شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

آچر - 28 - نومبر - 2021ع

محمد علي سدپاره جنوني عاشق


شام 03 لڳي 28 منٽ -جمعو 19 فيبروري 2021  628 

عظيم رونجهو

image-1

 

1991ع ۾ هاليووڊ ۾ پوائنٽ بريڪ جي نالي سان فلم ريليز ٿي، جنهن جو ريميڪ 2015ع ۾ هدايتڪار ارڪسن ڪور ٺاهيو، شاندار ٿرلر اسٽوري تي ٻڌل هن فلم جو هر منظر ڇرڪائيندڙ آهي. هي ڪهاڻي آهي، چئن اهڙن جنوني ماڻهن جي جن جو عزم ڪيل هوندو آهي ته اهي دنيا جي 8 عظيم قدرتي طاقتن جي سلامي ڀريندا، جن ۾ وڏا جبل، خطرناڪ رستا ۽ سرفنگ ذريعي سالن ۾ پيدا ٿيندڙ سامونڊي ڇولين کي سر ڪرڻ هنن جي مقصد ۾ شامل هوندو آهي، قانون جي نظر ۾ اهي ڏوهاري هوندا آهن، هڪ ايف بي آءِ ايجنٽ انهن جي ڏوهن جا ثبوت گڏ ڪرڻ لاءِ انهن جي ٽوليءَ ۾ شامل ٿي ويندو آهي. فلم جي شروعات جي منظر ۾ اداڪارن ليوڪ بريسي ۽ ميڪس ٿيوروٽ کي پهاڙي چوٽين تي خطرناڪ بائيڪ رائڊنگ ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ ميڪس ٿيوروٽ موٽر سائيڪل کي ڪنٽرول ناهي ڪري سگهندو ۽ جبلن ۾ ڪري موت جي منهن ۾ هليو ويندو آهي، جنهن جو سندس دوست جوني اتاهه (ليوڪ بريسي) کي تمام گهڻو صدمو پهچندو آهي. ساڳيو ئي جوني ستن سالن کان پوءِ ايف بي آءِ ايجنٽ جي صورت ۾ انهن ئي خطرن سان کيڏندي چئن دوستن جي ٽولي ۾ شامل ٿي ويندو آهي.

تازو ئي جبلن جي عاشق محمد علي سدپاره جي ڪي ٽو کي سر ڪرڻ جي ڪوشش دوران لاپتا ٿي وڃڻ، ان جي ڳولا ۾ هلندڙ ريسڪيو آپريشن ۽ آخرڪار موت جي خبر تائين محمد علي سدپاره جي سان لاڳاپيل هر خبر جي پسمنظر ۾ مون کي فلم “پوائنٽ بريڪ” جا منظر اکين اڳيان تري ايندا هئا. جيتوڻيڪ پهاڙي چوٽين کي سر ڪندي ڪيترائي ماڻهو پنهنجيون جانيون وڃائي چڪا آهن، انهن جي ناول به لکيا ويا آهن ۽ فلمون پڻ ٺاهيون ويون آهن، پر هر واقعي توڙي هر ڪهاڻي جي هڪ الڳ اهميت ۽ حساسيت هوندي آهي. فلم ”ايوريسٽ“ جي هڪ منظر ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته نيوزيلينڊ جي جبل چاڙهو اينڊي هيرس کي اوچتو چريائپ جو دورو پوندو آهي، هو ڪپڙا ۽ سموريون حفاظتي جيڪٽس اڇلائي ڇڏيندو آهي ۽ پوءِ مري ويندو آهي.

ڪي ٽو جي بلندي 8611 ميٽر آهي. طبي ماهرن موجب انساني جسم سطح سمنڊ کان وڌ ۾ وڌ 2100 ميٽر اوچائي تي نارمل حالت ۾ رهي سگهي ٿو، ان کان وڌيڪ مٿاهين تي آڪسيجن جي کوٽ هوندي آهي. ان کان مٿي وڃڻ سان انساني دماغ تي منفي اثر ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن ۽ آڪسيجن جو گهربل مقدار نه ملڻ سبب ماڻهو مري به سگهي ٿو. ڪي ٽو جي چوٽي تي پهچڻ جي ڪوشش ۾ ڪيترائي ماڻهو هن کان اڳ به جانيون وڃائي چڪا آهن، ڪي ٽو تي چڙهڻ جي ڪوشش ۾ موت جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، جيڪا 29 فيصد چئي وڃي ٿي. خاص طور تي سردي جي موسم ۾ جنهن ۾ پٿر به برف جي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن، سي جي موسم ۾ هن خطرناڪ چوٽي تي چڙهڻ جي ڪوشش کي يقينن خودڪشي چئي سگهجي ٿو.

سد پاره

محمد علي سدپاره جي لاپته ٿي وڃڻ کان پوءِ هي موضوع سوشل ميڊيا جي ٽاپ ٽرينڊس تي رهيو، جنهن ۾ جيترا وات ايتريون ڳالهيون وانگر هر ماڻهو جي پنهنجي راءِ هئي ۽ هڪ سوال اهو هو ته محمد علي سدپاره هو ڇا؟ بيوقوف، جنوني يا عاشق. منهنجي خيال ۾ ڪوبه بيوقوف يا جنوني ماڻهو اهڙو ڪم نه ٿو ڪري سگهي، اهو ڪم هڪ عاشق ئي ڪري سگهي ٿو، ان عشق کي حاصلات جي جنون ۾ بدلائي پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪرڻ، محبوب ڏانهن ويندي رستي جي هر تڪليف کي برداشت ڪرڻ صرف ان تمنا ۾ ته محبوب (منزل) تائين ضرور پهچبو.

شاهه لطيف جي شاعري يا لوڪ داستانن ۾ سسئي، سهڻي، مومل سمورن جي عشقيه داستانن جي پڄاڻي به هڪ جنون واري ئي آهي جنهن ۾ جان جي پرواهه ڪنهن نه ڪئي. دنيا ۾ 8 هزار ميٽر کان اوچيون 14 چوٽيون آهن، جن مان محمد علي سدپاره 8 تي پهچي چڪو هو. هي بنيادي طرح محنت ڪش طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي اهڙي ڳوٺ سان تعلق رکندو هو، جنهن جا رهواسي پيٽ گذر لاءِ اتي ايندڙ سياحن جي سامان ڍوئڻ جو ڪم ڪندا آهن. محمد علي سدپاره کي شهرت 2016ع ۾ نانگا پربت جي چوٽي تي پهچڻ کان پوءِ ملي، اهو ڪو معمولي ڪارنامو نه هو. 26 فيبروري 2016ع تي ڪاٽو 52 ڊگري جي سخت ٿڌ ۾ محمد علي سدپاره نانگا پربت جي چوٽي تي پهچي پنهنجو نالو عالمي ريڪارڊ رکندڙ ماڻهن جي فهرست ۾ ڳڻايو.

هن کي جبلن تي چڙهڻ جو جنون هو

هن مهم ۾ سندس پٽ به ساڻس گڏ هو، سندس هڪ پٽ موجب ته اسان جي والد کي پهاڙن سان عشق هو ۽ پهاڙن تي چڙهڻ هڪ جنون. هو اسان کي تعليم ڏيارڻ چاهيندو هو ۽ هميشه چوندو هو ته زندگيءَ جو مقصد ڪو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ ئي آهي. 2019ع ۾ هڪ انٽرويو ۾ محمد علي چيو هو ته جيڪڏهن هو ڪنهن وقت جبل تي چڙهندي ڦاسي پيو ته برف مان گهر ٺاهي ان ۾ رهي سگهي ٿو. ڪي ٽو تي چڙهڻ جي هن عالمي مهم ۾ هو پنهنجي پٽ ۽ دنيا جي ٻين جبلن جي چاڙهو ماڻهن سان گڏ وڃي رهيو هو ته سموري دنيا جون نظرون هيون ته اهو هڪ اهڙو عالمي ريڪارڊ ٿيندو يا اهڙو ڪارنامو ٿيندو جو ٻيهر وري شايد ئي ڪڏهن ٿي سگهي. بلندي تي پهچي جڏهن هن خطرو محسوس ڪيو ته پنهنجي پٽ کي واپس وڃڻ جي صلاح ڏنائين، جنهن ۾ ساجد سدپاره ۽ ڪجهه ٻيا سياح واپس موٽي آيا، پر محمد علي شايد پنهنجي منزل کي ڏسي ورتو هو ۽ منزل جي ايترو ويجهو پهچي هن کي سلام ڪرڻ کان سواءِ هن واپس موٽڻ مناسب نه سمجهيو.

هاڻي اهو سوال ته بيوقوفي هو، ويو ڇو؟ ڇا حاصل ڪيائين؟ ته ان جو جواب ڏاڍو سادو آهي، بيوقوفي نه هئي اهو عشق هو، هڪ چيلينج هو جيڪو هن پورو ڪرڻ پئي چاهيو ۽ جي قسمت هن جو ساٿ ڏيئي ها اهو ڪارنامو ڪري وڃي ها ته سموري قوم هن جي سلامي هجي ها. هن عزت حاصل ڪرڻ پئي چاهي، شهرت ڪرڻ پئي چاهي يا ذهني تسڪين جيڪا تمنا هن جي دل ۾ هئي. پر ڇا حاصل ڪيائين؟ هو اتي پهتو جتي هن پهچڻ پئي چاهيو. اها چوٽي جنهن سان ملڻ جي تمنا هن جي اندر ۾ هئي ۽ منهنجي خيال ۾ ڪنهن عاشق لاءِ ان جي محبوب جي قدمن ۾ دفن ٿيڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو. محمد علي سدپاره برف جو ڪفن پائي محبوب جي قدمن ۾ آرامي آهي. اسان کيس سندس ان عشق جي قرباني تي سلام پيش ڪري سگهون ٿا. محمد علي سدپاره شاهه لطيف جي هنن سٽن جي عملي تشريح ڪري ڏيکاري ته؛

هلندي هوت پنهون ڏي، پيرن پنڌ ڪندياس

پيرن پنڌ ڇڏيو ته، گوڏن ڀر گسڪندياس

گوڏن گسڪڻ ڇڏيو ته، چيلھه ڀر چرندياس

چيلھه چرڻ ڇڏيو ته، ٺوٺين ڀر ٿڙڪندياس

ملي ته ملندياس، نه ته گهوري جان جتن تان

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment