شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اربع - 05 - آگسٽ - 2020ع

انسانذات جون ٽي وڏيون ڪهاڻيون؛ فاشسٽ، ڪميونسٽ ۽ لبرل ڪهاڻي


شام 06 لڳي 42 منٽ -آچر 21 جون 2020  137 

image-1

انسان حقيقتن، انگن ۽ مساوات بدران ڪهاڻين ۾ سوچيندا آهن، ۽ ڪهاڻي جيتري سادي  هوندي  ايتري بهتر هوندي. هر ماڻهو، ٽولي ۽ قوم وٽ پنهنجيون الڳ آکاڻيون ۽ ڏند ڪٿائون آهن.

پر ويهين صدي دوران نيو يارڪ، لنڊن، برلن ۽ ماسڪو ۾ ويهي عالمي اشرفيه  سموري دنيا جي ماضي کي بيان ڪرڻ لا ۽ مستقبل جي اڳڪٿي ڪرڻ لا ٽي مها ڪهاڻيون جوڙي ورتيون؛ فاشسٽ ڪهاڻي، ڪميونسٽ ڪهاڻي ۽ آزاد خيال (لبرل) ڪهاڻي.

 ٻين عالمي جنگ فاشسٽ ڪهاڻي کي ڌڪي ٻاهر ڪيو ۽ 40 واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪي حصي کان 80 واري ڏهاڪي جي پڇاڙڪي حصي تائين هي دنيا ٻن ڪهاڻين؛ ڪميونسٽ ڪهاڻي ۽ آزاد خيالي (لبرلزم) ڪهاڻي جي وچ ۾ جنگ جو ميدان رهي.

پو ڪميونسٽ ڪهاڻي ڦهڪو ڪيو، ۽ آزاد خيال (لبرل) ڪهاڻي انساني تاريخ جي تشريع ٿي پئي ۽ دنيا جي مستقبل لا نه ٽٽندڙ هدايتنامو ٿي پئي. يا عالمي اشرفيه کي ائين لڳو ٿي.... آزاد خيال (لبرل) ڪهاڻي آزاد خيالي جي اهميت ۽ طاقت جي پرچار ڪندي آهي.

ان موجب هزارين سالن کان انسانذت استحصالي حڪومتن هيٺ رهي، جيڪي ماڻهن کي محدود سياسي حق، معاشي موقعا يا شخصي آزادي ڏينديون هيون، ۽ جيڪي وڏي پيماني تي فرد جي چرپر، خيالن ۽ شين تي پابنديون مڙهنديون رهيون.

پر ماڻهو سندن آزادي لا وڙهندا رهيا ۽ هوريان هوريان آزاد خيالي جا حاصل ڪئي. وحشي آمريتن (منهنجي نظر ۾ ڪميونيزم آمريت جي بدترين شڪل آهي. مترجم) جي جا جمهوري حڪومتن ولاري.

آزاد مارڪيٽ معاشي پاندين تي فتح حاصل ڪئي. ماڻهن تعصبي مذهبي رهنمائون ۽ مدي خراج روايتن جي انڌي تلقيد ڪرڻ بدران پنهنجي باري ۾ سوچڻ ۽ پنهنجي دل جي پيروي ڪرڻ سکيو.

ڪشادن رستن، پلن ۽ ماڻهن جي اچ وڃ سان ڀريل هوائي اڏن ڀتن، کڏن ۽ خاردار تارن جي جا ولاري ورتي. آزاد خيال (لبرل) ڪهاڻي ان ڳالهه کي مڃي ٿي ته دنيا ۾ سڀ ڪجهه صحيح نه آهي ۽ اڃا به ڪيترين ئي رنڊڪن کي پار ڪرڻو آهي. اسان جي سياري جي وڏي حصي تي اڃا به ظالمن جو راڄ آهي ۽ ايتري تائين جو اڪثر آزاد خيال ملڪن ۾ ڪيترائي شهري غربت، تشدد ۽ استحصالي کان ڀوڳين پيا، پر گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اها خبر آهي ته انهن مسئلن مان جان ڇڏائڻ لا اسان کي ڇا ڪرڻو آهي.

اسان کي انساني حقن جي حفاظت ڪرڻي آهي، هر ڪنهن کي ووٽ جو اختيار ڏيڻو آهي، آزاد مارڪيٽون اڏڻيون آهن، ۽ فردن، خيالن ۽ شين کي جيترو ٿي سگهي ايتري آزادي سان دنيا ۾ پهچڻ ڏيڻو آهي.

(يوول نوح هراري جي ڪتاب 21 ليسنس فار دي 21 سينچري جي پهرين باب مان ورتل ٽڪرو)    

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment