪوٽ هڪڙي ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ٺهيل آهي. ميري ڪوٽ ڏسڻ کانپوءِ محسوس ٿئي ٿو ته هي مک ڪوٽ ۾ پوءِ جي دور ۾ ٺاهيو ويو ۽ ٺهڻ مهل منجهس تبديلي آندي وئي. ميري ڪوٽ جون ڀتيون هيٺان 11 فوٽ ۽ مٿان 5 فوٽ موڪريون آهن. جنهن تي صرف ٻاهرئين طرف کان ڪنگرا آهن. اندرئين طرف ڀتين کي پلويڙا ڏنل آهن. ميري ڪوٽ ۽ رني ڪوٽ ۾ ڪافي شيون هڪجهڙيون آهن. انهن ڪوٽن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ور وڪڙ وارا دروازا آهن. ديوارن ۾ ساڳيو پٿر استعمال ٿيل آهي. هن ۾ رهائشي سهوليتن سان گڏو گڏ انتظامي ۽ دفاعي سهوليتون به موجود آهن. ميري ڪوٽ ۾ لانڍين جيان ڪوٺيون ٺهيل هيون. جن جون ڇتيون ڊٺل هيون پر موجوده دور ۾ انهن تي ڇتيون وڏيون پيون وڃن. ميري ڪوٽ ۾ در کان ٿوري مفاصلي تي اندر هڪ وڏو کوهه آهي. جنهن جي موجوده دور مطابق مرمت ڪئي وئي آهي. اهو هن وقت نمائش طور آهي، ڇاڪاڻ ته اهو کوهه ڪافي لٽجي چڪو آهي.

شيرڳڙهه: 

شير ڳڙهه رني ڪوٽ جي اتر اولهه واري ڊگهي جابلو قدرتي ديوار تي ٺهيل آهي. شير ڳڙهه تي چڙهڻ لاءِ صرف اولهه کان رستو آهي. جيڪو ڪافي اڙانگو آهي. شير ڳڙهه سمنڊ جي سطح کان 1480 فوٽ بلند آهي. شيرڳڙهه رني ڪوٽ ۾ سڀ کان بلند مقام آهي. انهيءَ ڪوٽ جي اڏاوت ۾ اڇي رنگ جو پٿر استعمال ٿيل آهي. شيرڳڙهه مستطيل شڪل ۾ ٺهيل آهي.

شيرڳڙه جي چوٽ تائين پهچڻ لاءِ ساڳئي نموني سن دروازي ۽ ميري ڪوٽ وانگر ور وڪڙ پار ڪرڻا پون ٿا. اهي ور وڪڙ ويڪر ۾ 12 فوٽ آهن. دروازي جي حفاظت لاءِ ٻه برج آهن. جن جي زمين کان اوچائي 35 فوٽ آهي. اهي برج هيٺان ويڪرا ۽ مٿي سوڙها آهن. شير ڳڙهه ۾ ڪابه عمارت يا ڪوٺي ڪانهي. رڳو وچ تي پاڻيءَ لاءِ هڪڙو حوض ٺهيل آهي. اندر مصالحي ٺاهڻ لاءِ ڪجهه بٺيون ۽ ڪجهه پٿر رکيل آهن. حوض کي ڀرڻ لاءِ ڪو به پاڻيءَ جو ذريعو وغيره نظر نٿو اچي. شير ڳڙهه جي مڪمل ديوار 1255 فوٽ آهي ۽ هي ڪوٽ ميري ڪوٽ کان ڪجهه ننڍو آهي. شير ڳڙهه ۾ پنج برج آهن برجن ۽ ديوارن ۾ نيسارن وانگي مارا ٺهيل آهن. جن جي ٻاهرين ڊيگهه 6 فوٽ آهي.

رني ڪوٽ ۾ گهڻين جاين تي اوائلي وستيون ۽ ڪيتريون ويران ۽ اڻ پوريون اڏاوتون ملن ٿيون. اهڙي هڪ وسنديءَ جا آثار ’شاهه پر‘ دروازي وٽ آهي. مقامي ماڻهن جو خيال آهي ته اهي اڏاوتون قلعي کي جوڙيندڙ (ٺاهيندڙ) جون آهن. 

رني ڪوٽ ۾ هڪڙي 11746 فوٽ ڊگهي نامڪمل ديوار به آهي. اها ديوار اصل ديوار کان ٻه ميل اندر طرف کنيل آهي. رني ڪوٽ ۾ ٽي قبرستان آهن. جن مان سڀ کان وڏو قبرستان ڳوٺ جي ڀرسان آهي. هن قبرستان ۾ ٽي چار سئو کن قبرون آهن. ڪن قبرن تي پٿرن مٿان پلستر ٿيل آهي، ڪجهه وري چوکنڊي طرز جون ٺهيل آهن. جن مان ڪن تي سورج مکيءَ جو گل اڪريل آهي. هڪ قبر تي ٻن مورن جي وچ ۾ گل رکيل آهي. هڪ قبر ڳاڙهي پٿر جي آهي. ان تي خوبصورت ڳئون اڪريل آهي. رني ڪوٽ ۾ ٻيو قبرستان اصحابين يا عربن جي نالي سان مشهور آهي. هڪڙو قبرستان وري سن دروازي کان هڪ ميل اوڀر طرف سن نئين جي ساڃي ڪناري تي سن ويندڙ رستي تي هو. ان قبرستان کي ’رومين جو قبرستان‘ چيو ويندو هو نئين ان قبرستان کي پائي وئي. هن وقت اتي صرف ٻه قبرون موجود آهن. ڪنهن زماني ۾ ان قبرستان ۾ پندرهن، سورهن قبرون موجود هيون. باقي وهندڙ نئين جي ڪري ختم ٿي ويون آهن

هنج چوٽي ڏکڻ واري:

شاهه پر دروازي کان ڌکڻ طرف ويندڙ رني ڪوٽ جي ديوار جنهن اوچي چوٽيءَ تي اچي دنگ ڪري ٿي ان چوٽيءَ کي ’هنج‘ چوٽي چيو وڃي ٿو. هنج چوٽي هڪ وڏي سفيد پٿر جي شڪل ۾ آهي. هيءَ چوٽي اٽڪل ٻه هزار فوٽ اوچي آهي. هنج چوٽيءَ تان اولهه پاسي سئو فوٽ ڊرڪڻن پٿرن تان لهڻ کان پوءِ سنئون پٽ اچي ٿو. ۽ هڪ ٽڪريءَ تان اولهه پاسي ديوار لهڻ شروع ٿئي ٿي. 

ڪاري جبل جو هڪڙو ٽونڪ اهڙي نموني ٺهيل آهي، جو ان جي وچ ۾ هڪڙي باقاعدي سرنگهه آهي. سرنگهه ۾ ڏکڻ پاسي کان ڪو به ماڻهو اندر داخل ٿي سگهي ٿو.

موهن ڪوٽ:

موهن در کان ڏيڍ هزار فوٽن جي فاصلي تي هڪ اڀڪپريءَ تي ٺهيل هڪ مستطيل ڪوٽ آهي. جنهن کي ’موهن ڪوٽ‘ سڏيو وڃي ٿو. جنهن کي ٽن پاسن کان کاهيون آهن.

قدرتي چشما:

موهن در واري وٽ اندر ڪوٽ ۾ زمين مان قدرتي طور پاڻي نڪرندو آهي جيڪو اڳتي وهي، پتريلي اوچائي تان هيٺ ڪِري ٿو. جنهن کي آبشار چيو ويندو آهي. اهو پاڻي هڪ اونهي کاهيءَ ۾ جمع ٿئي ٿو جنهن ۾ مڇيون پڻ هونديون آهن. ان کاهيءَ مان پاڻيءَ کي ڳوٺاڻن واهي ٺاهي پنهنجي زمينن لاءِ پاڻي استعمال ڪندا آهن. اهو پاڻي صاف شفاف هوندو آهي.

رني ڪوٽ ڊيم:

انٽرنيشنل لا مطابق جيڪي به درياءَ آهن، انهن تي پهريون حق ٽيل وارن جو آهي. پر هتي سنڌو درياءَ جي پاڻيءَ لاءِ وڏي صوبي طرفان اهو چيو ويندو آهي ته اهو سمنڊ ۾ وڃي ضايع ٿئي ٿو ۽ ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ گهرجي. جڏهن ته سنڌ جو موقف اهو آهي ته سنڌو درياءَ تي ٽيل وارن جو حق آهي، اهو هڪ وڏو بحث طلب مسئلو آهي. هتي اسان صرف اها ڳالهه درج ڪريون ٿا ته مشرف تي وڏو پريشر هو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهي. ان ڪري سنڌ جي ماڻهن جي پريشر کي ماٺو ڪرڻ لاءِ هن جبل مان ايندڙ نئين جي پاڻي کي اسٽور ڪرڻ لاءِ ٿر ۽ ڪوهستان ۾ سمال ڊيم اسڪيم جاري ڪرائي، جنهن ۾ رني ڪوٽ ڊيم به شامل هو.

اهو ڊيم سن کان رني ڪوٽ ويندڙ رستي، نئين سن تي ٺاهيو ويو جيڪو سن کان 14 ڪلوميٽرن تي آهي. هن وقت ان ۾ اسٽور ٿيل پاڻيءَ مان ماڻهن جي پيئڻ ۽ مال جي پيئڻ ۽ زمينن جي آباديءَ لاءِ ڪتب اچي ٿو. اهو ڊيم پوريءَ طرح آپريٽ نه ٿيو آهي.

نئين سن:

نئين سن کي نئين رني، موهن نئين به چوندا آهن. برساتن پوڻ کان پوءِ لڪيءَ جي جبلن تان هڪڙو وڏو پاڻي وهي، رني ڪوٽ جي اولهه واري دروزاي کان ڪوٽ جي اندر داخل ٿيندو آهي. اها نئين جڏهن رني ڪوٽ جي اوڀر واري دروازي کان ٻاهر هوندي آهي ته ’نئين موهن‘ جي نالي سان سڏبي آهي. جڏهن ڪوٽ جي اندر داخل ٿيندي آهي ته کيس ’رني نئين‘ چيو ويندو آهي.

ڪوٽ جي اندر ان ساڳي نئين ۾ ڏکڻ واري ديوار وٽان شاهه پير دروازي ڀرسان ديوار جي هيٺان موريءَ جي رستي هڪ پاڻيءَ جو ڍورو داخل ٿي، شامل ٿيندو آهي.

نئين جي پاڻيءَ جو وڏو مقدار سن دروازي مان خارج ٿي، اوڀر ۾ واقع سن ڀرسان سنڌو درياءَ ڏانهن روانو ٿيندو آهي. جڏهن ته ڪوٽ جي اندر ان نئين جي پاڻيءَ جو ڪجهه مقدار ٻڌيه موري يعني آمري دروازي مان خارج ٿيندو آهي. جنهن کي ’تومنگ ڊورو‘ چون ٿا. اهو اتر واري پاسي کان ڏهه ڪلوميٽر سفر ڪرڻ بعد وري ڪوٽ کان ٻاهر ساڳي نئين ۾ پوندو آهي.

ڪنهن زماني کان وٺي سن ريلوي اسٽيشن سن کان اولهه طرف، چوڏهن ميلن جي فاصلي تي سن نئين مان هڪ ڍورو نڪري، اسٽيشن کان مٿي وارين زمينن کي سيراب ڪندو رهيو آهي. جيڪو مُئي ڍورو جي نالي سان مشهور آهي.

سن نئين تي 2008ع ۾ ايريگيشن ڊپارٽمينٽ، سمال ڊيم اسڪيم جي ذريعي ’رني ڪوٽ ڊيم‘ تعمير ڪرايو، جيڪو سن کان 14 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اهو ٺهي راس ته ٿي ويو پر مڪمل طرح آپريٽ نه ٿيو آهي.

’سن نئين‘ ريلوي اسٽيشن لڳ اتر ۾ ويهه دري پل هيٺان ٿيندي، انڊس هاءِ وي جي پل هيٺان وهندي، اچي سن شهر لڳ سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندي آهي.

چچ نامي ۾ ذڪر آهي ته ”ديبل کان سيوهڻ ويندي هڪ وهندڙ ندي آئي. ان ڪري ڪجهه عرصو عربن جو لشڪر اتي ترسيو. اها دراصل نئين سن هئي. نئين سن جي ذريعي 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڊسچارج ٿيندو آهي.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment