شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 17 - اپريل - 2021ع

وبا جي ڏينهن ۾ لکيل هر لفظ جي اهميت هوندي آهي: حفيظ ڪنڀر


صبح 09 لڳي 42 منٽ -آچر 21 فيبروري 2021  134 

پيچرو ٽيم

image-1

سنڌ جي نالي واري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار حفيظ ڪنڀر ”پيچرو“ سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته وبا جي ڏينهن ۾ لکيل هر لفظ جي اهميت هوندي آهي، پو ڀلي اهو افسانوي ادب جي صورت ۾ هجي يا اخبار ۾ لکيل مضمون هجن، اهي تاريخ ۾ جا ولاريندا آهن. جڏهن سڄي دنيا وبا جي ڪري خوف ۾ ٻڏل هئي انهن ڏينهن ۾ اديبن ماڻهن کي حوصلو ڏيڻ لا ادب لکيو.

اهڙو اظهار هن  پيچرو سان ڳالهائيندي ڪيو، هن جو چوڻ هو ته مون کي پوري پڪ آهي ته سنڌي جا ٻه ناول ڪووڊ_19 ۽ يوٿوپيا، جيڪي وبا جي ڏينهن ۾ لکيا ويا آهن، سنڌي ادب ۾ اهم جا ولاريندا، ٻنهي ناولن ۾ سماج کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٻئي ناول موضوع جي اعتبار سان به نواڻ رکن ٿا.

 وبائون يورپي ادب جو اھم موضوع رهيون آهن، ليکڪن موت کي ويجهو کان ڏٺو. پيڙائن مان گذرندڙ زندگي موت جو کاڄ ٿي ۽ اهو درد ادب ۾ ريفليڪٽ ٿيو. اڃان صديون آڳاٽي وبا تي تحقيقي سائنسي مواد يورپ مان اچي رهيو آهي. جن ۾ سچيون ڪهاڻيون ۽ واقعا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. وبا هوندي ئي اها آهي جيڪا تمام وڏي جاگرافيائي خطي کي معاشي، سياسي، سماجي طور متاثر ڪري. موت لامارا ڏي، اسان وٽ به وبا آئي، اها وبا اسان جي وڏڙن جي ياد ۾ لوس جي نالي سان رهي پر، اها وبا سنڌي ادب ۾ ڪٿي به درج نه ٿي سگهي.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جي ماڻهن کي جلدي ۾ شاعرن ۽ اديبن کي وڏا وڏا لقب ڏيڻ جي عادت آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ شاعر لا چيو ويو ته اهو بين الاقوامي شاعر آهي، جڏهن ته مون کي هن جي شاعري ۾ ڪا اهڙي خاص ڳالهه نظر نٿي اچي، جڏهن ان شاعر کان وڏا شاعر سنڌ ۾ پيا آهن، پر ڪير به سندن نالو نٿو وٺي، اين جي او ڪلچر ۽ ادبي ٽولي بازي سنڌي ادب کي نقصان رسايو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ حفيظ ڪنڀر چيو ته مان هن وقت هڪ نجي سنڌي ٽي وي چينل لا ڊرامو لکي رهيو آهيان، جلد ئي ان ڊرامي جي شوٽينگ شروع ٿي ويندي، جڏهن ته ڪورٽين واري عرصي دوران  ويهن جي لڳ ڀڳ مختصر ڪهاڻيون پڻ لکيون آهن.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment