شعور ۽ سجاڳي جو پيچرو

اڱارو - 14 - جولاءِ - 2020ع

بااثر شخص جو سوئچز انتظاميا کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ گٿا لفظ ڳالهائڻ وارو آڊيو ڪلپ منظر تي اچي ويو


شام 01 لڳي 53 منٽ -جمعو 29 مئي 2020  227 

پيچرو ٽيم

image-1

سنڌ يونيورسٽي جي رهائشي سوسائٽي ۾ رهندڙ بااثر شخصيت سردار حاڪم خان نوحاڻي جي سنڌ يونيورسٽي سوسائٽي انتظاميا کي ڌمڪيون ڏيڻ ۽ سوسائٽي جي سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارو آڊيو ڪلپ منظر عام تي اچي ويو. لڳ ڀڳ پنڌرهن منٽن جي ان ڪلپ ۾ سوسائٽي جي پلاٽ تي غير قانوني طور ٻه ڪمرا ٺهرائڻ ۽ اڳوڻين انتظاميا کي پيسا ڏي پاڻي جون لائنون هڻائڻ جو پڻ اعتراف ڪيو آهي.

ان آڊيو ڪلپ ۾ سردار حاڪم خان نوحاڻي کي اهو چوندي صاف طور ٻڌي سگهجي ٿو ته هو پراڻين ايڊمنسٽريشن جو حمايتي رھيو آھي انھن کي ھن پئسا ڏئي پاڻي جون لائينون ھڻايون آھن. وڌيڪ اهو ته سوسائٽي جي زمين تي قبضو ڪري ھن اوطاق ٺھرائي آھي جتي ھو قبضي جي بلڊنگ ۾ سندس راڄ ڀاڳ جا فيصلا ڪري ٿو، انهي ڪلپ جي آخري حصي ۾ هو سوسائٽي جي سيڪريٽري پرفيسر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ ۽ سندن گهرڀاتين خلاف گٿا لفظ ڳالهائي، سوسائٽي جي چونڊيل سيڪريٽري کي چور در کان آيل ۽چونڊن کي غير قانوني چئي ٿو.

  اهڙي ڪلپ جي منظر تي اچڻ کان پو سنڌ يونيورسٽي جي رهائشي سوسائٽي جي سيڪريٽري پرفيسر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ سندس بيان جاري ڪندي چيو ته پاڻ کي سردار سڏرائيندڙ حاڪم  نوحاڻي سوئچز جو ميمبر ناهي پر هو هڪ ڊفالٽر، قبضه گير ۽ زمينون ڦٻائيندڙ شخص آهي جيڪو سوئچز جي زمينن تي قبضا، پاڻيءَ جي غير قانوني ڪنيڪشن ۽ پاڻي جي چوري جهڙين وارداتن ۾ شامل آهي. هن جو ڌيڪ چوڻ هو ته هو دادو ضلعي جو مشھور  ڏوهاري آھي. جنھن ڪرمنل طبقي جي ماڻھن  جي پشت پناھي ذريعي  سوئچز ۾ پاٿاري قائم  ڪئي آھي جتان سوئچز ۽ ڀر پاسي  وارن علائقن مان چوري جي مال ذريعي  پنهنجو ۽ پنھجي چورن  جو پيٽ ڀري ٿو. ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته حاڪم خان سوئچز جي زمين  تي قبضو ڪري گهٽين ۾ ڀتيون  ڏئي  اتي مال جا واڙا کوليا آھن، جڏھن سوئچز MC ھن کي   ان داداگيري کان روڪي ٿي تہ ھو پنھجا لچ بڇي ٿو تہ جئين MC ڊڄي وڃي ۽ ھن جي ٽولي جو راڄ قائم رکڻ ڏئي.  هن چيو ته ٽي چار مھينا  اڳ ھن جي ماڻھن  يعني دادن نوحاڻي ۽ ان جي ڇوڪرن سوئچز جي هڪ ملازم کي نہ رڳو مار ڪٽ  ڪئي ھئي پر پو مورڳو FIR وري سوئچز جي ان وقت جي سيڪريٽري عثمان ٻٽ تي ڪٽائي آيا ھئا.  اسان ان وقت به پنھنجي تعليم جو ڀرم رکندي زھر جو ڍڪ ڀريو ۽ خاموش رھياسين جنھنجو شايد مطلب اھو ورتو ويو تہ تعليم يافته ماڻھو ڪمزور ٿيندا آھن.

  ان حوالي سان پيچرو ٽيم کي وڌيڪ ثبوت مليا آهن جن ۾ حاڪم خان نوحاڻي جي سوسائٽي جي پلاٽن تي قبضا ۽ رشوت ڏئي پاڻي جا ڪوڙا ڪنيڪشن هڻائڻ جا دستاويزا ثبوت موجود آهن. انهن مان خبر پئي ٿي ته قبضو گهٽ ۾ گهٽ ٻارھن سو اسڪائر گزن تي ڦيليل آھي.

اهڙي ريت سماجي رابطن واري ويب سائٽن تي حاڪم خان نوحاڻي جي ساٿين ۽ دوستن مير تابش پهنور ۽ ٻين پاران اڳوڻي سيڪريٽري محمد عثمان ٻٽ ۽ موجوده سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ کي پڻ ڌمڪيون ملي رهيون آهن.


پنهنجي راءِ ڏيو

Please enter your name
Please enter your Email
Please type your comment