شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

وتائي فقير جون ڳالھيون


شام 04 لڳي 38 منٽ -جمعو 09 آڪٽوبر 2020  114 

image-1


حصو: پهريون


اڄ ويٺي ويٺي وتائي فقير ۽ هن سان لاڳاپيل قصن ۽ ڳالھين تي پئي سوچيم... سنڌ جي بي علمي اسان جي تاريخي طور ويجهي ماضي جي ھن لوڪ شخصيت کي بہ قلمبند نہ ڪري سگھي آهي. زباني روايتن تي ھن جي عجيب ۽ دلچسپ شخصيت اڀري اچي ٿي. سوچيان ٿو ته جيڪڏھن اھڙي قسم جو سماج بيزار مزاج، سماجي ۽ مذھبي روايتن ۽ تصورن تي شڪ ۽ ٽوڪون ڪندڙ وتائي جھڙو ماڻھو مسيح کان اڳ واري يونان ۾ پيدا ٿي اھڙيون حرڪتون اتان جي علمي ماحول ۾ ڪري ھا تہ پڪ سان ھو قديم فطري فلسفين جي قطار ۾ اچي وڃي ھا. پر ھي نه فقط بي علم سرزمين تي ڄائو، پر ان دور ۾ ڄائو، جڏھن سنڌ ڪلھوڙن جي مذھبي حڪومت مان جند ڇڏائي اھي اثر کڻي ميرن جي ان دور ۾ داخل ٿي وئي جتي ھندن لا ھون به عذاب نرا کڻيو بيٺو ھو.

ان دور م وتائي فقير جو مسلمان ٿيڻ... طاھر..... نالو پس منظر ۾ رکي وتايو (ھندي سنڌي نالو) سڏائي اھا ئي سڃاڻپ رکڻ. ماءُ کي مسلمان نه ٿيڻ ڏيڻ (ڪجھه روايتن موجب)، شادي نه ڪرڻ، مذهبي حوالي جذباتي يا مُلون ٿيڻ بدرانِ فقيري رنگ پنهنجائڻ دلچسپي کان خالي ناھي پر جڏھن ھن سان لاڳاپيل مزاحيا ڳالھيون، ٽوٽڪا.طنزيا نقطا، حاضر جوابي، سچ ٻول گفتا پڙھون ۽ انھن تي غور  ڪريون ٿا ته ھن جي ڏاھپ کان ڪو چريو ئي انڪاري ٿي سگھي ٿو. ..

وتايو سندس مذھب ڇڏي وري جڏھن مسلمان ٿيو به سھي ته ڪھڙو تبليغي جماعت ۾ ويو ۽ ڪھڙو لوٽو کڻيو پيو مسيتن ۾ ھلندو ھو؟ شايد ھن اھو به تجربو ڪيو ٿي. ھن زھد ۽ تقوا اختيار ڪرڻ بجاءِ فقيري کي ترجيح ڏني. ھو آزاد خيال انسان نظر اچي ٿو. ساڳي وقت اھڙو معصوم جنھن تي فطرت مرڪندي هجي....
ھن جو ماءُ سان تعلق  اوھان کي ڪنھن ٻار جھڙو نٿو لڳي...  نٽشي وڏي ڄمار ۾ به ماءُ سان گڏ ٻار وانگر پيو ھلندو ھو ...
ماڻس چيو: ”ابا وتايا! ڪٿان ڪو ٽانڊو ھٿ ڪر ته چلھه دکايون... ماني پچايون...“  فقير رلي پني آيو پر ڪٿان ٽانڊو نه مليس....ماڻس کي ٻڌائين ته ماڻس بيزاري مان چيس:

 ”پوءِ ڀلا دوزخ مان ئي ٽانڊو کڻي اچ...“   ان ڳالهھ تي ھن ڪمال جو صوفياڻو جواب ڏنو جنھن م غير آريائي مذھبن جو”ڪرم“ وارو فڪر  اچي وڃي ٿو ...ھن دوزخ ۾ باهه ھجڻ کي رد ڪندي بھشت ۽ دوزخ کي ويجھو آڻي ڇڏيو.ويجھو به ڇا آندائين ... ذري گھٽ بھشت جي خارجي وجود کي بيزاري واري جواب سان رد ڪري ڇڏيائين ... جنھن دوزخ ۾ باهه نہ ھجي تہ پو دوزخ ڇاجي .... ھن جي اڳيان اھا صوفي بيبي رابعه بصري کڻي نه به هجي  جيڪا بصرہ جي بازار مان ھڪ ھٿ ۾ پاڻي جو ٿان ۽ ٻي ھٿ ۾ باهه کڻي دوزخ جي باهه وسائڻ ۽ بھشت کي باهه ڏيڻ لا نڪتي هئي ....پر وتائي نه چوڪ تي نه بازار ۾ نه ڪنھن ھجوم ۾ چيو. ھن فقط ماءُ کي چيو:  ”دوزخ ۾ باهه ناھي“ ... شايد وتايو پاڪستان جو شھري ھو جو ھن علم ۽ ڪفر جي ڳالهھ لڪ ڇپ ۾ رڳو ماءُ سان ڪئي... ٻي ڪنھن سان نه ڪئي ...نه ته سرن جي بٺي ۾ اڇلي ساڙي رکنس ھا.

اوھان کي وتايو سماج ۾ اڪيلو ھلندي ملندو. ھن جا ساٿي رڳو ٻه: ھڪڙي سراپا محبت شفقت ڪندڙ ماءُ...ٻيو سواري لاءِ گڏهه ......ٽي ڪا ڪٿان ڍڳي مليس سا به مري وئي... وتايو تجربا ڪري پوءِ خدا جي وجود ۽ الوھي صفتن بابت نتيجي تي پھچندو ھو ....مثال ھن جي ان ئي ڊڳي جو گاهه جڏھن پاڙيسري جو گڏهه کائي ويندو ھو ته وتائي خدا کي اھو گڏهه ماري ڏيڻ جي ڏک ڀري عرضي ڪئي ... پر ٻي ڏينھن صبح جو جڏھن ساڳي گڏهه کي مزي سان آھوري ۾ گاهه کائيندو ۽ پنھنجي ڍڳي کي مئل ڏٺائين ته ڀڄي وڃي ھڪ انڌي کي وٺي آيو. معصوم وتاۂي انڌي کي چيو:

 ”ھٿ هڻي سڃاڻي ڏي،  گڏهه آھي يا ڍڳي؟“

  وتائي کي پڪ هئي ته انڌو سڀ ڪجهھ سڃاڻي ويندو....پر ھن تجربو ڪرڻ ٿي چاھيو. ھن گناهه جي ميار کان به بچڻ چاھيو ٿي..... انڌي جڏھن ٻڌايس ھي ڍڳي آھي... ان تي ھن آسمان ۾ نھاري خدا کي چيو:   

”ھن انڌي جيتري به سڃاڻپ نه اٿئي...  سڻين ٿو پر سمجھين ابتو ٿو....“

 ھن خدا جي سميع ۽ بصير ھجڻ جي صفتن تي ذري گھٽ طنز ئي ڪئي آھي ۽ ھن انڌي کي ڪنھن جي مقابلي ۾ پئي آندو؟ ھو ڪڏھن چورن جو اڳ ئي دڳ جھلڻ لاءِ قبرستان ۾ لڪي موت ۽ چورن کان خدا ڏانهن روين کي ظاھر ڪري وجھندو ھو. جڏھن ھن کي ھڪ گهوڙئي روپئي ۾ سٺو گدرو ۽ خدا جي نالي خيرات ۾ ساڳي ئي وقت خراب گدرو ڏنو ته ھن وري آسمان ڏانهن خراب گدرو ڪري خدا کي چيو:

”ھتي تنھنجو ملھه اجھو اھو آھي...“

ھن مست وتائي خدا يا ان جي تصور کي الائي ڇا سمجھي رکيو ھو؟

اھڙيون ڳالھيون ۽ حرڪتون تہ ڪو پنھنجي دوست سان ئي ڪندو آهي...!  ھن جي زندگي ۾ ڪٿي به ملان يا مولوي ناھي. نه ئي ملان ھن ”وات ڦاٽي جلالي“ جي ويجھو وڃي ٿي سگھيو...اڄ به وتايو سنڌ ۾ ھجي ھا ته ملان فتوا ئي ڏين ھا... پوءِ اھا فتوا سجاول، ساماري يا ڀرچونڊي جي مدرسي مان اچي ھا يا ڪراچي جي بنوريه مدرسي مان ....ڪھڙو فرق پوي ٿو... ؟

ھلندڙ......

 

 

 

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment