شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 20 - آڪٽوبر - 2020ع

گوگل ميپس مختلف رنگن جي مدد سان ڪووڊ وارن علائقن جي نشاندهي ڪندا


صبح 11 لڳي 33 منٽ -جمعو 25 Sep 2020  116 

ويب ڊيسڪ

image-1

انٽرنيٽ تي مشهور سرچ انجن گوگل هن هفتي سندس مفت سروس گوگل ميپس کي هلندڙ وبا ڪووڊ  19 جي حوالي سان اپڊيٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان هلندڙ وبا ڪووڊ 19 جي تازي آيل جهٽڪي کانپو ڪيو ويو.

هاڻي گوگل ميپس مختلف رنگن سان انهن علائقن جي نشاندهي ڪندا جن علائقن ۾ ڪووڊ وبا جا مريض موجود هوندا.

گوگل اهڙو اظهار سندس هڪ بلاگ ۾ خمس واري ڏينهن ڪيو، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هاڻي گوگل مختلف رنگن جي مدد سان انهن علائقن جي نشاندهي ڪندي جن ۾ ڪووڊ جا مريض موجود آهن.

اهڙي ڄاڻ گوگل ميپس تي هڪ هفتي تائين رهندي، جنهن کانپو ان حوالي سان ڄاڻ پاڻمرادو اپڊيٽ ٿي ويندي، جڏهن ته ميپس ۾ هڪ لک مريضن جي ڄاڻ هوندي.

ان بلاگ ۾ اهو ٻه ڄاڻايو ويو آهي ته ايپ ۾ هڪ پٽي جو اضافو ڪيو ويندو جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويندو ته ڪنهن به علائقي ۾ ڪووڊ 19 جي مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي يا گهٽجي رهيو آهي.

هن حوالي سان گوگل ميپس ايپ جي انچارج سوجي بينرجي هڪ بيان ۾ ڄاڻايو ته ڪجهه علائقن ۾ ماڻهن کي اضافي ڄاڻ به ڏني ويندي، جيڪڏهن اوهان گوگل ميپس تي الرٽ واري آپشن کي دٻائيندا ته اوهان جي موجودا پوزشن جي حساب سان آس پاس جي علائقن ۾ وبا جي حوالي سموري ڄاڻ جا لنڪ پڻ سامهون اچي ويندا. بينرجي جو چوڻ هو ته ايپ ۾ هن اپڊيٽ جو مقصد اهو آهي ته وبا دوران اوهين ان ڳالهه جو بهتر نموني اندازو لڳائي سگهو ته اوهان کي ڪٿي وڃڻو آهي ۽ ڇا ڪرڻو آهي.  

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment