شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

وائرس کان به خطرناڪ پبجي راند


شام 07 لڳي 03 منٽ -خميس 11 جون 2020  111 

ريحان علي ٻٻر

image-1

جديد دنيا جي شروعات ٽيڪنالاجي ۽ سافٽ ويئرز کان ٿي. انهن ٻنهي شين عام زندگيءَ کي سڪون ۽ سهولتون بخشيون. سراسري طور اهي فائديمند ثابت ٿيون. وري ٻي نگاهه سان ڏسجي ته اهي غلط استعمال ڪرڻ سان نقصانڪار ثابت ٿيون. انساني دماغ کي سڪون ۽ آرام بخشڻ لاءِ ڪجھه مثبت وڊيو گيمز ٺاهيون ويون. جن جو مقصد انساني سوچ جا دائرا وسيع ڪرڻ، مشڪلاتن سان مهاڏو اٽڪائڻ کان قاصر نه ٿيڻ ۽ ذهني سگهھ جو وڌاءُ ڪرڻ آهي. پوءِ انهن جو مثال حقيقت کان هٽي منفي ۽ زندگي جي انت آڻڻ تائين پهتو.

تازو 2016ع ۾ هڪڙي وڊيو گيم Blue whale نالي سان ٺاهي وئي. اها راند وڏي انگ ۾ کيڏي وئي. ان جي ڪري دنيا مان 130 ماڻهن لڳ ڀڳ خودڪشيون ڪيون. ان راند جا رائونڊ مختصر هئا، يعني موت جو مدو ڪجھه ڏينهن تائين هو. آخرڪار ان راند تي بندش لاڳو ڪئي وئي ۽ ان جي ٺاهيندڙ کي جيل ۾ واڙيو ويو.

پر تباهي برپا ڪندڙ جي دماغ ۾ لازمي هن نموني جو خيال آيو هوندو، نانگ به مري ۽ لٺ به نه ڀڄي. يعني زندگيءَ جو انت ايترو جلدي نه اچي. ان انت جو سفر طويل هجي ۽ ان سفر سان گڏ ٻيو به سڀڪجھه فنا ٿي وڃي، پوءِ موت جي ور چڙهجي. آخرڪار اهو خواب 23 مارچ 2017ع ۾ برينڊن گرين Brendan Greene پبجي Pubg وڊيو گيم ٺاهي پورو ڪيو. ان راند سان خودڪشيون ته ناهن ٿيون، پر واپرائيندڙ مختلف رُخن ۾ قيد آهن. گيم جاري ٿيندي ئي، پوري دنيا ۾ عام ٿي وئي. گذريل ٻن سالن 2018ع ۽ 2019ع جي وچ ۾ هن گيم کي کيڏندڙن جو انگ، دنيا مان 555 ملين کان مٿي هو. جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڀارت جا کيڏندڙ هئا، جن جو انگ تقريبن 116 ملين کان مٿي هو. ان کانسواءِ چين، آمريڪا، پاڪستان ۽ بنگلاديش وغيره جو انگ به وڌيڪ هو.

هلندڙ سال جي آمد ڪورونا وائرس کان ٿي، جنهن سبب لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو. ان لاڪ ڊائون دوران هن گيم جي کيڏندڙن جو انگ عروج تي پهتو آهي، جن ۾ ننڍڙا توڙي وڏا ڦاٿل آهن. هن گيم ماڻهن مزو ته گهڻو ماڻيو آهي، پر گيم تباهي جا زلزلا برپا ڪيا آهن. هن راند ذهني توڙي جسماني صحت تي وڏو خلل پيدا ڪيو آهي. راند کي حد کان وڌيڪ کيڏڻ سان انساني روين ۽ ڪردارن ۾ تبديلي ايندي آهي. جيڪا وحشت اجاگر ڪندي آهي. راند کي جنگ جي ميدان سان سڃاتو ويندو آهي. جنهن جو مقصد صرف ٻين کي مارڻ ۽ وڙهڻ جو هوندو آهي.

راند جي شروعات ۾ رانديگر بنا هٿيارن جي نڪرندو آهي. ٻين کي ماري انهن جا هٿيار کسيندو آهي. آهستي آهستي اها وحشت دماغي اسڪرين تي عام زندگيءَ ۾ جهلڪيون ڏيکارڻ شروع ڪندي آهي. جيڪا حقيقت اختيار ڪري، خطرناڪ ثابت ٿيندي آهي. مون مٿي ذڪر ڪيو آهي، ان راند جا کيڏندڙڻ ڀارت ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن. ائين وحشت جو پهريون ڏيک به ڀارت دهلي کان شروع ٿيندو آهي. 19هين سالن جو نوجوان پنهنجي سموري خاندان کي ڇرا هڻي قتل جو رنگ ڏنو.

هن راند کي گهڻو کيڏڻ سان انسان اصل زندگيءَ جو سفر وساري ويهندو آهي. شاگرد پنهنجي پڙهائي کان باغي ٿي ويندا آهن ۽ وڏا پنهنجن حقيقي ڪمن کان باغي ٿي ويندا آهن. بعد ۾ اهي ڊپريشن ۽ انگزائٽي جا شڪار ٿيندا آهن. جنهن سبب اهي آرام ڪرڻ کان محروم ٿي ويندا آهن ۽ گڏوگڏ ذهني سڪون کان آجا ٿي ويندا آهن. گهڻي وقت هڪڙي جڳھه تي راند کيڏڻ سان انساني صحت تي اثر پوندو آهي. جن ۾ سُستي واري حالت پيدا ٿيندي آهي. نيٺ جسم ۾ رت واري عمل ۾ سخت مادو ٺهي ويندو آهي جن کيThrombosis  چوندا آهيون. هن راند کي حد کان وڌيڪ واپرائڻ سان موبائل يا ڪمپيوٽر جي اسڪرين مان خارج ٿيندڙ مقناطيسي شعاع اکين تي اثر انداز ٿيندا آهن. جنهن سبب کيڏندڙ جي مٿي ۾ شخت سور برقرار رهندو آهي. ان کان به وڌيڪ واپرائڻ سان مختلف دماغي بيماريون پيدا ٿينديون آهن. جن ۾ ڪينسر اوليت حاصل ڪئي آهي. ڀارت ۾ هڪڙو ٻيو ڪيس ظاهر ٿيندو آهي. 25هين سالن جي نوجوان کي دماغي بيماري  Intracerebral hemorrhage  يعني ICH نالي لڳندي آهي. جنهن سبب نوجوان اجل جو شڪار ٿي ويو.

 راند سبب ڪافي نوجوان خراب ٿي ويا آهن، مختلف ٽيمون گڏ ڪري ٽورنامينٽ مقابلا ڪندا آهن. جنهن سبب منشيات جو واپرائڻ عام ٿي ويندو آهي، گڏوگڏ خراب ٻولي استعمال ڪرڻ لڳندا آهن. سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ نشانيون، اهڙن رانديگرن مان مليون آهن جن جي هٿن جون آڱريون هڪ طرفي حرڪت ڪرڻ جي ڪري ڦِري ويون آهن. گڏوگڏ ڪنهن حد تائين ڪرنگهي جي هڏيءَ ۾ به ڪافي تبديلي آئي آهي. يعني رانديگر جي ڪنڌ وارو ۽ پٺي وارو حصو مُڙي ويندو آهي. هي راند صحت لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي آهي.

ان کانسواءِ دنيا جا تعليمي ادارا بند آهن، ٻيو هن راند جا واپرائيندڙ شاگرد وڏي انگ ۾ ملي رهيا آهن. ان ڪري دنيا توڙي ملڪي لٽريسي ريٽ کي، ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. اها راند انساني رت پيئندڙ حيوانيت اختيار ڪري چڪي آهي. جيڪا وائرس کان به خطرناڪ آهي. تازو اهي سڀئي حالتون ڏسندي لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي کان مڪمل رپورٽ طلب ڪرڻ جو چيو آهي. ان جو وڏو موقف اهو آهي ته هي راند شدت اختيار ڪري وئي آهي. ۽ گڏوگڏ منفي اثر وجهي رهي آهي. اميد آهي هن خطرناڪ راند تي جلد پابندي لڳائي ويندي. اسان جي نوجوانن کي گهرجي ته پنهنجو قيمتي وقت ڪتابن کي ارپين جنهن سان شعور توڙي هر حوالي جي سگھه وڌندي.

 

پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment