شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

ڇنڇر - 19 - سيپٽمبر - 2020ع

گلزار: جنهن جو نالو وٺڻ سان هڪ لائبريري جو در کلي ٿو


صبح 11 لڳي 12 منٽ -اڱارو 18 آگسٽ 2020  195 

عظيم رونجهو

image-1

ذکر ہوتا ہے جہاں بھی مرے افسانے کا
ایک دروازہ سا کھلتا ہے کتب خانے کا (گلزار)

 

باليوڊ جي 90 جو ڏهاڪو، خان هيروز سان گڏ ،اجي ديوگن، گووندا، انيل ڪپور، سنجي دت جا ايڪشن، ماڌوري، جوهي چاولا، روينه ٽنڊن، ڪرشما ڪپور، ايشوريا راءِ جهڙيون خوبصورت داڪارائون، امريش پوري جهڙو ولن، ۽ اليا ياگنڪ، ڪمار سانو، سنيدي چوهاڻ ۽ ادت نارائن جا آواز جن ۾ هر نوجوان جڪڙيل هوندو هو، اهو دور هو جنهن ۾ فلمي دنيا جي ان چڪا چوند چاندني کان ٻاهر ڪجهه ڏسي ئي نه سگهبو هو، مونکي ياد آهي ان ئي دور ۾ شاهه رخ خان جي ديوداس ڏسي هن کي گاريون ڏنيون هيون ته اهڙو ڀلو هيرو اهڙين فضول ڪهاڻين واريون فلمون ڪيئن ٿو ڪري. 1996ع ۾ ماچس نالي سان هڪ فلم ريليز ٿي، ڪا توجه نه ويئي، نه ئي شهر جي مني سئنيمائن تي ڪنهن اها هلائي جو ان ۾ ڪو عوامي هيرو نه هو. ڪجهه سالن بعد ذهن ارتقائي منزلون طئي ڪندي اڳئين اسٽيج تي پهتو ته دوستن جي واتان ڪافي ذڪر ٻڌڻ ۾ آيو، هڪ دوست جنهن وٽ ٽي وي ۽ وي سي آر جي سهولت موجود هئي ان کي خاص فرمائش ڪري اها فلم ڏٺي، فلم ڇا ڏٺي فلمي دنيا جي حوالي سان سموري سوچ ئي تبديل ٿي ويئي. فلم جي ڪهاڻي، ميوزڪ، ڪردارن جي پريزينٽيشن، ڪلائيمڪس ”ڇوڙ آئي هم وه گليان“ ”چپا چپا چرخه چلي“ جهڙن گانن پنهنجي سحر ۾ جڪڙي ڇڏيو. خبر پئي ته ان فلم جو هدايتڪار، ڪهاڻيڪار ۽ شاعر گلزار آهي، ڪجهه وقت کان پوءِ پياري دوست يونس مري جي معرفت هڪ آڊيو ڪئيسٽ ملي، ان وقت اڃان انٽرنيٽ عام نه ٿي هئي. اها ڪئيسٽ هئي عابده پروين جي آواز ۾ ڳايل ڀڳت ڪبير جي شاعري جنهن جي ڪمپوزيشن گلزار صاحب جي هئي. هر ٽريڪ جي وچ ۾ گلزار صاحب جو آواز به آهي ان ۾ اهو انداز ۽ اهي ڳالهيون آئون چيئي سگهان ٿو ڪنهن شئي جو ان کان وڌيڪ خوبصورت ڪامبينيشن شايد ئي ڪو هجي. ڪبير+گلزار+ عابده. گلزار جو اهو سحر هن وقت تائين ذهن تي موجود آهي، جيڪو ان جي هر پيش ڪيل سٽ سان وڌندو رهي ٿو. گلزار جيڪو ورهاڱي جو درد کڻي پنهنجي اصل ڌرتي تان ڌڪارجي ويو، ان ورهاڱي جا جيڪي نقش بچپن ۾ ڏٺا اهي سندس هر تحرير جي اندر هن وقت به جهلڪيون پائيندي نظر اچن ٿا. ڪجهه سال اڳ سندس پاڪستان اچڻ ٿيو، دوستن سان گڏ جهلم ضلعي ۾ سندس اباڻو ڳوٺ دينه ڏسڻ لاءِ ويو ته رستي مان ئي واپس موٽي ويو، سندس چوڻ هو ته هن جهڙي صورت ۾ دينه کي ڇڏيو هو سندس ذهن تي اهي سمورا نقش تازا آهن، اها تازگي سندس لکڻين ۾ مددگار ٿيندي آهي، ان ڪري هيترن سالن بعد خبر ناهي دينه جي ڇا حالت هجي، جيڪا آئون ڏسي نه سگهندس يا ان کان پوءِ ڪجهه لکي نه سگهندس، ان ڪري هو واپس هليو ويو. هو اسڪول جي زماني ۾ ٽئگور کي پڙهڻ کي پنهنجي ذهني شعور جي آبياري جو سبب سمجهي ٿو. شروعاتي ڏينهن ۾ سندس تعلق انجمن ترقي پسند مصنفين سان پڻ رهيو، جتان پڻ کيس ڪافي اتساهه مليو.

گلزار هڪ اهڙو نالو آهي جنهن جا ڪيئي تعارف آهن، ان جي شخصيت جي هڪ هڪ پاسي تي ڪيئي ڪتاب لکي سگهن ٿا، لکيا به ويا آهن. هن جي هڪ هڪ فلم جا ڪيئي حوالا آهن، فلمي دنيا ۾ سندس آمد بحيثيت شاعر جي فلم ”شريمن ستيا وادي“ سان ٿي جيڪا 1960ع ۾ ريليز ٿي. جنهن جو هدايتڪار ايس ايم عباس هيو. 1968ع ۾ هدايتڪار هرش ڪيش مکرجي جي فلم ”آشيرواد“ کان هن شاعري سان گڏ ڊائلاگ به لکڻ شروع ڪيا. 1971ع ۾ ريليز ٿيل ”ميري اپني فلم سان هن بحيثيت هدايتڪار ۽ ڪهاڻيڪار به سفر جي شروعات ڪئي، ان شاندار سفر جو اڳتي هلي ”گڊي“ ”اچانڪ“ ”آنڌي“ ”خوشبو“ ”ڪناره“ ”معصوم“ ” ڪوشش“ ”ڪتاب“ ”انگور“ ”نمڪين“ ”اجازت“ ”ماچس“ ”هو تو تو“ جهڙيون فلمون حصو بنيون، اهي سڀ فلمون اهڙيون آهن جن جي ڪهاڻي کان ويندي هر شئي هڪ خاص انداز سان پيش ڪيل آهي. گذريل سال ريليز ٿيل فلم ”اسڪائي از پنڪ“ هن وقت تائين سندس بحيثيت شاعر آخري فلم آهي، ان فلم جي ڪهاڻي به شاندار آهي.

گلزار جيڪي فلمي ڪهاڻيون لکيون آهن يا جن فلمن جي پاڻ هدايتڪاري ڏني اٿائين، اهي ته يقينن خاص آهن ئي، پر جن ٻين هدايتڪارن جي فلمن جي ڊائلاگ يا گانا لکيا اٿس، سندس اها چونڊ به شاندار ئي آهي. ”دل سي“ فلم جا لکيل سندس گانا ”ست رنگي ري“ ”چل ڇيان ڇيان“ ڪنهن به ٻڌا ۽ پسند ڪيا هوندا.

فلمي دنيا کان هٽي ڪري سندس جيڪا ادبي حيثيت آهي، سا ڪنهن تعارف جي محتاج ناهي. اردو، هندي ۽ انگريزي ۾ سندس شاعري جا مجموعا ”رات پشميني ڪي“ ”پکراج“ “selected Poems” “neglected poem” “suspected poems”“Silence” ”ايک مين دو“ ” دو لوگ“ ”ميرا ڪڇ سامان“ ”سيما اور دوسري ڪهانيان“ ”راوي پار“ پڇلي پني“ ۽ ٻيون کوڙ ساريون تحريرون سندس ادبي خزاني مان نڪري پڙهندڙن تائين پهچي چڪيون آهن. ان سان گڏ مرزا غالب جي زندگي تي پاڻ هڪ طويل ٽيلي فلم به ٺاهي جيڪا پڻ ڪافي مقبول ٿي. 18 آگسٽ 1934ع تي سندس جنم ٿيو، دينه ضلعي جهلم ۾ ٿيو، 1947ع ۾ کيس مسلمان نه هئڻ جي سزا طور هتان دربدر ٿيڻو پيو. اها دربدري، اهو ڏک، اها ڪيفيت، اها تڪليف جيڪا هن 13 سالن جي عمر ۾ ڏٺي، اها هينئر شاهڪار ادبي لکڻين جي صورت ۾ اسان جي اڳيان موجود آهي. سندس جنم ڏينهن تي کيس پيار، محبت ۽ عقيدت مان لفظن جي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.

 

درد ہلکا ہے سانس بھاری ہے
جئے جانے کی رسم جاری ہے

آپ کے بعد ہر گھڑی ہم نے
آپ کے ساتھ ہی گزاری ہے

رات کو چاندنی تو اوڑھا دو
دن کی چادر ابھی اتاری ہے

شاخ پر کوئی قہقہہ تو کھلے
کیسی چپ سی چمن پہ طاری ہے

کل کا ہر واقعہ تمہارا تھا
آج کی داستاں ہماری ہے
(گلزار)

 


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment