شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

پ پ پ حڪومت پيسن عيوض وفاقي حڪومت سان اسپتالن جو سودو ڪرڻ تي راضي؛ ذريعا


شام 03 لڳي 22 منٽ -اڱارو 16 جون 2020  132 

ڪليم ٻُٽ

image-1

سنڌ حڪومت پيسن عيوض وفاقي حڪومت سان هسپتالن جو سڌو ڪرڻ تي راضي ٿي وئي آهي، سنڌ حڪومت دعوا ڪئي آهي ته انهن ٽنهي اسپتالن تي سنڌ سرڪار اربين رپيا خرچ ڪيا آهن، جيڪڏهن پي ٽي آ جي وفاقي حڪومت کي اهي ٽي اسپتالون گهرجن ته پهرين انهن تي سنڌ حڪومت پاران خرچ ڪيل اربين رپيا سنڌ حڪومت کي ڀري ڏئي.

اندر جي ذريعن مان پيچرو جي انسويسٽيگيٽو ٽيم کي ڄاڻ ملي آهي ته سنڌ ۾ پ پ پ جي حڪومت دعوا ڪئي آهي ته ڪراچي جي جناح اسپتال، اين آءِ سي وي ڊي ۽ اين آءِ سي ايڇ تي هن وقت تائين اربين رُپيا خرچ ڪيا آهن، وفاق اپستالن تي ڪنٽرول ڪرڻ کان اڳ سنڌ حڪومت کي اهي پيسا ڀري ڏئي ته پ پ پ حڪومت کين اسپتالون جو ڪنٽرول ڏئي ڇڏيندي.

ان حوالي سان سنڌ ۾ پ پ پ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب موقف ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نٿو اچي وفاق کي ڪهڙي تڪڙ هئي جو موڪل واري ڏينهن اسپتالن جو اختيار سنڀالڻ وارو نوٽيفيڪشن ڪڍي ڇڏئين، سندن اهڙي عمل مان اها ڳالهه صاف ظاهر آهي ته وفاقي حڪومت وبا بدران سنڌ حڪومت سان وڙهڻ گهري ٿي.

هن جو چوڻ هو ته ٻنهي حڪومتن وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ گهرجن.

ٻئي پاسي ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پ پ پ حڪومت پيسن جي عيوض سنڌ جي عوام جي صحت جي سودي بازي ڪرڻ لا به تيار آهي ۽ وفاق جي اهڙي عمل تي شدت احتجاج ۽ مذمت ڪرڻ بدران پ پ پ حڪومت اربين رپيا واپس ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پ پ پ حڪومت انهن پيسن مان ڪا وڏي ڪرپشن ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.

ٻي پاسي سماجي رابطن واري ويب سائٽن تي وفاقي حڪومت جي اهڙي عمل خلاف مختلف ٽرينڊ هلي رهيا آهن، جن ۾ پي ٽي آ حڪومت جي ان عمل کي سنڌ دشمني ڪوٺيو پيو وڃي، ان حوالي سان هڪ ٽرينڊ #savesindhhospitals پڻ هلي رهيو آهي جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ٽوئيٽ ڪيو، هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڄاڻايو ته؛

”سندن ستن سالن جي حڪومت ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ به نئي اسپتال نه اڏرائي آهي، جڏهن ته هاڻي وري پ پ پ جي اڏرايل عالمي سطح جي اسپتالن تي قبضي ڪرڻ جي تياري ۾ آهي.“

اهڙي ريت سينٽر شيري رحمان سينٽ ۾ تقرير ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جون نظرون سنڌ حڪومت جي اڏريل اسپتالن تي آهن. سماجي رابطن وارين ويب سائٽن تي اها پڻ دعوا ٿي رهي آهي ته عمران خان ۽ سندس چور ٽولي جون نظرون سنڌ جي بهترين اسپتالن تي آهن جن ۾ نه رڳو پوري پاڪستان جا ماڻهو سستو علاج ڪرائڻ اچن ٿا پر ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو به انهن اسپتالن ۾ علاج لا اچن ٿا.

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment