شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

سيريس مين: هڪ اهڙي فلم جيڪا والدين ۽ ٻارن کي گڏ ڏسڻ گهرجي


شام 02 لڳي 37 منٽ -ڇنڇر 03 آڪٽوبر 2020  86 

حفيظ ڪنڀر

image-1

نواز الدين صديقي، اندرا تواري، شيوتا باسو ۽ ننڍڙي اداڪار آڪاشهٿ داس جي فلم " سيريس مين"  نيٽ فليڪس جي نئين رليز ٿيل فلم آهي جنهن کي سڌير مشرا ڊائريڪٽ ڪيو آهي. فلم  جو موضوع عام ذهن جو اهڙو دلت ٻار آهي جنهن کي سندس پيءُ سوسائٽي ۾ اسٽيٽس ماڻڻ جي چڪر ۾ "جينس ٻار" ڪري پيش ڪري ٿو.

 

 بلڪ هن جي اها ذهانت وڪڻڻ چاهي ٿو جنهن کي هو خود وڏي محنت سان مئنيج ڪري رهيو آهي.. سائنس جا موضوع کڻي هلندڙ هي فلم اسان کي پنهنجي گرد اهي ڪئين ٻار ياد ڏياري ٿي جيڪي تعليم جي نالي ۾ والدين جون محروميون پوريون ڪندي ٿيلهن، ڪلاس رومز، رٽي هڻڻ جا غلام بڻجي پنهنجي آزادي وڃائي چڪا آهن. ذهني دٻاءُ ۽ فرسٽريشن  جي شڪار ٻارن جي  ذهانت جو روز امتحان هوندو آهي. بلڪ ذهانت نه حافظي جو امتحان هوندو آهي جنهن کي اسان ذهانت سمجهي ويٺا هوندا آهيون. راند کيڏندڙ ٻار کي به راند اڌ ۾ ڇڏائي به حڪم ڏبو آهي " شمون پٽ! چاچا بخشل کي قومي ترانو ٻڌائي"..

 

 هن فلم ۾ نواز الدين صديقي هڪ سائنسي اداري ۾   پرسنل اسسٽنٽ طور ملازم آهي جتي اداڪار نصر جي اڳواڻي ۾ ريسرچ هلي رهي هوندي آهي. نواز الدين صديقي کي پنهنجي ان ٻار کي ڪنهن سٺي اسڪول  ۾ داخل ڪرائڻ جو شوق  آهي. ٻار ٻڌڻ جي قوت کان محروم هجڻ ڪري  کيس ڪن ۾ هيئرنگ ايڊ لڳائڻي پوي ٿي.

 

 هن جي فيملي جي رهائش هڪ پراڻي چال ۾  آهي جتي ڪيتريون ئي فيمليون رهن ٿيون. فلم ۾ پهرين ٻار جي اسڪول ۾ داخلا وقت ذات پات ۽ هن جي شودر خاندان جي اسڪولن ۾ انتظاميه طرفان تفريق  کي به ڏيکاريو ويو آهي  پر ٻار جي داخلا ٿيڻ کان پوءِ اهو به ڏيکاريو ويو آهي ته ڪيئن مرسينري اسڪول تعليم جي نالي ۾ دلتن تي مسيحت جي تبليغ ڪن ٿا.

 

فلم ۾ نواز صديقي تي به اسڪول جي هيڊ مسٽريس اهو زور ٿي ڏي ته "جيڪڏهن اوهان مسيح ٿيندا ته ٻار کي اسڪالرشپ وغيره به ملندي، فلاڻي فلاڻي فيملي مذهب تبديل ڪيو ته ڏسو ڪيتري رعايت ملي وغيره وغيره." پر نواز صديقي هيڊ مسٽريس جي انهي آفر کي دليلن سان رد ڪري ٿو ڇڏي ۽ ميڊم کي شرمندو ڪري ٿو جيڪا اسڪول جي ناماچاري جي لالچ ۾ اهڙو ھوشیار ٻار اسڪول کان ٻاهر به ڪڍڻ نٿي چاهي... 

 

هن ٻار جو آئي ڪيو تمام گهڻو هوندو آهي ۽ ڪئين سائنسي سوال ٽيچرس کان پڇندي کين پريشان ڪندو رهندو آهي.. اصل ۾ سندس ذهانت جو راز اهو هيئرنگ ايڊ هجي ٿو جنهن کي پڻس اپڊيٽ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ امتحان وغيره ۾ ان جي مدد سان لکندو آهي.

 

ڳالھه ميڊيا تائين پهچي ٿي ۽ دلتن جو هي ذهين ترين  ٻار ميڊيا جو هاٽ ڪيڪ ٿي فليش ٿيڻ لڳندو آهي.. اسٽيج تي تقريرون، ٽي وي انٽرويوز وغيره اهي سڀ ٿيڻ لڳن ٿا پر دراصل اهو پڻس هوندو آهي جيڪو آن لائن سندس هيرنگ ايڊ جي مدد سان ڪندو رهندو آهي ۽ ٻار هن جي ڳالھ ئي دهرائيندو رهندو آهي.

 ٻي طرف نصر جيڪو سائنسي پراجيڪٽ تي ڪم ڪندو آهي ان جو پراجيڪٽ به غيريقيني ٿيڻ لڳندو آهي هڪ رهائي رسائي وارو بلڊر انهي چال واري پراڻي بلڊنگ تي نظر رکي اچي لهي ٿو  ته اتي وڏو پلازه ٺهرائجي پر رهائشين لاءِ چال خالي ڪرڻ يا ڇڏڻ ڏکي آهي هاڻ بلڊر صاحب ان سلسلي ۾ نواز صديقي جي مدد وٺڻ چاهيندو آهي ته جيڪڏهن تنهنجو هي ڇوڪرو مڪينن کي قائل ڪري ته رهائشي قائل ٿي ويندا ڇو ته ٻار مشهور معروف ٿي چڪو آهي. ننڍو وڏو سندس فين ٿيو پيو هلي. اهڙي طرح اها تقريب به ٿيندي آهي جنهن۾ هن جيئس ٻار جي تقرير کان متاثر ٿي بلڊر جي ان ڳالهه کي قبول ڪري وٺندا آهن ته نئون دور نئين طرز رهائش هجي.

 

 ذهانت جو اهو راز جيڪو فقط پي ۽ پٽ وچ ۾ هوندو آهي هڪ ڏينهن اهو راز  ڇوڪرو پاڙي جي ۽ سندس  ڪلاس ميٽ ڇوڪريءَ کي ٻڌائي ڇڏيندو آهي ته آئون جينئس ناهيان عام ٻار آهيان منهنجو والد ئي اهو سڀڪجهه ڪري پيو. نواز صديقي ان ڇوڪريءَ کي به ڌمڪيون ڏيندو آهي ته تهنهنجو پيءُ منهنجي هٿ هيٺ ڪم ڪري ٿو کيس نوڪري مان ڪڍائيندس اگر تو اهو راز ڪنهن کي ٻڌايو آهي. هاڻ  ان ڇوڪريءَ وٽ هن جي حيثيت ٻي ٿي ٿيو وڃي هو کائنس رياضي جا، سوال پڇي منجھائڻ لڳي ٿي آهستي آهستي راز راز نٿو رهي ۽ ڳالھ سائنسي پراجيڪٽ جي چيف نصر کان بلڊر تائين پهچي وڃي ٿي.. ته هي سڄو فراڊ آهي ٻار جينس ناهي.

 

 انهي فراڊ جي خبر نواز صديقي جي گهر واري کي به نٿي پوي. نصر جنهن جي نوڪري نواز صديقي سازش ڪري دا تي لڳائي چڪو آهي اهو اڳ ۾ ئي ٻار کان نيوٽن جو "پنجون" لا آف موشن پڇي کيس منجھائي حقيقت تائين پهچي چڪو ٿو هجي ته هي سڀ فراڊ آهي ۽ سڀ ڪجهه ان بلڊر کي به ٻڌائي چڪو آهي بلڊر ۽ سندس ڌيءَ نواز صديقي کي گهرائي گاريون ڏيڻ ٿا  ته هاڻ اسان جي پراجيڪٽ کي به ماڻهو فراڊ سمجهندا ڇو ته آهستي آهستي اها خبر پئجي ويندي ته جنهن ٻار تي هنن اعتبار ڪيو سو ته فراڊ آهي،

 

انهي وچ سڄو راز نواز صديقي جي زال تي کلي ٿو ته اها به سندس خلاف ٿي وڃي ٿي. ٻار کي تقرير جو مواد رٽائڻ جي ڪوشش ۾ ٻار خود فرسٽريشن جو شڪار ٿيڻ لڳي ٿو. نواز منٿ ميڙ ڪري بلڊر جي معرفت نصر جي نوڪري بچائي ٿو ۽ سڄي ڪهاڻي ٻڌائي  ٿو ته هڪ شودر جون ڪهڙيون محروميون هيون جو هر طرح پنهنجي ٻار کي ڪنهن وڏي اسڪول ۾ پڙهائي وڏو ماڻهو بڻائڻ چاهيندو هو  نه صرف هن جون ڳالهيون ٻڌي تسليم ڪندي مدد ڪري ٿو ۽ ٽي وي انٽرويو ڏيندي سڄي ڪراسسز کان بچڻ جو بلو ڪري ٿو..

 

 هو چوي ٿو ٻار جيئن آهي تيئن ٺيڪ آهي هن جي پيءُ کي قطعي به ٻار جي نمائش نه ڪرڻ گهرجي  سائنسدان خود ٻار جي ڪلوز ٿي وڃي ٿو.. ۽ اهڙي نموني ڪامياب وڃن ٿا. آخري تقريب ۾ ٻار کي اسٽيج تي وڃڻ کان اڳ پڻس چئي ٿو ته جيئن توکي مناسب لڳي اهو ڳالهائجان منهنجي ڳالهه به نه ٻڌجان ٻار اسٽيج تي ويندي پنهنجي ڪن جو هيئرنگ ايڊ پٽي اڇلي ٿو ۽ هٻڪي هٻڪي چئي ٿو ته "آئون جينس ناهيان جيڪو به آهيان پنهنجي والد جي ڪري آهيان" وغيره.. پر پبلڪ انهن جملن کي به ٻار جي انڪساري ۽ اخلاق سمجهي کيس جينئس سمجهندي تاڙيون وڄائي داد ٿي ڏي.. آخر ۾ ساڳيو ٻار سرڪاري اسڪول ۾ پهچي ٿو جتي ايوريج نمبر کڻي ٿو ۽ سڀ خوش به هجن ٿا 

 هي فلم ٻارن ۽ والدين کي گڏجي ڏسڻ گهرجي.. اسڪولي ڪاليجي شاگرد هن فلم مان گهڻو ڪجهه پرائي سگهن ٿا. فلمي دنيا ۾ تعليم جو رُکو موضوع هون ته اسان وٽ اڇوتو موضوع آهي پر باليووڊ وري به ان موضوع تي سٺيون فلمون آڻي رهي آهي

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment